Pages

Thursday 14 September 2017

ٽرمپ جي ڌمڪي: خواجا آصف جي دورن سان ڇا ٿيند؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۾ چونڊن بعد دنيا اندر خاص طور تي ايشيا ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي وئي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي کانپوءِ  آمريڪا هڪ طرف احتجاج هلي رهيا آهن تي ٻي طرف پناهگيرن خلاف به سخت قدم کڻڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن، جنهن سبب آمريڪا ۾ رهندڙ سمورا غيرقانوني ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن،  جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جون واڳون سنڀاليون ته  هن سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ  سرحدن تي ڀت ٺاهڻ جوفيصلو ڪيو ۽ ڪنهن به شخص کي پنهنجي ملڪ ۾ ترسائڻ کان انڪار ڪندي انهن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، ايتري قدر جو ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن سبب آمريڪا ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو پر ان باوجود هو هن وقت به پنهنجي ڪرسي تي ويٺل آهي، هاڻ ان ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ  ٽرمپ پاڪستان ۽ افغانستان بابت هڪ نئين پاليسي جوڙي آهي ۽ پاڪستان کي ڌمڪي سان گڏ الزام به لڳايا آهن،
ڪجهه ڏينهن اڳ آرلينگٽن جي فوجي اڏي تي خطاب ۾ آمريڪي صدرڊولنڊ ٽرمپ چيو  هو ته افغانستان ۾ ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو ۽ انڪار ڪرڻ تي نقصان ٿيندو. ڊونلڊ ٽرمپ ته اهو به الزام مڙهيو هو ته پاڪستان اڪثر انهن ماڻهن کي پناهه ڏئي ٿو جيڪي ڏڦيڙ پکيڙين ٿا، ڀارت افغانستان جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري. رڳو فوجي طاقت سان افغانستان ۾ امن  قائم نه ٿيندو. آمريڪا جي اهڙين ڌمڪين کانپوءِ ملڪ اندر مذهبي جماعتن سان گڏ سياسي جماعتون به روڊن تي نڪري آيو ۽ آمريڪا خلاف سخت نعريبازي به ڪئي پر ان باوجود حڪمران ڪجهه ڏينهن سوچيندا رهيا ته آخر آمريڪا کي ڪهڙو جواب ڏنو وڃي،
سڀ کان اڳ چين پاران آمريڪي الزامن کي رد ڪيو ويو ۽ چين ئي اهو واحد ملڪ هو جنهن بروقت آمريڪا جي الزامن جو جواب ڏنو، ان کان پوءِ روس به پاڪستان جي حمايت ۾ ميدان تي لهي  آيو هو ۽ هن ملڪ ۾ به احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، جيڪو اڄ به جاري آهي، تڏهن وڃي حڪومت آمريڪا کي جواب ڏنو ۽ پرڏيهي وزير خواجا آصف کي دوست ملڪن جي دوري تي روانو ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پرڏيهي وزير خواجا آصف اسلام آباد کان تهران روانو ٿيو هو ۽  ساڻس گڏ قومي سلامتي جو مشير ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ناصر جنجوعه ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه به ايران پهتا  هئا.
پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران ايراني صدر سميت اعليٰ ايراني اختيارين سان ملاقات ڪيو، جنهن دوران پاڪ ايران لاڳاپن سميت تبديل ٿيندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون، پرڏيهي وزير خواجا آصف ايران  جي قيادت کي آمريڪي ڌمڪين بابت ڳالهيون ڪيون هيون.پرڏيهي وزير ايران جي صدر حسن روحاني سان ملاقات  به ڪئي هئي، جنهن ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عوامي سطح تي گهرن رابطن تي ٻڌل  برادارڻن ناتن کي هٿي وٺرائڻ تي غور ويچار  سميت ٻه طرفو سهڪار مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو هو. پرڏيهي وزير خواجا آصف ترڪي جو به دورو ڪيو ۽ انهن سان به آمريڪا جي نئين ڏکڻ ايشيا پاليسي بابت خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نائين اليون جي واقعي ۾ آمريڪا کي ايترو نقصان نه ٿيو هوندو جيترو پاڪستان  جو ٿيو آهي، آمريڪا ۾ ته اها هڪ دهشتگردي ٿي، جنهن جو الزام آمريڪا سڌو افغانستان تي هنيو ۽ ان الزام جي حمايت ڪندي اڳوڻي آمر  رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ آمريڪا انهن تي ئي حملي جو الزام هنيو، جن کي هنن پاڻ ئي پيدا ڪيو هو، انهن دهشتگردن  کي اڳ ۾ ڪجهه ٻيو نالو ڏنو ويو هو پر نائين اليون جي واقعي آمريڪا جون اکيون کوليون ۽ هن انهن   دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو،
