صاحب
خان ڀٽي
19
سالن کان پوءِ ملڪ ۾ ڇهين آدمشماري جي شروع ٿيڻ بعد ڪجهه هنڌن تان
عملي نه پهچڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، آدمشماري
جو پهريون مرحلو 13 اپريل تي ختم ٿيو، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، گهوٽڪي،
لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، فيصل آباد ۽ ڪشمير گلگت بلتستان سميت 63 ضلعن ۾ ڊيٽا گڏ ڪرڻ
جو اعلان ڪيو ويو هو، ٽي ڏينهن جي گهرن ۽ گهراڻن جي ڳڻپ کان پوءِ ماڻهن جي ڳڻپ به
ڪرڻ جو چيو ويو هو پر ان کان اڳ ئي پهرين مرحلي ۾ تمام گهڻين شڪايتن ساڃاهه وندن
کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهرن جي ڳڻپ شروع ٿي هئي
ته ان وقت ويو هو ته هر ٽيم سان هڪ فوجي جوان ۽ هڪ سول شخص هوندو جيڪو ماڻهن کان
عام سوال پڇندو ۽ ماڻهن کي اها
هدايت به جاري ڪئي وئي هئي ته شماريات کاتي جي عملي سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جتي جتي آدمشماري جون ٽيمون پهتيون اتي ماڻهن انهن سان سهڪار
ڪيو پر ڪجهه اهڙا به علائقا هئا جتي ٽيمون نه پهچي سگهيون، جنهن سبب اهي ماڻهو
پريشان ٿي ويا هئا.ڪراچي جي ڪيترن ئي سنڌي وسندين ۾ ڍآخري ڏينهن به ماڻهو رڙيون ڪندا رهيا ته
ٽيمون وٽن نه پهچي سگهيون آهن، ايتري قدر جو گهوٽڪي ۾ به
اهڙيون ئي شڪايتون رپورٽ ٿينديون رهيون پر ان باوجود قائم ڪيل شڪايتن مرڪزن انهن جي هڪ به شڪايت نه ٻڌي، ڪجهه ماڻهو ته مختلف چينلن تي اهي دانهون به ڪري رهيا هئا
ته هو شڪايتي مرڪزن تي فون ڪري پنهنجي دانهن ٻڌائي ته انهن کي صرف اهو چيو ويو ته ڀلي
کڻي پهريون مرحلو ختم ٿي وڃي رهجي ويل گهرن جي ڳڻپ ٻيهر ڪرائي ويندي،
جيتوڻيڪ
هن وقت سنڌ سرڪار به هن حساس معاملي تي تمام گهڻو سرگرم نظر اچي رهي آهي پر ان
باوجود پهرين مرحلي ۾ ٿيل اهڙين خامين تمام گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته
پهرين مرحلي ۾ ئي ڪراچي جي انٽرنيشنل شهر ۾ گهرن
جي ڳڻپ دوران پينسل جو استعمال ڪيو ويو جنهن تي رهواسين اعتراض به اٿاريا ۽ اهي
خبرون ميڊيا تي تمام گهڻو گردش به ڪري رهيون هيون پر ان باوجود شماريات کاتي انهن
جي شڪايتن جي هڪ به نه ٻڌي، ان سان گڏ گهوٽڪي ۾ به روانتي جي ڪچي واري علائقي ۾ به
ٽيمون نه پهچڻ جو انڪشاف ٿيو ۽ سان گڏ ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ ٻين کوڙ سارن ڳوٺن ۾
به ٽيمون نه پهتيون جنهن ميڊيا تي خبرون به هليون ۽ اهو
به ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته جيڪي به گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن
انهن کي ٻيهر ڳڻيو ويندو، هن وقت آدمشماري جو پهريون مرحلي ۾ ته ڪيتريون دانهيون
ڪيون ويون پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اڳتي
هلي آدمشماري بابت ڪهڙا انگ اکر عوام آڏو رکيا ويندا؟ شايد ان بابت هاڻ سنڌي قوم
کي ڪجهه ڏينهن ئي انتظار ئي ڪرڻو پوندو،
هونءَ
ته پهرين مرحلي ۾ شماريات کاتي پاران جيڪي به ٽيمون مقرر ڪيون ويون هيون انهن بابت
ٻڌايو ويو هو ته انهن کي آدمشماري جي حوالي سان مڪمل ڄاڻ ڏني وئي آهي پر ان باوجود
ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر ۾ به آدمشماري جي پهرين مرحلي دوران
گهرن جي ڳڻپ پينسل سان ڪئي وئي، جڏهن ان عورت کان صحافين پڇيو ته
هو پينسل سان فارم ڇو ڀري رهي آهي ته هن جواب ڏنو هو ته هوءَ پينسل سان فارم ان
ڪري ڀري رهي آهي ته ته جئين کانئس ڪا غلطي نه ٿي وڃي، جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ اهو ڇو چيو
ويو هو ته آدمشماري جي عملي کي ٽريننگ ڏني وئي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جي
ڪراچي، حيدرآباد، گهوٽڪي توڙي سيوهڻ تعلقي ۾ پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جيڪي
شاگردن جا پيپر ٿي رهيا هئا انهن جي تاريخ به تبديل ڪئي وئي پر
