Pages

Thursday 17 December 2015

مرزا جي ڪاميابي، سنڌ ۾ تبديلي جي شروعات

صاحب خان ڀٽي

مڪاني چونڊن جي اعلان بعد سنڌ اندر جئين ته خوشي جي لهر پکڙجي وئي هئي هر طرف مختلف پارٽين جا اميدوار ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ووٽرن کان ووٽن لاءِ ايلاز ڪري رهيا هئا ته ڪن هنڌن تي اڳواڻن  دهلن شرنائن سان ريليون ڪڍي ورڪرن ۾ مٺايون به ورهايون. پهرين مرحلي ۾ ته پيپلزپارٽي جا اميدوار ايترو ورڪ ڪندي نظر نه پئي آيا شايد انهن کي اها پڪ هئي ته ڪاميابي سندن مقدر آهي ڇو ته هو تير جي ٽڪٽ تي نامزد ٿيل هئا. پرجڏهن درازا واقعو پيش آيو ۽ 12 معصوم شهرين جون جانيون ضايع ٿيون ته پيپلزپارٽي کي اهو محسوس ٿيو ته شايد ٻئي مرحلي ۾ کين ناڪامي کي منهن ڏسڻو پئي ۽ مجبورن بلاول ڀٽو کي به ميدان تي لهڻو پيو. بلاول ڀٽو زرداري  بدين ۽ ٺٽي جو دورو ڪيو ۽ ريلي به ڪڍي.  ان مهل ميڊيا تي ائين پئي لڳو ته شايد بدين ۾ پيپلزپارٽي سوئيپ ڪري ويندي  پر ان جي ابتڙ ٿيو. ورڪ دوران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ريلي  تي فائرنگ به ڪئي وئي. اهڙي واقعي بعد رينجرز ڪارروائي ڪري حڪومتي ڌر جي چئن ڄڻن کي گرفتار به ڪيو هو بعد جن کي آزاد ڪيو ويو. جئين جئين ٻئي مرحلي جو وقت ويجهو ايندو پئي آيو تئين تئين پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۾ بي چيني جي لهر پکڙجندي پئي وڃي. نيٺ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻين مختلف ضلعن جا پ پ اڳواڻ  اچي بدين پهتا ۽ اليڪشن ڏهاڙي تي مرزا گروپ ۽ پ پ جي اڳواڻن ۾ منهن ماري به ٿي. ووٽنگ جي ڳڻپ بعد جڏهن خبر پئي ته بدين ۾ ذوالفقار مرزا گروپ 14 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي آهي ته يقين نه پيو اچي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيس ته هن ڀيري تير جو نشانو ڇو گسي ويو؟  لڳي ائين پيو ته هاڻ تير جو ڪمان شايد صحيح نشاني باز وٽ نه آهي. جنهن سبب بدين ۾ پيپلزپارٽي کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي. بک هجي بدحالي، سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه  هجي يا ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ وارن فيصلن  جي سنڌي عوام  جو اهو ئي فيصلو هوندو هو  ته ووٽ تير جو . جڏهن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مفاهمت جي نالي سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪيو  هو ته سنڌي قوم سجاڳ ٿي سخت رد عمل بعد  مجبورن پيپلزپارٽي کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. ماضي جي پيپلزپارٽي جي 5 سالن جي حڪومتي دور کي ته ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ڇو ته پيپلزپارٽي جي ان پنجن سالن ۾ ڪيترن معصوم شهرين جون جانيون ضايع ٿيون، ڀتاخوري عروج تي رهي، هر طرف خوف جي فضا قائم هئي. عوام امن کي ته بلڪل ويساري ويٺا هئا. جڏهن ڪو شخص گهر کان ٻاهر نڪرندو هو ته کيس اها خبر نه هوندي هئي ته  هو واپس  گهر موٽندو يا نه ؟ ايترو جو سنڌ کي ٽوڙي الڳ صوبي ٺاهن جي چاڪنگ به سرعام ڪئي وئي ۽ ان وقت به پيپلزپارٽي جا اڳواڻ خاموش تماشائي بڻيل رهيا ۽ اهو چوندا رهيا ته مفاهمت جو عمل جاري رکيو ويندو. ڪراچي ۾  سرڪاري ادارن ڪم ڪندڙ ملازمن کي نه بخشيو ويو انهن کي هڪ سياسي تنظيم جي دهشتگردن طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون ته ڪراچي کان هليا وڃو هي ڪراچي صرف ان جي آهي. ان وقت به زرداري صاحب جو اهو ئي بيان هو ته مفاهمت جو عمل جاري رکبو. مفاهمت جي نالي ته هزارين شهرين ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جون حياتيون کسيون ويون. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  جي جڏهن به پريس ڪانفرنس ٿيندي هئي يڪدم هڙتال ٿي ويندي هئي، سڄو ڪراچي شهر ويران بڻجي ويندو هو روڊ رستا سنسان ٿي ويندا هئا ڪو به شخص روڊن تي نظر نه ايندو هو. هر طرف گولين جو آواز ٻڌڻ ايندو هو. سيڪيورٽي اهلڪار ته روڊن تي نظر ئي نه ايندا هئا. بسن، ڪارن ۽ رڪشن ۽ موٽرسائيڪلن کي باهيون ڏنيون وينديون هيون. اهي منظر فلسطين کان گهٽ نه هوندا. ڪراچي جون حالتون فلسطين کان خراب لڳنديون هيون.  جئين فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو ائين ڪراچي ۾ ٿي رهيو هو.  