Pages

Saturday, 5 November 2016

وڪي ليڪس جا انڪشاف ۽ داءُ تي لڳل هيلري جو مستقبل

صاحب خان ڀٽي
8 نومبر 2016ع تي آمريڪي صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجو ووٽ اڳ ئي ڪاسٽ ڪري چڪو آهي، ڊيموڪريٽڪ جي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن ۽ ري پبلڪن جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان به هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، ٻي طرف وري وڪي ليڪس به ڌماڪيدار اعلان ڪري هيلري ڪلنٽن کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو  آهي، وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هيلري ڪلنٽن جي مدد اهي ڌريون ڪري رهيون آهن جيڪي داعش جون حامي آهن، وڪي ليڪس جي باني سعودي عرب ڏانهن به اشارو ڪيو آهي، جولين اسانج چيو آهي ته هو تمام جلد هيلري ڪلنٽن جون اي ميلز جاري ڪندو، وڪي ليڪس جي باني پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته هيلري ڪلنٽن کي فنڊنگ ڪندڙ داعش جا حامي آهن ۽ اهو به اعلان ڪيو ته هو چونڊ کان اڳ ئي اهي اي ميلز جاري ڪندو،  جنهن ۾ هيلري بابت اهم انڪشاف ٿيل آهن، بهرحال هيلري ڪلنٽن کي هن وقت آمريڪا سڀ کان وڌيڪ  اي ميلز واري معاملي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو  آهي، ڊونلڊ ٽرمپ هر جلسي ۽ تقريب ۾  اي ميلز جو ذڪر ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب هيلري ڪلنٽن جي شهريت کي به تما گهڻو ڌڪ رسيو آهي ۽ سندس مقبوليت به تمام گهڻو  گهٽجڻ لڳي آهي، پر سندس  ڪميونٽي کي گڏ  کڻي هلڻ واري علان سبب آمريڪا کيس پسند ڪيو پيو وڃي، جنهن مان اهو محسوس ٿي رهيو هو ته هاڻ هيلري ڪلنٽن ڪاروباري شخصيت ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏيڻ م۾ ڪامياب ٿي ويندي پر افسوس جو هاڻ ائين ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي  ڇاڪاڻ ته هيلري جي اي ميلز وارو معاملو ڏينهون ڏينهن ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي. هونءَ ته هيلري ڪلنٽن طور چئي چڪي آهي ته سندس دور ۾ اسامه بن لادن به ماريو ويو هو ۽ ٻين دهشتگردن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وئي هئي، هونءَ ته هيلري ڪلنٽن تي ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪيترائي الزام لڳايا ويا آهن پر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف وقتن تي هيلري جي کنيل قدمن کي تنقيد جو نشانو به بڻائيندو رهيو آهي.
ٻي طرف وري آمريڪي ڳجهن ادارن اهو خدشو به ظاهر ڪيو آهي ته صدارتي چونڊکان يا وري چونڊ ڏهاڙي القاعده  آمريڪا جي ٽن شهرن ۾ حملا ڪري سگهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا جي نيويارڪ، ٽيڪساس ۽ ورجنيا شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي طرفان بيان به جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته سيڪيورٽي ادارا هر قسم جي حملي کي منهن ڏيڻ تيار آهن، هڪ طرف آمريڪا ۾ القاعده جي حملن جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف وري فائرنگ وارن واقعن ۾ به واڌ اچي وئي آهي. گذريل ڏينهن آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ڊيوٽي دوران ٻن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ پوليس اهلڪارن  حملي آور کي ماريو ڇڏيو هو، ان کان اڳ به نيويارڪ، نيو جرسي، ٽيڪساس سميت  آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ دهشتگردي جا واقعا پيش ايندا رهيا آهن، جئين جئين آمريڪي صدارتي چونڊ ويجهو اچي رهي آهي تئين تئين آمريڪا ۾ به سڪيورٽي اهلڪارن تي حملا ٿيڻ جو سلسلو تيز ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪي اختيارين جو اهو چوڻ  آهي ته هو فائرنگ وارن واقعن تي ڪنٽرو ل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن، بهرحال آمريڪي اختياريون جيڪو ڪجهه چون پر هڪ ڳالهه ته واضع ٿي چڪي آهي ته آمريڪا ۾ ڪاري نسل جا ماڻهو پوليس کان ڏاڍو نفرت ڪندا آهن ۽ ان حوالي سان آمريڪا ۾ تمام گهڻا احتجاج به ٿي چڪا آهن ۽ اهو احتجاجن جو سلسلو اڄ تائين هلندڙ آهي،
 آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ هن وقت به ڪاري نسل جي ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهنديون آهن ۽ اهو سلسلو ان وقت کان شروع ٿيو آهي جنهن ڏينهن کان هڪ ڪاري نسل جي نوجوان کي پوليس اهلڪار طرفان قتل ڪرڻ جي وڊيو منظر عام تي آئي هئي ۽ ان ڏينهن کان پوليس ۽ ڪاري نسل جي ماڻهن تمام گهڻو فرق پيدا ٿي ويو هو جنهن کي هن وقت تائين آمريڪي صدر بارڪ اوباما به ختم نه ڪرائي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ  اوباما ڪاري نسل سان تعلق رکندڙ آهي پر ان باوجود سندس صدارتي دور ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو ۽ هاڻ وري هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پارٽي  ڊيمڪوريٽڪ جي اميدوار  صدارت جي چونڊ وڙهي رهي آهي، جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته هيلري ڪلنٽن کي ڪاري نسل جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين سبب حمايت گهٽ ملي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪاري نسل جا ماڻهو نه ري پبلڪن جي سپورٽ ۾ نڪري رهيا آهن ۽ نه ئي وري ڊيموڪريٽڪ پارٽي  سان گڏ نظر اچي رهيا آهن، بهر حال وڪي ليڪس جي باني جوليان اسانج پنهنجي انڪشافن هيلري ڪلنٽن  جي مقبوليت کي تمام گهڻو ڌڪ رسايو آهي، جوليان اسان  ته اهو به چيو آهي ته هيلري جي فنڊنگ داعش جا حامي ڪري رهيا آهن. اهڙن  انڪشافن جتي هيلري جي شخصيت کي نقصان  پهچايو آهي اتي ڊونلڊ ٽرمپ جهڙي شخص کي به  صدارتي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيڻ  جي جهلڪ پڻ ڏيکاري آهي، جنهن مان هاڻ  اهو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو هي صدارتي چونڊ تمام گهڻو اهم  ٿي ويون آهن ۽   هي چونڊ جيڪو  هيلري جي  حق ۾ پئي ڏني وئي ها اها به سخت مقابلي ۾ تبديل ٿي وئي آهي ڇاڪا ته ڊونلڊٽرمپ به ڀرپور الزام جي سياست ۾ رڌل آهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ هيلري جي اي ميلز واري معاملي کي دهل وانگر وڄائيندو ٿو ته جئين هيلري کي ماڻهو ناپسند ڪرڻ لڳڻ ۽ صدارتي چونڊ آساني سان کٽي وڃي.
جئين ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ کان اميدوارن بحث ۽ مباحثا ڪرايا ويندا آهن ۽ انهن کي ڀرپور ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي هن ڀيري به هيلري ڪلنٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي به موقعو فراهم ڪيو ويو  آهي مخلتف وقتن تي ٽي ڀيرا  سندن  وچ ۾ مبحاثا به ڪرايا ويا ، ايتري قدر جو  ري پبلڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ جي نائب صدارتي اميدوارن ۾ به مباحثو ڪرايو ويو هو جنهن ۾ به سرسي صرف ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي  اميدوار کي ئي ملي هئي.  جڏهن آمريڪا جي صدارتي اميدوارن وچ ۾ ٽيون ۽ آخري مباحثو ٿيو هو ته ان وقت به هيلري ڪلنٽن کٽي ورتو هو، آمريڪي ميڊيا سروي موجب هيلري ڪلنٽن 52 سيڪڙو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 39 سيڪڙو عوامي حمايت حاصل ڪري سگهيو هو. ٽئين مباحثي واري تقريب آمريڪي رياست لاس ويگاس  جي يونيورسٽي آف نيودا ۾ ٿي هئي هئي جنهن ۾ ٻنهي اميدوارن گن رائٽس،حمل، روسي صدر ولاديمر پيوٽن سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو هو. مباحثي دوران ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته عراق جي شهر موصل ۾ جاري جنگ جو حقيقي فاتح ايران هوندو، ان تي ايران کي آمريڪا جا ٿورا مڃڻ گهرجن. هن چيو ته موصل شهر آمريڪا وٽ هو پر هيلري ڪلنٽن جي نااهلي سبب هو سندن هٿان نڪري ويو.
ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي چونڊن واري عمل تي سوال اٿاريندي چيو هو ته هو نتيجو اچڻ کانپوءِ ڏسندو ته چونڊن کي مڃڻو آهي يا نه. هن اهو به چيو هو ته آمريڪا کي هاڻي سعودي عرب، ڪوريا ۽ ٻين ملڪن جي حفاظت ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هو روسي صدر ولاديمر پيوٽن کي نٿو سڃاڻي پر هو سندس باري ۾ سٺيون ڳالهيون ڪري ٿو.جڏهن ٻيو مباحثو شروع ٿيڻ وارو هو ته ان کان اڳ ئي ڊونلڊ ٽرمپ تي جنسي حوالي الزامن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، 10 جنسي الزام لڳڻ باوجود ٽرمپ ڪاميابي لاءِ پر اميد نظر اچي رهيو هو،  هر ڪو اهو سوچي رهيو هو ته آخر کوڙ سارا الزام لڳڻ باوجود ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابي لاءِ ڪئين پرعزم نظر اچي سگهي ٿو. 45 ورهين جي ڪرينا ۽ جينيا الزام به ڊونلڊ  ٽرمپ تي الزام لڳايو هو. سندن چوڻ هو ته ٽرمپ 1988ع ۾ يو ايس اوپن ٽينس ۾ ميچ جي موقعي تي کين جنسي حملي جو نشانو بڻايو هو. ڪيرينا ۽ جينيا چيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کين حراسان ڪيو ۽ کين جنسي تشدد جو نشانو بڻايو. ٻي طرف ٽرمپ سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي جاري ڪيل بيان چيو هو ته جيڪڏهن صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي ملي ته هو نتيجن کي قبول ڪندو، ٻي صورت ۾ هو قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو، امريڪي صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ صدارتي اليڪشن 2016 جو ٻيو مباحثو واشنگٽن جي يونيورسٽي اِن سينٽ لوئس ۾ ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي تي سخت تنقيد ڪرڻ سان گڏ پهنجيون پاليسيون عوام آڏو واضح ڪيون هيون.
هڪ طرف ايف  بي آءِ  هيلري ڪلنٽن جي اي ميلز جي جاچ جو دائرو وڌايو ڇڏيو آهي ته ٻي طرف عدالت به حڪم جاري  آهي ته هيلري ڪلنٽن جون سموريون اي ميلز جاري ڪيون وڃن، اڃا اهو سلسلو ختم ئي نه ٿيو هو ته مٿان وري وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج به  هيلري ڪلنٽن تي  الزام لڳائيندي چيو آهي ته هيلري ڪلنٽن جي اهي ماڻهو  فنڊنگ ڪري رهيا آهن جيڪي داعش جا حامي آهن، جنهن بعد اهو صاف ظاهر ٿيندو پيو وڃي ته هيلري ڪلنٽن  مسئلن جي دٻڻ ۾ ڦاسجندي پئي وڃي ۽ سندس نڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، هونءَ ته ڊيموڪريڪٽڪ پارٽي کي ڪاري نسل  جي ماڻهن جي حمايت ايتري حاصل نه آهي  جو صدارتي چونڊ ۾ هيلري ڪلنٽن جي ڀرپور حمايت ڪري سگهن پر ايترو ضرور آهي جو آمريڪا ۾ هاڻ ڪاري نسل جا ماڻهو ڊيموڪريٽڪ کان پري ٿيندا پيا وڃن،.ان جو وڏو سبب اهو آهي ته  ڪاري نسل جي احتجاج دوران پوليس اهلڪار انهن مٿان تشدد  ڪندا  آهن  ۽ انهن طرفان اهي بيان به جاري ڪيا ويندا آهن ڪاري نسل جي ماڻهن کي امتيازي  وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هيلري ڪلنٽن وڪي ليڪس جي انڪشافن ۽2014 وارن اي ميلز کي ڪهڙي ريت منهن ڏيندي ۽ پنهنجي صفائي پيش ڪندي جنهن سان ماڻهو مطئمن ٿي ويندا.

No comments:

Post a Comment