ان باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽيمن جو نه پهچڻ مان ثابت ٿي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت صاف شفاف آدمشماري ڪرائڻ ۾
سنجيده نه آهي، تنهن جي ڪري عملي پاران اهڙيون حرڪتون ڪيون پيون وڃن. ڇهين
آدمشماري بابت اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته جيڪي فارم آدمشماري ۾ استعمال ٿي رهيا آهن پراڻا آهن، بهرحال هن وقت 19
سالن جي وڏي عرصي کان پوءِ آدمشماري ٿي رهي آهي ۽ ڇهين آدمشماري جو پٽڪو به نواز
ليگ ئي ٻڌو آهي، پيپلزپارٽي به پنهنجي دور ۾ آدمشماري نه ڪرائي سگهي هئي پر
نوازسرڪار اهڙين حالتن ۾ آدمشماري ڪرائي رهي آهي، جڏهن ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل
آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته نواز سرڪار سمورا ڪريڊٽ پاڻ ڏانهن منتقل ڪري رهي
آهي، جيڪڏهن هن آدمشماري مان سمورا صوبا راضي ٿي ويا ۽ ڪنهن
به صوبي مان ماڻهن احتجاج نه ڪيو ته اهو نواز سرڪار جي لاءِ ڪريڊٽ هوندو،
جيڪڏهن
صوبن اعتراض اٿاريا ۽ ڪنهن صوبي کي اهو محسوس ٿيو ته آدمشماري صاف شفاف نه ٿي آهي
ته نوازسرڪار به پنهنجو ڪريڊٽ وڃائي ويهندي، ڇاڪاڻ ته
هي هڪ حساس مسئلو آهي ۽ هر صوبو ان کي پنهنجي موت ۽ زندگي تصور ڪري رهيو آهي، ان
لاءِ وفاقي حڪومت کي پهرين مرحلي ۾ ٿيل بدانتظامي کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ته جئين ماڻهن جي ڳڻپ ۾ اهي خاميون نه رهجي وڃن ۽ جيڪي به ماڻهو شڪايتون ڪري رهيا آهن انهن
جي شڪايتن کي دور ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن نه ته اهي شڪايتون
ڇهين آدمشماري جي صاف شفاف هجڻ تي ڪيترائي
سوال اٿاري ڇڏينديون. ڪراچي، گهوٽڪي، حيدرآباد سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ به
آدمشماري جي عملي نه پهچڻ جون شڪايتون ڪيون ويون پر ان باوجود وفاقي
توڙي صوبائي حڪومت انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، ٻڌڻ ۾ آيو آهي
ته شماريات کاتي به سنڌ سرڪار کي ڊيٽا ڏيڻ کان
معذرت ڪري ڇڏي آهي، بهرحال هن وقت آدمشماري شروع ٿي چڪي آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ ئي
ڪيتريون شڪايتون به مليون آهن جيڪڏهن وفاقي سرڪار انهن
شڪايتن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪي خاص قدم کڻي ته تمام سٺو ٿيندو ۽ ان عمل جي واکاڻ به
ڪئي ويندي، هن وقت خاص طور تي سڄي سنڌ ۾ آدمشماري بابت تمام وڏا بحث ٿي رهيا آهن اهو صرف ان
ڪري ٿي رهيو آهي جو آدمشماري جي پهرين ڏينهن صرف سنڌ مان ئي شڪايتن جون خبرون رپورٽ ٿيون باقي ٻين صوبن ۾
اهڙيون ڪي به خبرون نه مليون جنهن مان اهو لڳي ته اتي ڪا بدانتظامي ٿي آهي. هن وقت خاص طور تي ڪراچي جون سنڌي وسنديون ئي آهن
جتي ٽيمون نه پهچڻ جون خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلنديون رهيون،
جيڪڏهن
هن وقت به وفاقي سرڪار ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا ته هن ڇهين آدمشماري کي ڪنهن به صورت ۾ صاف
شفاف نه چئي سگهبو، ڇاڪاڻ ته جنهن آدمشماري ۾ اهو چئي گهر نه ڳڻيا وڃن ته اوهان جي گهرن ۾ مرد
ناهن ته گهر نه ڳڻيا ويندا ته پوءِ ڪهڙي ريت اسان چونداسين ته آدمشماري درست نموني ٿي آهي،
ايتري قدر جو هن آدمشماري ۾ فارم پينسل سان ڀرڻ جون خبرون ب
ميڊيا تي آيون ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن وقت سنڌ جي
ڪيترن ئي شهرن ۾ گهرن جي ڳڻپ نه ٿيڻ جون ماڻهو دانهون ڪري رهيا آهن ، ڪجهه اهڙا ڳوٺ به
ٻڌڻ ۾ آيا آهن جن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته انهن جا نالا آدمشماري جي لسٽن ۾ ئي نه
هئا جنهن سبب ٽيمون واپس هليون ويون ،
هاڻ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته جيڪي به گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن انهن کي ٻيهر
ڳڻڻ جو اعلان ڪيو وڃي ته جئين ماڻهن جا خدشا ختم ٿي سگهن.
No comments:
Post a Comment