ان وقت پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  ڪنهن پارٽي خلاف ڳالهايو ته کيس  ايڪسڪيوز  چوڻ لاءِ چيو ويو پر ڊاڪٽر ذولفقار مرزا غيرت مند هيو ان انهن کان معافي وٺڻ کان انڪار ڪندي مهاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو. ذوالفقار مرزا ان پارٽي سان مهاڏو اٽڪايو جنهن بابت ڳالهائڻ ناممڪن هيو. هن ميڊيا تي ويهي انهن کي للڪاريو ايتري جرئت انهن وٽ به نه هئي جيڪي پاڻ کي سنڌ ڌرتي جو محافظ سڏرائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته هو سنڌر ڌرتي  جو دفاع ڪندا. ڊاڪٽر ذوالفقار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته زرداري ۽ هڪ سياسي جماعت سنڌ کي ٽوڙڻ چاهي ٿي سندس ان بيان کي ڪنهن به سنجيدگي سان نه ورتو، جيتوڻيڪ قومپرست ڌرين پاران  اهو چيو ويو هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو پر ڊاڪٽر ذالفقار مرزا چيو هو ته پنهنجي ڌرتي کي ڪنهن به صورت ۾ ٻه اڌ ڪرڻ نه ڏيندو ۽ هو اڪيلي سر  ان راهه تي هلڻ شروع ٿي ويو. ان دوران پيپلزپارٽي جي اڳواڻن به سندس خلاف تمام گهٽ وڌ ڳالهايو هو پر هو چوندو هو ته پيپلزپارٽي جا  ڪجهه ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ساڻس گڏ آهن.  
هاڻ جڏهن چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پيپلزپارٽي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان عبرتناڪ شڪست کاڌي آهي ته اهو واويلو ڪيو پيو وڃي ته ڌانڌلي ٿي آهي اهو ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي ته  جنهن جماعت جي حڪومت هجي، جنهن جي اشاري تي هر ڪم ٿئي ته ان وقت عام ماڻهو ڪهڙي نموني سان ڌانڌلي ڪري سگهي ٿو.  ڪجهه سياستدانن جو اهو به چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جو ڌانڌلي وارو الزام مزا ق آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار گذريل ڏينهن هڪ نجي ٽي وي چينل تي انٽرويو دوران چيو ته آصف زرداري کان الڳ ٿيڻ کان سڀ کان وڏو سبب الطاف حسين هو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو لڪي چاڪنگ ڪندا هئا ته سنڌ کي ٽوڙي مهاجر صوبو ٺاهيو هو هاڻ وائکا ٿي چڪا آهن ۽ اهي هاڻ سر عام چون ٿا ته سنڌ کي ٽوڙيندا.  پ پ جي اڳواڻ پير مظهر الحق چيو هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪوڙو قرآن کنيو آهي ۽  اهو جيڪو به ڳالهائي رهيو آهي اهو ڪوڙ آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار ڪوڙو هو  ۽ سندس بيان به غلط هو ته پوءِ جيڪي به مرزا لفظ ڳالهايا اهي سچ ڪئين نڪتا. ذوالفقار مرزا چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٽوڙڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ اهي جنهن ۾ سندس جماعت به ڀاڱي ڀائيوار آهي.  هو اهو به چوندو هو ته جڏهن به ڪنهن ٽارگيٽ ڪلر کي پڪڙيو وڃي ٿو زرداري جي مداخلت ان کي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار جي اهڙن انڪشافن بعد پيپلزپارٽي ۽ مرزا ويڇا وڌي ويا هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين وڌندا پيا وڃن . هاڻ ته ڊاڪٽر ذوالفقار پارٽي ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو آهي. هن اهو اعلان به ڪيو ته هو جلد پارٽي جي رجسٽريشن به ڪارائيدا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو به چيو ته  سندن جهيڙو پيپلزپارٽي سان نه پر زرداري گينگ سان آهي.  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صوبائي گهرو وزار تي ته ٿورو عرصو رهيو پر جيڪي هن مواد گڏ ڪيو اهو لڳي پيو ته ڏينهن رات هڪ ڪري گڏ ڪيو هوندو. مرزا جي ثبوتن آڏو ته سيڪيورٽي ادارن به هار مڃي ڇڏي ڇو ته انهن کي گرفتار ڪرڻ ته حڪومت جي وس ۾ نه هو. ثبوت  هجڻ باوجود طاقتور ڌرين جا عملدار اهي چوندا رهيا ته مرزا ثبوت ته ڏنا آهن جن تي هو غور ڪري رهيا آهن. مرزا نجي ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته آصف علي زرداري ملير جي سپر هاءِ وي تي 50 هزار ايڪڙ زمين ملڪ رياض کي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪئي آهي.آصف علي زرداري ڪراچي ڪنسٽرڪشن جو بزنس ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ايم ڪيو ايم جي اجازت کانسواءِ ناممڪن آهي. جنهن سبب هو ان جماعت سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿو چاهي. مرزا جي اهڙن بيان باوجود جيڪڏهن سنڌي قوم فيصلو نه ڪيو ته پوءِ  سنڌ جي مقدر کي ڪير به بدلائي نه ٿو سگهي.

