Pages

Saturday 23 September 2017

ترميمون، تحريڪون ۽ خدشا

صاحب خان ڀٽي
پاناما فيصلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي واري فيصلي کانپوءِ نواز ليگ نواز ليگ بحرانن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ ميڊيا ٻنهي شريف ڀائرن وچ ۾ اختلافن واريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ۽ پارٽي جا سچا ورڪر ۽ اڳواڻ نواز ليگ ٻيهر متحرڪ ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن، ڪجهه اڳواڻن ته هن وقت کان ئي پارٽي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيوآهي، ڪنهن کي  خبر ئي نه هئي اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار به  پنهنجي پارٽي تي  تنقيد ڪري رهيو آهي، ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته جڏهن پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ چوڌري نثار سان ڏند چڪ ٿيا هئا ته ايوان توڙي  ايوان کان ٻاهر  چوڌري نثار پيپلزپارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو هو ته پيپلزپرٽي واري چوڌري نثار خلاف ڳالهائيندي هئي، هاڻ صرف فرق ايترو آهي جو هن وقت نوازشريف ۽ چوڌري وچ ۾ ويڇا تمام گهڻو وڌي ويا آهن، اڃا تائين اها خبر ناهي پئي ته آخر چوڌري نثار پارٽي ڇڏيندو يا وري پنهنجا مطالبا پورا ڪرائي ٻيهر پارٽي لاءِ جاکوڙ شروع ڪندو،
بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر هڪ فعو ٻيهر سموريون سياسي پارٽيون آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويون آهن، ڪجهه پارٽيون  جمهوريت جي ڳالهه ڪري رهيون  آهن ته  ڪن سياسي پارٽين جو وري خيال آهي ته جمهوريت ۽ آمريت ۾ فرق نه آهي، انهي جي ڪري انهن سياسي پارٽين جو  لاڙو آمريت ڏانهن ئي  هوندو آهي ۽ اهي ئي سياسي پارٽيون آمريت ۽ جمهوريت نظر اينديون  آهن، مطلب ته هن وقت به اهڙي قسم جي جنگ هلي رهي آهي،ڪجهه سياسي اڳواڻن جا بيان آهن ته  سياسي پارٽيون ڪرپشن نه ڪن ته آمريتي دور  اچي ئي نه ها،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن به هن ملڪ ۾ ڪا سياسي پارٽي عوامي ميڊيٽ ذريعي ميدان ۾ ايندي آهي ته ان پارٽي خلاف ڪرپشن جا رڪارڊ سامهون اچي ويندا آهن ۽ جيڪي پارٽيون آمريت جون حاميون هونديون آهن، انهن خلاف نه ته ڪو ڪرپشن جو ثبوت ملندو آهي ۽ نه ئي وري انهن پارٽي اڳواڻن تي ڪو ڪيس داخل هوندو آهي، اهو سلسلو هن  ملڪ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت هجي وري نوازليگ جي ڪرپشن جو ڪو نه ڪو ظاهر ضرور ٿي ويندو آهي ۽ اهي پارٽي جيڪي آمريتي دور ۾ ڳالهائڻ جي همت به نه ڪنديون آهن، انهن پارٽين جا به وات کلي وينداآهن ۽ اهي نيڪ ۽ فرشتا بڻجي ويندا آهن ۽ جيڪي عوامي مينڊيٽ ذريعي هن ملڪ جون واڳيون سنڀاليندا آهن ۽ انهن خلاف سمورا ادارا متحرڪ ٿي وينداآهن، اربي ۽ کربين رپين جي ڪرپشن جا الزام لڳايا ويندا آهن، هن وقت به ملڪ اندر ڪجهه اهڙيون ئي حالتون آهن ۽ ان صورتحال جو ذميوار ٻيو ڪيرنه پر سياسي پارٽيون ئي هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن به هن ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿي آهي ته ان وقت سموريون سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جون ڄنگهيون ڇڪڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، بينظر ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جڏهن پيپلزپارٽي جي جمهوري حڪومت قائم ٿي ته ان وقت هڪ ٻه سال ته سموريون سياسي پارٽيون خاموش رهيون پر پوءِ  اچانڪ ملا به ڌرڻا هلڻ لڳا ته نواز ليگ به پيپلزپارٽي خلاف بيان بازي شروع ڪري ڇڏي،
عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين ڪيترين سياسي جماعتن پيپلزپارٽي خلاف جدوجهد شروع ڪري، ايتري قدر جو نواز ليگ پيپلزپارٽي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪيو هو، مطلب ته وڏي عرصي کان پوءِ قائم ٿيل جمهوريت کي به سڪون سان رهڻ نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته جمهوريت دشمن ڪڏهن به نه پيا چاهين ته هن ملڪ ۾ جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ اهو ئي ٿيو ،بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ قائم ٿيل جمهوري حڪومت جي وزيراعظم کي مختلف الزام لڳائي عهدي تان هٽايو ويو. ان کانپوءِ  نواز ليگ جي حڪومت قائم ٿي ۽ ان خلاف پيپلزپارٽي ته ڪو به احتجاج نه ڪيو ۽ نه ئي نوازشريف خلاف احتجاج ڪيا پر تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ نواز ليگ خلاف ڌرڻا به هنيا ته استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، ايتري قدر جو پاناما معاملو اٿيو ته ان وقت ڪيترين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا نالا هئا پر ڪيس صرف هليو ته نوازشريف جي خلاف ئي هليو هو.
 تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته جيڪا به پارٽي نوازشريف جو ساٿ ڏيندي، ان کي ڪرپشن جو حمايتي سمجهيو ويندو، ان کان اڳ پيپلزپارٽي ته نواز ليگ جو تمام گهڻو ساٿ ڏيندي هئي ۽ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته آصف علي زرداري سڀ کان اڳ ۾ نواز شريف جو ساٿ ڏنو ۽ چيو هو ته  پيپلزپارٽي نواز  ليگ جو ساٿ ان ڪري ڏئي رهي آهي جو هو جمهوريت کي قائم ۽ دائم ڏسڻ چاهين ٿا. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تئين تئين عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف ۽ عوامي مسلم ليگ نواز ليگ خلاف تمام گهڻو متحريڪ ٿي  ويون، جيئن پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ ميمو گيٽ ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا تئين نواز ليگ جي حڪومت ۾ ڊان ليڪس، پاناما ليڪس، حديبيا پيپرز ملز ڪيس ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس نواز ليگ خلاف سامهون آيا، جن جي آڏو  نوازشريف کي گوڏا کوڙڻا پيا ۽ تحريڪ انصاف ۽  عوامي تحريڪ ان کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو .هن وقت نواز شريف  ۽ سندس ڪٽنب  پرڏيهه ۾ آهي ۽ ملڪ اندر آئين  ۾ ترميم جون ڳالهيون ٿي رهيو آهن،
 ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيرن جي غيرحاضري تي کيس تمام گهڻي ڪاوڙ به آهي، ايتري قدر جو گهرو وزارت جو نمائندو پيش نه ٿيڻ تي  رضا رباني چيو هو  ته ڇا هو ايوان کي گروي رکي ڇڏي آهي، جڏهن ته ايم اين اي نه هئڻ جي صورت ۾ پارٽي سربراهه نه بڻجڻ جي اعتزاز احسن جي ترميم رد ڪئي وئي، سنيٽ جي اجلاس ۾ پ پ طرفان سي ڪلاز 203 ۾ ترميم پيش ڪئي وئي، جنهن شق مطابق ته جيڪو ايم اين اي نٿو بڻجي سگهي ۽ اهو شخص پارٽي جو سربراهه به نٿو بڻجي سگهي، اعتزاز احسن چيو هو ته حڪومت پارٽي ايڪٽ آرڊر تبديل ڪري رهي آهي، جيڪو غلط آهي، شق 203 ۾ ترميم جي لاءِ جڏهن پهرين ووٽنگ ڪرائي وئي ته ڪجهه حڪومتي نمائندا ايوان ۾ موجود نه هئا، جنهن تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي، بل جي حمايت ۾ 37 ۽ مخالفت ۾ 38 ووٽ وڌا ويا، جنهن سان اعتزاز احسن جي شق 203 ۾ ترميم رڳو هڪ ووٽ تان رد ٿي وئي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم نواز ليگ کي ووٽ ڏنو، جنهن سبب ۽ 203 تي راءِ شماري وقت سينيٽر عتيق شيخ ايوان ۾ موجود هيو، شق 203 ۾ ترميم کان اڳ وفاقي وزير سعد رفيق ايوان ۾ سرگرم نظر آئي.
