Pages

Tuesday 19 September 2017

ايم ڪيو ايم جي سياست ملڪ کي ڪٿي پهچائيندي؟

صاحب خان ڀٽي
روشين جي شهر  ڪراچي ۾ جڏهن  نامعلوم دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ٿيو ته ايم ڪيو ايم پاران  سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اهو آپريشن سندن خلاف آهي ۽ ادارن تي الزام لڳايو ويو ته سڪيورٽي ادارا ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ نواز ليگ به  ٿورو تحريڪ ورتو هو پر  ڪراچي ۾ آپريشن نه رڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ رت جي راند بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهي هئي ۽ ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو عروج هو. هر طرف خوف واري صورتحال قائم هئي،
نام نهاد اردو ميڊيا به انهن خلاف آواز اٿارڻ جي همت نه ڪندي هئي، پر جڏهن ايم ڪيو ايم جي لنڊن واري سربراهه هتان جي سڪيورٽي ادارن خلاف زهريلا لفظ ڳالهايا ته  هتان جي طاقتور ڌرين کي نه وڻيا ۽ سندس تقرير تي پابندي لڳائي وئي، جيڪا ميڊيا وزيراعظم ۽ صدر کي ڪوريج نه ڏيندي هئي اها به صرف لنڊن واري ايم ڪيو ايم جي باني کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪوريج ڏيندي هئي، نه رات ڏسبي هو ۽ نه ئي وري ڏينهن ڏسبو هو، جنهن مهل به لنڊن وارو شخص اٿندو هو ته ڪو نه ڪو بيان ڏئي ڇڏيندو هو، اها ڪا قوم هن ملڪ نه بچي هئي جن سان لنڊن واري اڳواڻ ڦٽايو نه هجي، مطلب ته ڪراچي اندر لنڊن واري ايم ڪيو ايم باني جي چوڻ تي ڪڏهن سنڌين سان  وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن وري پٺاڻن سان مهاڏو اٽڪايو ويو ۽ اهڙي صورتحال سبب هن شهر ۾ سڀني قومن جا ماڻهو مرندا رهيا ۽ هتان جي ادارن کي ڪو به خيال نه آيو هو ۽ نه ئي وري انهن نامعلوم دهشتگردن خلاف ڪو اثرائتو قدم کنيو ويو هو.
پر جڏهن لنڊن واري ايم ڪيو ايم باني جو دماغ خراب ٿيو ته ان هتان جي سڪيورٽي ادارن خلاف به زهر جهڙا لفظ ڳالهايا جيڪي هتان جي ادارن کي پسند نه آيا ۽ سڀ کان پهرين لنڊن واري ايم ڪيو ايم باني جي تقريرن تي عدالت ذريعي پابندي لڳائي وئي جنهن سبب هو اڃا وڌيڪ مڇرجي پيو ۽ هاهڙيون وڊيو جاري ڪيون ويون  جو ايم ڪيو ايم لنڊن واري باني کي پارٽي کان مائنس ڪيو  ويو ۽  لنڊن واري ايم ڪيو ايم جي باني تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين پابندي لڳائي وئي جيڪا هن وقت تائين لاڳو  آهي، جنهن سبب لنڊن وارو متحده جو باني  ايم ڪيو ايم جي پاڪستان جي قيادت کان تمام گهڻو ناراض آهي ۽ ظاهري طور پارٽي کي ڌڙن ۾ به ورهايو ويو ته جيئن ڪو اهو سوال نه ڪري سگهي ته انهن تي پابندي ڇو نه لڳائي وئي، هي اهو ئي شخص هو ، جيڪو  مختلف چينلن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڌمڪيون ڏينديون  رهندو هو ۽ هتان جي ميڊيا کي ڏيکاري  هن ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوششون  ڪندي هئي،
 هاڻ ته ايم ڪيو ايم جو مرڪز به سيل آهي پر اهي ساڳيا چهرا اڃا به مختلف چينلن تي نظر اچي رهيا آهن جيڪي الطاف جي خلاف هڪ لفظ به  ٻڌڻ نه پسند ڪندا هئا، جيڪڏهن غلطي سان ڪو شخص لفظ لنڊن واري باني خلاف ڳالهائيندو هو  ته هتان جي متحده قيادت ان سان اهڙو حشر ڪندي هئي، جنهن جو تاريخ ۾ مثال ئي نه ملندو هو، هي اهو ئي شهر جتي ٻوري بند لاشون به ملنديون هيون ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ به ڪئي ويندي هئي. هن وقت هن شهر ۾ رينجرز پاران سڪيورٽي جا انتظام به سنڀاليا پيا وڃن پر ان باوجود پوليس اهلڪارن  کي به نشانو بڻائڻ  جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، بهرحال هن وقت ته ان شخص تي  مڪمل طور تي پابندي آهي پر ان باوجود ايم ڪيو ايم لنڊن  جو باني لنڊن ۾ ويهي اهڙيون وڊيو جاري ڪري رهيو آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان لڳي رهيو آهي ته  هن ملڪ ۾ اڃا به سندس اشاري تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ سندس  پيروي ڪندڙ اڃا  به اشاري تي هلي رهيا آهن.
 جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم  ۾ هڪ پاڪستان  جي واڌ ڪئي آهي،  پر ان باوجود لنڊن واري باني ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان واري سربراهه جا  خيال تبديل نه ٿي سگهيا آهن. هو به سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو ۽ فاروق ستار به اهڙيون  ئي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.  ايم ڪيو ايم سربراهه فاروق ستار چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ کي بچائڻو آهي ته کين صوبو ڏيڻو پوندو ۽ هو  هر صورت ۾ ان کي حاصل به ڪري رهندا. ايتري قدر جو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار اهو به چيو  آهي ته مهاجرن سان روهنگيا جي مسلمانن جهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن واقعي روهنگيا جي مسلمانن سان ۽ هن ملڪ ۾ رهندڙ مهاجرن سان اهڙو حشر ٿئي ها ته سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ آباد نه هجي ها ۽ نه ئي وري ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ  ايوانن ۾ هجن ها ۽ نه ئي وري  اهي دور ۾ اقتدار ۾ هجن.
اسان کي اهو به ڏينهن ياد آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم  لنڊن جو باني ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ٽي وي چينلز تي زهر  اوڳاڇيندو هو. بهرحال هن وقت ايم ڪيو ايم پاڪستان  لنڊن سان مڪمل طور لاتعلقي جو اظهار ڪري رهي آهي پر سمورين حرڪتون  لنڊن واريون ئي آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي  ته فاروق ستار مهاجرن جي روهنگيا جي مسلمانن سان ڀيٽ ڪري اهو ثابت ڪرڻ چاهي پيو ته ساڻن وڏو ظلم ٿي رهيو آهي پر هاڻ سڄي دنيا کي خبر پئجي چڪي آهي ته ايم ڪيو ايم ڪهڙي ريت پاڻ کي مظلوم ثابت ڪري ڌرتي ڌڻين جا حق کسي رهي آهي. بهرحال هن وقت سنڌ جو عوام ملڪ جي قيام وقت ترسيل مهاجرن کي  سنڌ جو حصو ئي سمجهي ٿي پر افسوس جو انهن سنڌ کي ڪڏهن پنهنجو ناهي سمجهيو ۽ هميشه نفرت جوڳيون ڳالهيون ڪري سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ايم ڪيو ايم  ئي ادا ڪيو، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم هن ڌرتي لاءِ ڪجهه ڪري ها ۽ مفادن واري سياست ڇڏي هن صوبي جي عوام جي خدمت ڪري ها ته اڄ  کيس اهڙي تقرير ڪرڻ جي ضرورت نه پئي ها.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ جيڪي قربانيون سنڌ ڏنيون شايد ڪنهن ٻئي نه ڏنيون هونديون، اها سنڌ ئي هئي جنهن ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ سڀ کان پهرين ٺهراءُ پيش ڪيو هو، ايتري قدر جو  ڌارين کي سنڌ ۾ ترسائڻ جو ٺيڪو به سنڌين ئي کنيو هو، پر افسوس جو اڄ سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، سنڌ جا ماڻهو روزگار  خاطر در در ڀٽڪي رهيا آهن پر حڪمرانن  جي ڪن تي جونءَ  به نٿي چري، استاد هجن يا ليڊي هيلٿ ورڪر يا وري ڪو ٻيو سنڌ جو کاتو هجي، هر طرف پگهارون نه ملڻ جون دانهون ٿي رهيون آهن، اهڙو هڪ تازو واقعو هڪ ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ٿيو آهي، جتي استادن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو هو، جن تي پوليس اهلڪار ڪڙڪي پيا هئا ۽ پوليس جي لٺبازي سبب ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا هئا.
بهرحال ايم ڪيو ايم کي هاڻ اهڙي سياست ڪرڻ  گهرجي جيڪا مفادن کان پاڪ هجي ۽ هن ڌرتي کي پنهنجي ڌرتي سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جن کي پنهنجي ڌرتي نه هوندي آهي ۽ اهي  روهنگيا مسلمانن جيان مختلف ملڪن ۾ پناهه وٺندا آهن، جيڪڏهن  هن وقت به ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست تبديل نه ڪئي ته اها پارٽي صرف ڪراچي تائين محدود ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته اردو ڳالهائيندڙن به هاڻ ايم ڪيو ايم جي مفادن واري سياست کي سمجهي ورتو آهي.

No comments:

Post a Comment