Pages

Wednesday, 8 March 2017

دهشتگردن آڏو فولاد جي ڀت بڻيل قوم

صاحب خان ڀٽي
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته سرحد وٽ موثر سڪيورٽي جي ضرورت آهي، پاڪ افغان سرحد وٽ دهشتگردن جي آزاداڻي چرپر کي روڪڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد ٻنهي ملڪن جا گڏيل دشمن آهن، اهڙو بيان آرمي چيف گذريل اڱاري تي ٿيل پاڪ افغان سرحد وٽ ٽن چيڪ پوسٽن تي حملي بعد ڏنو هو، جنهن ۾ پنج جوان شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا هئا،پرڏيهي کاتي پاران سرحد پار دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي سخت مذمت به ڪئي وئي هئي ۽ چيڪ پوسٽن تي ٿيل حملن بعد افغانستان جي سفير کي به طلب ڪري سخت احتجاج به ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ افغانستان جا عملدار مختلف وقتن تي اها بيان ڏيندا رهيا آهن ته جيڪڏهن کين معلومات فراهم ڪئي وئي ته هو ان تي ڪارروائي ضرور ڪندا پر ان باوجود پاڪ افغان سرحد وٽ دهشتگردن جا حملا بند نه ٿي سگهيا آهن،
هڪ طرف ملڪ اندر به دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري پاڪ افغان سرحد وٽ به دهشتگرد چيڪ پوسٽن تي حملا ڪري سڪيورٽي اهلڪارن کي شهيد ڪري رهيا آهن، لاهور هجي يا سيوهڻ يا وري کڻي ڪوئيٽا ملڪ جو ڪو به اهڙو شهر نه بچيو آهي جتي دهشتگردن پنهنجيون قهريون ڪارروايون نه ڪيون هجن، ڪجهه ڏينهن اڳ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي م آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده جي صدارت هيٺ  سڪيورٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو هو، جنهن دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته پاڪ افغان سرحد وٽ سڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوده چيو هو ته بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، آرمي چيف اهو به چيو هو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن،
آرمي چيف اهو به چيو هو ته پاڪ افغان سرحد وٽ سڪيورٽي وڌائڻ جو مقصد دهشتگردن کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي سيوهڻ سانحي کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو هو، جيڪو هن وقت تائين جاري آهي، جڏهن ته لاهور ۽ سيوهڻ ڌماڪن کانپوءِ رد الفساد آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون به جاري آهن، ايتري قدر جو اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي بمباري سبب ڪيترائي دهشتگرد به مارجي چڪا آهن، آءِ ايس پي آر ترجمان طرفان بيان ۾ چيو ويو هو ته بمباري ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ امن امان بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو هو، جنهن دوران سنڌ اندر وڌندڙ دهشتگردي بابت ويچاريو ويو هو
اجلاس کي خطاب ڪندي  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو هو ته سنڌ ۾ ڪجهه خاص مدرسا اسان جي ٻارن کي ورغلائي رهيا آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪري پنهنجي ٻارن کي غلط راهه تي هلڻ کان بچائڻو پوندو.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ تمام گهڻا غيرقانوني مدرسا آهن جن خلاف پوليس ڪارروايون به ڪري رهي آهن، ٿر هجي يا سنڌ جو ڪو ٻيو شهر مدرسا قائم آهن، جن جو ڪو به مخالف نه آهي ۽ نه ئي وري ڪو دين جي خدمت ڪندڙن جي مخالفت ڪري سگهي ٿو  ۽ نه ئي وري اهڙي عمل جي مخالفت ڪرڻ گهرجي پر انهن مدرسن خلاف ضرور  قدم کڻڻو پوندو جن کي هتان جا مقامي ماڻهو نه پر ٻاهرن ملڪن مان آيل ماڻهو هلائي رهيا آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ اهڙا کوڙ مدرسا قائم آهن جيڪي رجسٽرڊ به نه ٿيل آهن ۽ اهڙيون خبرون مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن تنهن لاءِ  سنڌ سرڪار کي اهڙن مدرسن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻي پوندي ته جئين اهڙا مدرسا اسان جي ٻارن کي ڀٽڪائڻ ۾ ڪامياب نه ٿين.