 چونڊ سڌارا بل موجب، ڪنهن شهري کي سياسي جماعت سان وابستگي جو اختيار هوندو، شهري جيڪو سرڪاري ملازمت ۾ نه هجي، ان کي اختيار هوندو ته ڪا به سياسي جماعت بڻائي، جڏهن ته بل تحت آرٽيڪل 62، 63 تحت ناال شخص پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو ۽ اهي آرٽيڪل پارٽي سربراهه تي لاڳو نه ٿيندا، چونڊ سڌارا بل ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽي قانون ۽ انصاف جي ترميم به منظور ڪئي وئي، جنهن مطابق اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن اندر اليڪشن خرچن جي جاچ ڪري سگهي ٿي، مقرر وقت ۾ جاچ نه ڪئي وئي ته جمع ڪرايل خرچ درست تسليم ڪيا ويندا. بهرحال بل ته منظور ٿي ويو، جنهن جو نواز ليگ کي فائدو پهچندو يا نه اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته ظاهر آهي ته جڏهن سينيٽ ۾ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو ته ان کان اڳ ئي سينٽ چيئرمين رضا رباني ڪاوڙجي هليو ويو هو ۽ اجلاس جي ڪارروائي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري جي حوالي ڪندي چيو هو ته هاڻ وڌيڪ بل توهان ئي منظور ڪيو ۽ استعفيٰ جي ڌمڪي ڏئي چيمبر هليو ويو هو، جنهن کان اعتراز احسن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان کانپوءِ تحريڪ انصاف سميت مختلف پارٽين طرفان رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو هو، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سينيٽ مان پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم جي بل جي منظوري خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.
 شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هي ماڻهو آئين ۽ قانون سان کيڏي رهيا آهن، جيڪي سرعام عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪري رهيا آهن، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته نااهل ماڻهو پارٽي کي هلائين، پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو هو ته جيڪو ماڻهو اسيمبلي ميمبر لاءِ اهل ناهي، اهو پارٽي صدارت جو به اهل ناهي، اهڙي قانون سازي عدالت ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  به ان بل خلاف ميدان ۾ لهي پيو آهي چيو آهي ته چونڊ سڌارن واري  بل ۾ ترميم ڪري مسلم ليگ (ن) اخلاقيات جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نواز شريف جو سياسي ڪيريئر ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، مطلب ته هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي پارٽيون آمهون سامهون اچي ويون آهن، تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ ۽ عوامي تحريڪ نواز ليگ خلاف ڳالهائي رهي آهي ته مشرف وري پيپلزپارٽي تي الزام لڳائي رهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر جيڪي احتجاج شروع ٿيا آهن، اهي ڪٿي ٿا دنگ ڪن، ڇا انهن احتجان ۽ترميمن سان هن ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪو نقصان پهچندو يا وري ڪا پارٽي انهن ترميمن ۽احتجاجن سان ملڪ جون واڳون سنڀاليندي؟


No comments:

Post a Comment