مشرف جي حمايت کان پوءِ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ وڏي چالاڪي سان دهشتگردن  افغانستان مان لڏ پلاڻ ڪري اچي اسان جي هن ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ لڳا، آمريڪا  شروع ۾ ته صرف افغانستان اندر ئي ڪارروايون ڪيون پر بعد آمريڪا ڊرون حملن جو  رخ پاڪستان ڏانهن ڪيو، ڪيترائي ڀيرا هن ملڪ ۾ آمريڪي ڊرون حملن خلاف احتجاج به ٿيا ۽ انهن حملن کي ملڪي سلامتيءَ تي وار به سمجهيو ويو پر ان باوجود آمريڪا پاڪستان جي هڪ به نه ٻڌي، جڏهن تحريڪ انصاف آمريڪي ڊرون حملن خلاف هن ملڪ ۾ آواز اٿاريو ته آمريڪا طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو ته ڊرون حملا پاڪستان جي اختيارين کي آگاهه ڪرڻ کانپوءِ ڪيا ويندا آهن،
بهرحال هاڻ ڊرون حملا ته بند ٿي ويا آهن پر خطي ۾ آمريڪا پاران تيار ڪيل خطرناڪ دهشتگرد هاڻ صوفي بزرگن جي مزارن، مسجدن ۽ امام بارگاهن تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ انهن دهشتگردن جي حملن ۾ هزارين معصوم شهري شهيد ٿي چڪا آهن. ايتري قدر جو ماضي ۾ سهڪار سان  پاليل دهشتگرد اڄ  هتان جي سڪيورٽي ادارن جا به دشمن بڻجي چڪا آهن، ڪڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو وڃي ٿو، ته ڪڏهن وري سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن  کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، روزاني سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ فوجي جوان شهيد ٿي رهيا آهن، سوات، ميرانشاهه، ڏکڻ وزيرستان ۽ ٻين ڪيترن ئي قبائلي علائقن ۾ دهشتگرد  سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي رهيا آهن. هونئن ته هن ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد سميت ٻيا ڪيترائي آپريشن هلي رهيا آهن ، جنهن سبب هن ملڪ ۾ ٿورو امن قائم ٿيو آهي،
جيڪڏهن مشرف دور ۾ آمريڪا جي حمايت ڪئي وئي هئي ته ان سان ايترو فرق نه پئي ها ڇاڪاڻ ته ٻين ملڪن به آمريڪا سان اتفاق ڪيو هو پر افغانستان ۾ لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهن جو  درست نموني رڪارڊ نه رکڻ ۽ انهن کي ڪيمپن نه  ترسائڻ وارو فيصلو  هن ملڪ لاءِ وڏو خطرناڪ هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ هن ملڪ ۾ دهشتگرد پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري چڪا آهن ۽ جنهن سبب ڌماڪا ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملا  معمول بڻجي ويا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ساٿ ڏئي پاڻ ئي دهشتگردي جي ور چڙهي ويو آهي ۽ اهي دهشتگرد جيڪي اڳ افغانستان ۾ رهندا هئا، اهي هتي آساني سان داخل ٿي صوفي بزرگن جي مزرن، مسجدن ۽ امام بارگاهن  تي حملا ڪري پاڻ کي فرشتو سمجهڻ لڳندا آهن ۽ اهي دهشتگرد هتان جي قانون جي محفاظن کي بخش نه ڪري رهيا آهن. بهرحال پاڪستان جي افغان جنگ ۾ حصيدار بڻجڻ بعد هن ملڪ جي عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اهو  ڪو به شهر نه بچيو هوندو، جتي  دهشتگردن  معصوم ماڻهن جا گهر نه اجاڙيا هجن. 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪا جي افغان ۾ قدم رکڻ بعد هن ملڪ جو به امن تباهه ٿي ويو آهي ۽ جن دهشتگردن  کي مارڻ لاءِ  آمريڪا  افغانستان ۾ پهتو هو، انهن دهشتگردن کي آمريڪا پاڪستان ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو آهي، اسامه بن لادن کان ويندي ٻين ڪيترن ئي دهشتگردن کي آمريڪا پاران مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، بهرحال هن وقت پرڏيهي وزير خواجا آصف دوست ملڪن جي دوري تي آهي ۽ پاڪستان جي موقف کان دوست ملڪن کي آگاهه ڪري رهيو آهي، جيڪو شايد آمريڪا کي پسند نه هجي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا هاڻ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻيندو يا وري ساڳي ريت پاڪستان تي الزامن  وارو سلسلو جاري رکندو.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment