Pages

Monday 25 September 2017

اسلام آباد ۾ دهشتگرد تنظيمون ۽ گهرو وزارت جانوٽيس

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ ۾ دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي، هڪ طرف سرحد تي ڇڪتاڻ ته ٻي طرف دهشتگرد تنظيمون پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري رهيون آهن ، ڪڏهن سڪيورٽي هلڪارن تي حملو ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن مسجدن، امام بارگاهن ۽  اسڪولن ۾ بم ڌماڪا ڪيا ويندا آهن، اڳ ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان پاران طالبان کي دهشتگرد  چيو ويندو هو، بعد القاعدا ۽ هاڻ وري هڪ ٻي عالمي دهشتگرد تنظيم جو  پاڪستان ۾ وجود سامهون اچي رهيو آهي، مختلف وقت تي عالمي دهشتگرد تنظيم پاران ڪهري ڪاررايون به ٿينديون آهن ، هونئن ته ملڪ اندر ردالفساد آپريشن به جاري آهن ۽ ڪيترن ئي دهشتگرد کي ماريو  به ويو آهي، پر ان باوجود دهشتگرد گهٽجڻ بدران وڌندي نظر اچي  رهيا آهن،
ڪجهه عرصي کان هن ملڪ ۾ هڪ اهڙي دهشتگرد تنظيم جو به بحث هلي رهيو آهي، جنهن جي به ملڪ ۾ موجودگي ظاهر ٿي آهي، اهو ملڪ لاشن جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ ان دهشتگرد تنظيم جي ڪري ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، هن ملڪ ۾ به ڪجهه عرصي کان ان تنظيم پاران پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو ويو آهي، ڪڏهن مزارن تي حملن ذريعي ته ڪڏهن وري امام بارگاهن تي حملو ڪري ذميواريون قبول ڪيون وينديون آهن پر اسان جي اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار پاران هر ڀيري اها دعويٰ ڪئي ويندي هئي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو ڪو به وجود نه آهي، جڏهن ڪراچي مان ڪجهه عورتن کي گرفتار ڪيو ويو ته انهن جو به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران تعلق داعش سان ظاهر ڪيو ويو، هڪ ٻيو وڏو مثال حيدرآباد مان هڪ يونيورسٽي جي ڇوڪري جهاد جي نالي تي گهران نڪري هلي وئي هئي، جنهن بعد سڪيورٽي ادارن ان ڇوڪري کي آپريشن ڪري بازياب ڪرايو هو.
آمريڪا پاران هر ڀيري دهشتگرد تنظيمن خلاف ڊو مور جو مطالبو ٿيندو رهيو آهي، هن ڀيري ان دهشتگرد تنظيم ته ڪا وڏي ڪارروائي نه ڪئي  آهي پر ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پابندي مڙهيل تنظيم داعش پاران جهنڊا لڳا ويا آهن، ايتري قدر جو اسلام آباد جي حساس علائقن ۾ عالمي دهشتگرد تنظيم جهنڊا لڳائي هلي وئي، پر اتان جي سڪيورٽي ادارن کي ڪا خبر ئي نه پئي ته آخر اهي ڪهڙا نامعلوم ماڻهو هئا جن اسلام آباد جهڙي حساس علائقي ۾ هڪ عالمي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم پاران جهنڊا لڳايا ويا، جيڪڏهن سڪيورٽي ادارا  برقت ڪارروائي ڪن ها ته ان حساس شهر به سڪيورٽي جا انتظام  سخت هجن ها. هاڻ  ته اسلام آباد ۾  به سڪيورٽي جا انتظام بهتر نٿا چئي سگهون ڇاڪاڻ ته هڪ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم پاران  جهنڊا لڳيا ويا آهن، جن ۾ “ خلافت از ڪمنگ “  لکيل آهي.
جڏهن اسلام آباد ۾ ان دهشتگرد تنظيم پاران جهنڊا لڳايا ويا ته ان وقت وفاقي گهرو وزير احسن اقبال پاران  نوٽيس ورتو ويو هو ۽ رپورٽ به طلب ڪئي وئي هئي پر اها ڳالهه صرف نوٽيس وٺڻ يا رپورٽ  طلب ڪرڻ تائين محدود نه ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اڳ ئي ڪافي ساريون دهشتگرد تنظيمون آهن جن تي به مڪمل طور ڪنٽرول نه ڪيو ويو آهي ته مٿان واري هڪ عالمي دهشتگرد تنظيم آهستي آهستي پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشتگردن تنظيمن خلاف تيز ڪيون وڃن ها ته اڄ اسلام آباد جهڙي حساس شهر ۾ ڪنهن به خطرناڪ دهشتگرد تنظيم جي چاڪنگ نه ڪئي وڃي ها نه ئي وري حڪومتي عملدارن کي اها وضاحت پيش ڪرڻي پئي ها ته هن ملڪ ۾ داعش نالي ڪنهن به دهشتگرد تنظيمون جو ڪو به نالو آهي.
