Pages

Monday, 6 March 2017

شراب ۽ منشيات سبب تباهه ٿيندڙ نوجوان نسل

صاحب خان ڀٽي
هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ شراب جي وڪري تي پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن سبب ٺري جي وڪري ۾ واڌ جا به امڪان وڌي ويا آهن، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن شراب جي وڪري تي پابندي لڳائي وئي هئي ته ان وقت به ڪچي شراب جي وڪري ۾ واڌ اچي وئي آهي، جنهن جون خبرون ميڊيا تي به نشر ٿيون هيون، ايتري قدر جو ڪچي شراب جي وڪري سبب ڪيترائي ماڻهو حياتيون به وڃائي چڪا آهن، جڏهن سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب ماڻهو فوت ٿيا هئا ته ان وقت به عوام ڪچي شراب جي وڪري تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو پر ان باوجود هن وقت تائين حڪومت اهڙا ڪي به قدم نه کنيا آهن جنهن سان ڪچي شراب جي وڪري ۾ گهٽتائي اچي وڃي ها، هن وقت شايد سنڌ جو ڪو به اهڙو شهر نه بچيو هوندو جتي ڪچو  شراب وڪرو نه ٿيندو هجي، ان سان گڏ چرس ۽ ٻيون نشي آور شيون به سرعام وڪرو ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن. وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته هنن ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي پر ان باوجود نوجوان نسل منشيات جي ڄار ۾ ڦاسندو پيو وڃي، هڪ طرف ڪچو شراب وڪرو ٿي رهيو آهي ته ٻي طرف وري ٻاهرن ملڪن کي غيرقانوني طور نشي آور شيون هتي وڪرو ٿي رهيون آهن، رهي صحيحي ڪسر ته گٽڪي پوري ڪري ڇڏي آهي،
ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، سکر ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به گٽڪو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، پوليس به هڪ ٻه ماڻهن کي حراست ۾ وٺي گٽڪو هٿ ڪري اخبارن ۾ خبرون لڳرائيندي رهي آهي پر هن وقت تائين ڪٿي به گٽڪي جي وڪري ۾ گهٽتائي نظر اچڻ جو ڪو امڪان نه نظر نه اچي رهيو آهي، گٽڪي جي استعمال سبب ڪيترائي ماڻهو وات جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر ان باوجو گٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪو به سخت قدم نه کنيو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گٽڪو ڪو ٻاهرن ملڪن مان نه  آندو ويندو آهي، اهو هتان جا مقامي ماڻهو ئي تيار ڪندا آهن جنهن سبب گٽڪو هر ڪيبن ۽ دڪان تان آساني سان ملي ويندو آهي، ان سان گڏ ٻاهرن ملڪن مان ايندڙ نشي آور شيون به وڪرو ٿي رهيون آهن، پاڙيسري ملڪن مان ايندڙ نشي آور سپارين سان گڏ غيرقانوني طور آندل سگريٽ به آساني سان ملي رهيا آهن جن ته نه ڪمپني جو پتو هوندو آهي ۽ نه ئي وري انهن جي ڪا سڃاڻپ ٿي سگهندي آهي. بهرحال هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڪچي شراب جو وڪرو چيلنج بڻجي ويو آهي، جنهن کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت کي تڪڙا اپاءُ وٺڻا پوندا ته جئين نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي،
 سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ به چرس وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن خلاف ڪارروايون ته ٿي رهيون آهن پر ان باوجود منشيات فروش چرس وڪري ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، خبر ئي نه پوندي آهي ته اهي منشيات فروش ڪٿان کان چرس آڻي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ملير ۾ به شراب وڏي مقدار ۾ هٿ ڪيو ويو هو ايتري قدر جو ڪيترن ئي ماڻهن خلاف ڪارروايون به شروع ڪيون ويون آهن، جنهن مان لڳي رهيوآهي ته اڃا ڪيترائي ماڻهو ڪچو شراب وڪري ڪرڻ ۾ ملوث آهن، بهرحال هن وقت سنڌ حڪومت کي گهرجي ته جتي به ڪچو شراب وڪرو ٿي رهيو آهي، اتي آپريشن ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ منشيات فروشن خلاف به ردالفساد جهڙو آپريشن شروع ڪيو وڃي ته انهن کي ڪڏهن منشيات وڪرو ڪرڻ جي همت نه ٿئي، جيڪڏهن منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي ته هن ملڪ جو نوجوان نسل تباهي کان بچي سگهندو، ٻي صورت ۾ منشيات فروش هن ملڪ جي نوجوانن کي نشي آور شين جو عادي بڻائي ڇڏيندا جيڪو ملڪ جي مستقبل لاءِ وڏو هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ اندر هڪ طرف دهشتگردي جي لهر پکڙيل آهي ته ٻي طرف وري منشيات جي وڪري سبب نوجوان نسل تباهي ڪناري تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي.
