صاحب خان
ڀٽي
گذريل ڪيتري عرصي کان ڀارتي جيل ۾ ملڪ جا ڪيترائي مهاڻا قيد آهن، جن مان ڪجهه
غلطي سان ڀارتي سمنڊ جي حدن ۾ داخل ٿيا ته
ڪجهه کي سمنڊ مان ئي حراست ۾ ورتو ويو، سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن سان تعلق
رکندڙ به ڪيترائي مهاڻا هن وقت تائين ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، جن جي آزادي لاءِ سندن
وارث مختلف وقتن تي احتجاج به ڪندا رهيا آهن، ايتري قدر جو سياسي سماجي تنظيمن
طرفان به مهاڻن جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو ويو آهي پر افسوس جو سرڪاري سطح تي اهڙو
ڪو به خاص قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن سان مهاڻن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي
سگهي، ڪجهه عرصو اڳ مهاڻن جي ڀارتي جيل ۾ قيد هجڻ جون خبرون ميڊيا تمام گهڻو نشر
ٿي رهيون هيون پر ان باوجود حڪومت جي ڪن تي جونءَ نه چريءَ هئي،
هاڻ به ويجهڙ ۾ مختلف اخبارن ۾ سنڌ جي
سامونڊي پٽي وارن علائقن سان تعلق رکندڙ مهاڻن جي ڀارتي جيل ۾ قيد هجڻ جون خبرون
ڇپجي رهيون آهن پر ان باوجود وفاقي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي کي آزاد ڪرائڻ
لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي. هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه تنظيمون مهاڻن جي
آزادي لاءِ احتجاج به ڪري رهيون آهن پر ان باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪري رهيوآهي
بهرحال هن وقت سنڌ حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي خاندانن جي مالي سهڪار ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هاڻ ڀارتي جيل ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ
به ڪي تڪڙا قدم کنيا ويندا. اها حڪومت جي ئي ذميواري هوندي آهي ته جيڪڏهن سندن ملڪ
جو ڪو شهري ڪنهن ملڪ ۾ بنا جواز گرفتار ڪيو وڃي ته ان کي ڇڏايو وڃي پر افسوس سان
چوڻو پئجي رهيو آهي ته اهڙا ڪي به خاص قدم نه پيا کنيا وڃن، جنهن سبب مسئلا حل ٿيڻ
بدران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندا پيا وڃن.
هن وقت سنڌ ۾ اهڙا کوڙ سارا خاندان آهن، جن جا پيارا ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن. جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ جي سامونڊي پٽي
وارن علائقن ۾ ڪيترائي اهڙا خاندان آهن جن کي اها به خبر نه آهي ته انهن جا پيارا
ڀارت جي ڪهڙي جيل ۾قيد آهن ۽ انهن جو ڪو به پتو نه پيو آهي ۽ اهڙي قسم جون خبرون
مختلف وقتن تي اخبارن ۾ به ڇپجنديون رهيون آهن. بهرحال اها حڪومت جي ئي ذميواري
آهي ته پنهنجي شهرين کي تحفظ ڪرڻ سان گڏ انهن جي مدد به ڪري، تنهن جي ڪري حڪومت کي
گهرجي ته جلد کان جلد ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڀارتي حڪومت سان
رابطو ڪري ته جئين مهاڻن جون پريشانيون ختم ٿي سگهن. هونءَ ته سنڌ حڪومت ڀارتي
جيلن ۾ قيد مهاڻن جي خاندانن جي مالي سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ته ڪري ورتو آهي پر
جيڪڏهن مهاڻن جي آزادي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي ته اهو تمام گهڻو بهتر ٿيندو.
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ته مهاڻن جي خاندانن جي لاءِ هڪ
ڪروڙ 5 لک 60 هزار روپين جي منظوري به ڏئي آهي، اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پهرين
مرحلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ڏنل لسٽ تي 176 خاندانن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي جن کي
سنڌ حڪومت طرفان هر مهيني 10 هزار روپيا ڏنا ويندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو تمام
گهڻو ساراهه جوڳو عمل آهي، پر جيڪڏهن سنڌ
سان تعلق رکندڙ مهاڻن جي آزادي لاءِ به سنڌ حڪومت ڪي خاص قدم کڻي ته اهو اڃا تمام
گهڻو بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڀارتي جيل ۾ قيد مهاڻن جا وارث تمام گهڻو پريشان آهن،
جن جو پريشاني جو اندازو سندن احتجاج مان به لڳائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن انهن جون
پريشانيون ئي دور ڪرڻيون آهن ته وفاقي حڪومت سان گڏ صوبائي حڪومت کي فوري طور ڀارتي حڪومت سان رابطو ڪري مهاڻن کي
آزاد ڪرڻ جو چئي ته جئين اهي به اچي پنهنجن پيارن سان ملن، هونءَ ته پاڪستان طرفان
به خيرسگالي طور ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن ڀارت سان خيرسگالي طور
مهاڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو وڃي ته ان
سان متاثر خاندانن جي تمام گهڻي سهائتا ٿيندي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته
2015 ۾ پرڏيهي وزارت پاران سينيٽ ۾ ڀارتي جيلن ۾ قيد 134پاڪستاني مهاڻن جي رپورٽ
جمع ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته ان وقت اهو به ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هر
سال ۾ ٻه ڀيرا قيدين جي لسٽ جي مٽا سٽا ٿيندي آهي،
ان رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو هو ته
ڀارت ۾ پاڪستاني مهاڻن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ ڪو به شڪ به نه آهي،
ڇاڪاڻ ته جيڪي به مهاڻا خيرسگالي طور ڀارت مان آزاد ٿيا آهن، انهن به ميڊيا آڏو
اهڙي قسم جون دانهون ڪيون آهن، هن وقت صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ڀارتي
جيلن ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ فوري طور
قدم کڻي ته جئين مسئلا حل ٿي سگهن، سنڌ حڪومت به جيڪي مهاڻن جي سهائتا جو فيصلو
ڪيو آهي، اهو تمام سٺو عمل آهي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري گهٽ هوندي پر ان
سان گڏ سنڌ سرڪار ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي
پرگهور به لهي ۽ انهن سان رابطو ڪري ته آخر ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن سان
ڪهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڪهڙي حال آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڀارتي جيلن ۾ قيد
مهاڻن جو رابطو انهن جي مٽن مائٽن سان به ڪرائيندي ته انهن جون به پريشانيون ختم
ٿي سگهنديون ۽ اهو سنڌ سرڪار ڪري به سگهي ٿي. جيڪڏهن هن وقت ڀارتي جيلن ۾ قيد
مهاڻن جي سار نه لڌي وئي ته انهن جي وارثن جي پريشانين ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿي ويندو.
ڪجهه عرصو اڳ وفاقي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ ڪوششون به ڪيون
هيون پر اهي ڪوششون رڪجي ويون، جنهن سبب
مهاڻا هن وقت به ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪوششون ڪري ته ڀارتي
جيلن ۾ قيد مهاڻا ٻيهر پنهنجي وارثن سان ملي سگهندا.
No comments:
Post a Comment