هونءَ ته ڪجهه عرصو اڳ حڪومت طرفان مدرسن کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو هو پر ان باوجود هن وقت به ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اڻ رجسٽرڊ مدرسا قائم آهن، بهرحال هاڻ اها وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته اڻ رجسٽرڊ مدرسن خلاف ڪهڙي ريت ڪارروايون شروع ٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته هن وقت سياستدان به اهي بيان ڏئي رهيا آهن ته  سنڌ ۾ ڪجهه خاص مدرسا اسان جي ٻارڙن کي ڀٽڪائي رهيا آهن، جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ صداقت آهي ته پوءِ حڪومت کي اهڙن خاص مدرسن خلاف قدم کڻڻا پوندا پوءِ ڀلي کڻي واويلا ڇو نه ڪري، هن وقت ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، عام ماڻهو کان ويندي سڪيورٽي اهلڪار به دهشتگردن جي نشاني تي آهن ۽ اهڙن دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به چيو هو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جا سليپر سيلز موجود آهن، سڄو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي، اي ڊي خواجا ڪراچي جي ڪورنگي ۾ مارجي ويل دهشتگردن بابت چيو هو ته انهن دهشتگردن جو تعلق لشڪر جهنگوي سان هو.
جيتوڻيڪ هن وقت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن کي چٿڻ جو سلسلو جاري آهي پر ان باوجود دهشتگرد سرحد پار کان چيڪ پوسٽن تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ اهي حملا پاڪ افغان سرحد کان ٿي رهيا  آهن جتي دهشتگردن خلاف افغان فورسز جون ڪارروايون به جاري آهن پر ان باوجود دهشتگرد آساني سان پاڪستاني فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملا ڪري رهيا آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته افغانستان ۾ هن وقت به دهشتگردن جو نيٽ ورڪ مضبوط آهي جنهن سبب اهو سرحد پار کان آساني سان ڪارروايون ڪري رهيا آهن، ملڪ اندر به جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن انهن جا به پيرا به افغانستان ڏانهن وڃي ملن ٿا، جيڪي به آپگهاتي حملي آور گرفتار ٿيا آهن ۽ يا وري جن آپگهاتي حملن ۾ مارجي ويا آهن انهن جو تعلق به افغانستان سان ئي ٻڌايو ويو آهي، جڏهن سيوهڻ سانحي آپگهاتي حملو ڪيو ويو ته ان وقت ملڪ ۾ سڪيورٽي ادارن ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون هيون .
جڏهن دهشتگردن طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون شروع ٿيون ته ان کانپوءِ طورخم بارڊر کي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو هو تنهن باوجود دهشتگرد نه مڙيا ۽ پاڪ افغان سرحد وٽ ئي چيڪ پوسٽن تي حملا ڪيا جنهن دوران پاڪستاني پنج فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد به ماريا ويا هئا، وزيراعظم نوازشريف ۽ صدر ممنون حسين ۽ ٻين اهڙي عمل جي مذمت به ڪئي هئي، پرڏيهي کاتي طرفان چيو ويو هو ته اسان جي بهادر فوجي جوانن وطن جي دفاع لاءِ جان قربان ڪئي، شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو، بهرحال ان حملي کانپوءِ طورخم بارڊر کي ڪجهه وقت لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ طورخم سرحد وٽ ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي هن وقت دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ عسڪري ۽ سياسي قيادت کي پاڪ افغان سرحد وٽ سڪيورٽي سخت ڪرڻي پوندي ته جئين ملڪ اندر  وڌندڙ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي اچي سگهي.

No comments:

Post a Comment