 جيتوڻيڪ هن وقت شراب جي وڪري تي پابندي لڳائي وئي آهي پر ان سان گڏ منشيات فروشن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، نه ته جئين ڪچو شراب واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون جانيون ضايع ڪري چڪا آهن، مستقبل ۾ به اهڙي ريت ماڻهو مرندا رهندا، تنهن جي ڪري اها وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري  آهي، نشي آور شيون وڪرو ڪندڙن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، هونءَ ته سڄي ملڪ ۾ نالي ماتر لائسنس يافته شراب جا گتا آهن، جن کي حڪومت شراب وڪروڪرڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اتي وڪرو ٿيندڙ شراب جي چيڪنگ ڪري، باقي رهي ڳالهه غير قانوني طور زهريلو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ته انهن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي جنهن کي اهو فرض چڱي ريت نڀائڻ گهرجي ته جئين قيمتي جانيون ضايع ٿين کان بچي سگهن.هن وقت ملڪ اندر اهڙا غيرقانوني ميڊيڪل اسٽور کوڙ آهن جتي نشي اور دوائون به وڪرو ٿي رهيون آهن،ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن غيرقانوني طور هلندڙ ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته اڄ اهڙيون خبرون ميڊيا جي زينت نه بڻجن ها. هن وقت ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته ٻاهرن ملڪن ۾ نشي آور شيون گهرائي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو ٽاسڪ پوليس کي ڏنو وڃي ته جئين گٽڪي ۽ نشي آورشيون وڪرو ڪندڙن خخلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري ۽ اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن پوليس کي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت حڪم جاري ڪندي، جيڪڏهن اهن وقت لائسنس يافته شراب جي دڪانن کي ڇڏي شراب غيرقانوني طور وڪرو ڪندڙن کي هٿ ڪڙيون پارايون وڃن ته جئين سنڌ ۾منشيات جي وڪري ۾ گهٽتائي اچي ويندي.
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب ماڻهو فوت ٿيا هئا ته ان وقت حڪومت چيو هو ته ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي بخش نه ڪيو ويندو پر ڪچي شراب جي وڪري ۾ گهٽتائي نه آئي پر لائسنس يافته شراب خانن مان شراب نه ملڻ سبب ماڻهو ٺرو واپرائڻ لڳا هئا، جنهن سبب ڪچي شراب جي وڪري ۾ واڌ اچي وئي هئي ۽ هاڻ به جڏهن پابندي لڳي آهي تڏهن اهي شڪ ظاهر  ڪيا  پيا وڃن ته ٻِهير ماڻهو ڪچو شراب واپرائيندا. بهرحال هن وقت سنڌ ۾ ڪچي شراب سان گڏ نشي آور شيون وڪرو ڪندڙن خلاف به ڪارروايون ڪرڻيون پونديون ته جئين نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٻاهرن ملڪن مان نشي آور شيون گهرائي وڪرو ڪندڙن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪري ۽ ان سان گڏ گٽڪو ٺاهيندڙن کي به حراست ۾ ورتو وڃي ته جئين ماڻهو وات جي ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچي سگهن. جيڪڏهن هن وقت ٻاهرن ملڪن مان غيرقانوني طور ايندڙ نشي آور شين جو وڪرو بند نه ٿيو ته نوجوان نسل تباهه ٿي ويندو ۽ غيرقانوني طور وڪرو ٿيندڙ ٻاهرن ملڪن جي سگريٽ سبب ملڪ جي معشيت کي به ڌڪ رسندو.تنهن ڪري صوبائي حڪومت کي جلد کان جلد منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻو پوندو.

No comments:

Post a Comment