صاحب خان ڀٽي
ايڪويهين صديءَ ۾ اسان ڇا حاصل ڪيو ۽
ڇا وڃايو؟،جيڪڏهن ان بابت جائزو وٺنداسين ته
پوءِ اسان کي گهڻين مشڪلاتن کي
منهن ڏيڻو نه پوندو . جيڪڏهن ماضي جو جائزو وٺنداسين ته سنڌ ۾ ڪيترائي اسڪالر،
شاعر ۽ اديب آيا جن علم پکيڙڻ جي لاءِ زور ڀريو ۽ اهي ڪهڙيون شخصيتون هيون جن سنڌ
۾ تعليمي ادارا کولرايا ته جئين سنڌ جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري پنهنجي ڌرتي لاءِ
پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي جو نالي سڀ کان پهرين هوندو. افسوس
جو سنڌ ۾ جاگيرداراڻي ۽ وڏيراڻي نظام تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل
آهن، جنهن سبب ڪيترائي ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن. ماضي ۾ وڏيرا
پنهنجي وڏيرائپ برقرار رکڻ لاءِ اسڪول کولرائڻ نه ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته جيڪڏهن غريب جو ٻار پڙهي پيو
ته سندن حڪم ڪير مڃيندو، جنهن سبب اهي تعليمي ادارن جي سخت مخالفت ڪندا هئا. جيڪڏهن
ڪو انهن خلاف آواز اٿاري انقلاب جي ڳالهه ڪندو آهي ته انقلاب جو نالو وٺندي ئي اسان جي
ذهنن ۾ مار ڌاڙ، خون خرابي ۽ هر شيءِ کي مٽائي نئين اڏاوت جو تصور ذهن ۾ ڦري ايندو
هو. حالانڪه ڳالهه ايئن ڪونهي. اسان وٽ انقلاب جي عمل جي باري ۾ گهڻين غلط فهمين
ماڻهن کي ان کان ٽهائي رکيو آهي ۽ ان ٽاهه جي تسلسل هاڻي ته ماڻهن جي ذهن تان ان
جو تصور به گهڻي قدر ميساري ڇڏيو آهي. حقيقت هي آهي ته انقلاب پنهنجي مخصوص عملي دائري
سبب پنهنجي نوعيت ۾ هڪٻئي کان الڳ رهندا آيا آهن سياسي، اقتصادي، سماجي، تعليمي،
سائنسي، فڪري ۽ ذهني انقلاب وغيره. اهو تصور بلڪل غلط آهي ته ڪنهن به قسم جو
انقلاب پوين سڀني شين کي بلڪل ڊاهي ڇڏيندو آهي ، بلڪه ٿيندو ايئن آهي ته جيڪي شيون
به انقلاب ۾ ڊهڻ جهڙيون هونديون آهن انقلاب انهن کي ڊاهيندو آهي ۽ جيڪي شيون
انقلاب جي ان عمل ۾ رڪاوٽ نه ٿيون بڻجن يا ايندڙ تبديليءَ لاءِ ڪي به ناڪاري اثر
نٿيون رکن ته انهن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويندو آهي. انساني تخليق جي هيڏي شرف
واري تصور ۾ انسان سان جيڪي رويا اختيار ٿين ٿا تنهن جي مثالي شڪل خاص ڪري صوفين
جي تعليم سڄي انساني دنيا تي بي مثال اثر ڇڏيا آهن. مغربي تهذيب جي ڪيترين به
خوبين کي سامهون رکو ليڪن هيءَ مڃيل حقيقت آهي ته انساني شرف ۽ انسان لاءِ ابديت
واري زندگيءَ جي تصور جي ڪمي ان تهذيب کي پاڻ الائي ڪيترين مشڪلاتن مان گذاريو ۽
پريشان ڪيو آهي. مان اها ڳالهه وثوق سان چوان ٿو ته اتان جي سوسائٽي انساني مسئلن
۾ هتان کان وڌيڪ تجربن مان گذري آهي، ليڪن انهن سڀني تجربن جي نتيجي ۾ هو زندگي
گهارڻ جا رڳو ميڪانڪي طريقا سولا بڻائي سگهيا آهن هاڻ اهو دور ته ڪافي حد تائين گذري چڪو آهي اڄ
سنڌ جا هزاري توڙي لکين نوجوان پڙهيل لکيل آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪم ڪري
رهيا آهن. هاڻ سنڌ ۾ شعور اچي چڪو آهي جنهن سبب نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ لاءِ
ڪوششون ورتيون پيون وڃن پر افسوس جو 1973ع کان پوءِ جنهن طريقي سان سنڌ جي راجڌاني
شهر ڪراچي ۾ سنڌين کي ننڍڻڪو ڪيو ويو آهي ان جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي. جن
پناهگيرن 1973ع کانپوءِ سنڌ ۾ پناهه ورتي اهي اڄ مختلف حربن سان سنڌ جي راجڌاني
ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازشن ۾ رڌل آهن. اهي مختلف طريقن سان سنڌين کي ڪراچي مان
ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڪڏهن سنڌي ڳوٺ ڊاٿا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري سنڌي وسندين
تي حملا ڪري انهن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو، ته وري ڪڏهن ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي
شاگردن تي پابندي لڳائي وڃي ٿي. پر افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته حڪومت سڀ ڪجهه خبر
هوندي به اڻڄاڻ بڻيل آهي. انهن جو مقصد ڇا آهي انهن کان سڀ واقف آهن. حڪومت سنڌين
جي هوندي به اهي لساني ڌريون ايتريون ته طاقتور آهن جو اهي پنهنجي مرضي جا فيصلا
هلائي رهيون آهن. ماضي ۾ انهن ڌرين نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته ڪنهن به سنڌي شاگرد
کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا نه ڏني ويندي جنهن تي قومپرست ڌريون روڊن تي
نڪري آيون هيون پر ان باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو هو. احتجاج باوجود سنڌ حڪومت ۾
ويٺل ڪامورن جي ڪن تي جونءَ ب نه چري هئي. سنڌين جي ووٽ تي ڪامياب ٿيل ڪامورن
ايتري به زحمت نه ڪئي ته سنڌي شاگردن کي انصاف ڏيارجي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان
ڪراچي کي سنڌ کان الڳ تصور ڪيو پيو وڃي پر انهن جو اهو خواب سندن مرڻ گهڙي تائين پورو
نه ٿيندو. ماضي ۾ اهي ڌريون سڌي طرح سنڌي شاگردن جي داخلائن تي پابندي لڳائينديون
هيون پر هاڻهن انهن طريقو ٿورو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو ويو آهي
ته ٻيو وري ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻين ڪاليجن جي ڊگري کي مڃڻ کان انڪار ڪيو
ويو آهي. ٻين ضلعن جا شاگرد جڏهن ڊگريون کڻي ڪراچي جي تعليم ادارن ۾ پهچن ٿا ته
انهن کي اهو چئي واپس موڪليو وڃي ٿو ته ان ڪاليج جي ڊگري نه مڃي ويندي. 2015-2016
ع جي داخلائن لاءِ سنڌ جي ٻهراڙين سان
تعلق رکندڙ شاگردن کي اهو چئي واپس موٽايو ويو ته انهن ڪاليجن جي ڊگرين کي قبول نه
ڪيو ويندو. ڪيترن ئي شاگردن کي مختلف بهانه ڪري فارم ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.
ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ تعصب پرست رويي سبب سنڌي شاگردن جو مستقبل داءُ تي
لڳل آهي، ڪو به ڪامورو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن
۾ پڙهندڙ شاگردن پاران اهو انڪشاف ڪيو ويو
آهي ته سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ويو آهي.شاگرد تنظيمن کان ليڪچرار ۽ استاد به بچي
ناهن سگهيا، حال ۾ ئي اردو يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي سنڌي استادن کي برطرف ڪيو ويو آهي
پر ان جو به تعليم واري سيڪريٽري توڙي سنڌ حڪومت ۾ و يٺل وزيرن ڪو نوٽيس ناهي
ورتو. ڪجهه شاگردن وٽان اها به خبر پئي اهي ته سندن انٽري ٽيسٽ مارڪون گهٽ ڪري کين
پاس ناهي ڪيو ويو. يونيورسٽي ۾ پڙهندڙن شاگردن پاران به اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته
کين هرو ڀرو امتحانن فيل ڪيو ويندو آهي ته جئين هو پاس نه ٿي سگهن. ماضي ۾ سنڌ
دشمن سنڌي شاگردن جي ڪراچي ۾ داخلائن تي سرعام پابندي لڳائيندا هئا پر اڄڪلهه هو
اڻ سڌي ريت لڳائي رهيا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ويٺل وي سي کان
وٺي پٽيوالي تائين اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪي سنڌين کي برداشت ناهن
ڪندا. اهو ئي سبب آهي جو يونيورسٽين ۾
سنڌي شاگردن سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خانگي ٽي وي چينل تي هڪ قومپرست چيو هو ته سنڌي شاگردن کي
ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه پيون ڏنيون وڃن، جيڪي وڏي زيادتي آهي، ته ان
جي جواب ۾ تعصب پرست اينڪر چيو هو ته ڪراچي ۾ جيڪي رهن ٿا انهن جو ئي حق آهي، انهن
کي داخلائون ڏنيون وينديون، باقي سنڌي شاگرد ٻين شهرن ۾ وڃي پڙهن. شايد ان اينڪر
کي اها خبر نه هئي ته لکين سنڌي ڪراچي ۾ رهن ٿا جن جو ٻارڙن جو به حق آهي ته ڪراچي
جي تعليمي ادارن ۾ پڙهن. پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان ته پوءِ اسان ڀلي
ڪيتريون به رڙيون ڪيون پر ڪو به کڙ تيل نه نڪرندو. ڇو جو اسان جن ماڻهن کي ووٽ ڏئي
ڪامياب ڪندا آهيون اهي ئي نٿا چاهين ته سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾
داخلائون ملن. جس آهي انهن سنڌي دوستن کي جيڪي ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلائن لاءِ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ويهي سنڌي
نوجوانن کي داخلائون وٺڻ جون هدايتون ڪري رهيا آهن. انهن جون ڪوششون رنگ لائينديون
۽ هڪ ڏينهن سنڌ دشمنن جا منهن ڪارا ٿي ويندا. انهن دوستن جون ننڍڙيون ڪوششن جيتري
ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي ڇو جو انهن جو مقصد سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن
۾ داخلائون ڏيارڻ آهي. جنهن ۾ اهي ڏينهون ڏينهن ڪامياب ٿي رهيا آهن. ڪراچي
يونيورسٽي، فيڊرل اردو يونيورسٽي، دائو يونيورسٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾
افغاني، بنگالي، پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻين قومن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي آساني سان
داخلا ملي ٿي وڃي پر سنڌين کي تمام گهڻي مشڪل بعد داخلا کان محروم رکيو وڃي ٿو.
مون کي حيراني ان ڳالهه جي آهي ته
ڪيترائي ماڻهو اهو چوندا آهن ته ڪراچي ۾ ڪاپي ڪلچر ناهي ۽ هتان جو ڪو به شاگرد
ڪاپي ناهي ڪندو، مڃون ٿا ته سنڌ جي ٻهراڙين نقل ٿيندي هجي پر حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾
اهي غير سنڌي جن کي سنڌي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ به نه ايندي آهي ته پوءِ اهي آسان سنڌي
۾ ڪئين پاس ٿي ويندا آهن؟. جن کي الف، ب سنڌي ۾ پڙهڻ ڏانهن ناهي ايندي، پرائمري
کان هاءِ سيڪنڊري تائين اهي آسان سنڌي سبجيڪٽ ڪئين پاس ٿيندا آهن ؟ ان جو جواب به
شايد ڪڏهن نه ملي سگهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته تعصب پرست استاد انهن کي پنهنجي
قوم جو سمجهي پاس ٿا ڪري ڇڏين يا وري انهن پٺيان به انهن لساني ڌرين جو هٿ آهي ته
جئين اهي سنڌي پڙهي ۽ لکي نه سگهن. اهو ئي سبب آهي 1947ع کان وٺي سنڌ ۾ رهندڙ غير سنڌي اڄ تائين سنڌي ناهن سکي سگهيا. ڇاڪاڻ
ته اسان جي حڪومت به سنجيده نه آهي جيڪڏهن اسڪولن ۾ سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ لازمي آهي
ته پوءِ ان تي عمل ڇو نه پيو ڪرايو وڃي؟، اهڙو ڪهڙو سبب آهي جو سنڌي سبجيڪٽ لازمي
هجڻ باوجود ڪراچي ۾ سنڌي سبجيڪٽ نه پيو پڙهايو وڃي. انهن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن
خلاف تعليم واري سيڪريٽري ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟. ڇا وزير صرف ڊرائيونگ روم جي
سياست ڪرڻ ۾ رڌل هوندا يا ڪڏهن سنڌين سان
ٿيندڙ ويڌن تي آواز به اٿاريندا.
No comments:
Post a Comment