جس لهڻي بدين جو عوام جنهن هن ڀيري سجاڳ ٿي پيپلزپارٽي مخالف اميدوارن کي ووٽ ڏنو. جيڪي سنڌ اندر وڏي تبديلي آهي. عمران خان جيڪو ڪيتري ئي عرصي کان تبديلي جو نعرو هڻندو رهيو آهي پر هو ملڪ ۾ ته تبديلي ناهي آڻي سگهيو پر سندس زندگي ۾ تبديلي ضرور  آئي آهي.جيڪو ڪم عمران خان کي ڪرڻو هو اهو ڪم بدين جي بهادر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪري ڏيکاريو آهي.  مرزا جي ڪاميابي تي قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته بدين جي عوام پنهنجو فيصلو ڏنو آهي ۽ ڌانڌلي ناهي ٿي. هڪ طرف پيپلزپارٽي جا اميدوار ڌانڌلي جو راڳ الاپي رهيا آهن ته ٻي طرف ڪجهه اڳواڻ چونڊن کي شفاف به قرار ڏئي رهيا  آهن. مرزا جي ڪاميابي مان لڳي پيو ته سنڌ جي عوام سجاڳ ٿي رهيو آهي ۽ جلد سنڌ اندر وڏي تبديلي اچي رهي آهي. 

No comments:

Post a Comment