بهرحال اها تنظيم سنڌ ۾ به پنهنجي موجودگي جو اهڙي طريقي سان احساس ڏئي رهي آهي، سنڌ ۾ ۽ پاڪستان جي گادي واري شهر ۾ به اها دهشتگرد تنظيم پنهنجا پمفليٽ اڇلائيندي رهي آهي. خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر اهڙيون دهشتگرد تنظيمون پنهنجو نيٽ ورڪ هن ملڪ ۾ ڪهڙي  ريت مضبوط ڪري رهيون آهن. جن خلاف آپريشن ردالفساد سان گڏ دهشتگرد تنظيمن  تي ڪڙي نظر رکڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف محرم الحرام جو مهينو آهي ته ٻي طرف وري سڪيورٽي خدشا به موجود آهن ۽ عالمي دهشتگرد تنظيم ٻين علائقن کي ڇڏي حساس شهر اسلام آباد ۾ پنهنجا جهنڊا لڳايا آهن، جن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اها دهشتگرد تنظيم پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي ۽ محرم الحرام جهڙي مهيني ۾ حساس شهر اسلام آباد ۾  جهنڊا لڳايا ويا  آهن.
سنڌ جو گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به چئي  رهيو آهي ته محرم سيڪيورٽي خدشا موجود آهن  پر هو امن امان جي صورتحال کي بحال رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هڪ طرف وفاقي حڪومت به داعش نالي ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو  موجودگي کان اڻڄائي ظاهر ڪئي آهي ته ٻي طرف وري دهشتگرد تنظيمون پنهنجين پنهنجين پارٽين جا جهنڊا لڳائي رهيون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به وڌيڪ دهشتگردي جي سهپ نه آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن وڏي سانحي کي منهن ڏئي  سگهي ٿو، ڇاڪاڻ  ته هن ملڪ جي عوام آمريتي ۽ جمهوري حڪومتن جي غلط فيصلن سبب  تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي.
عالمي برادري به هن ملڪ جي عوام جي قربانين جو  اعتراف ڪيو آهي،  هڪ طرف ڌارين جي لوڌ هن ملڪ ۾وجود آهي ته ٻي طرف وري  دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي ڳڻتي ورايو ويو آهي.  پر ان باوجود   حڪومت پاران هن ملڪ اندر ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جي موجودگي کان انڪار ڪيو ويو آهي، هونئن ته سوشل ميڊيا  تي به دهشتگرد تنظيمن پاران مهم هلائي ويندي آهي پر هن  وقت ان دهشتگرد  تنظيم پاران اسلام آباد ۾ جهنڊا لڳائڻ ڪنهن وڏي سانحي جي نشاني کان گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، جيتوڻيڪ وفاقي گهرو وزير  احسن اقبال پاران اسلام آباد ۾  جهنڊا لڳائڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به دهشتگرد جي گرفتاري  ظاهر نه ڪئي وئي آهي، عوامي مسلم ليگ سرگراهه خورشيد شاهه چئي رهيو آهي ته اسلام آباد جهڙي شهر داعش جا جهنڊا لڳڻ  حڪومت جي لاپرواهي آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌريبه هڪ ٻه ڏينهن اڳ چيو  هو ته داعش جي جهنڊن لڳڻ سان ظاهر ٿئي ٿو  نته حڪومت ناما ٿي وئي آهي،
هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر حڪومت ان حساس معاملي کي عسڪري ۽ سول ادارن جو اجلاس طلب ڪري اسلام آباد ۾ ڪالعدم تنظيم جي جهنڊن لڳائڻ جو سخت نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ۽ محرم الحرام دوران ڪنهن به ڊهشتگرد کي ڪا به ڪهري ڪارروائي کان روڪڻ  لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن هي محرم الحرام مهينو ڪنهن به عالمي دهشتگرد تنظيم جي ڪهري ڪارروائي کان محفوظ بڻجي سگهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ ٻئي تباهي اچي سگهي ٿي.  ان  جي ڪري اسان کي ان ڳالهه ۾ بحث ۾ پوڻ گهرجي، ڪراچي مان به لاش هٿ اچي رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت ئي دهشتگردي تي ضابطو وڃي ته جيئن ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.  

No comments:

Post a Comment