Pages

Monday 11 September 2017

دهشتگرد تنظيمن جو تعليمي ادارن ڏانهن وڌندڙ لاڙو

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي پر افسوس جو هڪ دهشتگرد تنظيم جون قهري ڪارروايون ختم ئي نه ٿيون ٿين ته مٿان وري هڪ نئين تنظيم جو نالو ظاهر ٿي پئي ٿو، اڳ ۾ طالبان، القاعده ۽ داعش  جي قهري ڪاررواين کان عوام بيزار هو ته مٿان وري هڪ ٻئي وڌيڪ دهشتگرد تنظيم جو نالو سڪيورٽي ادارن پاران ظاهر ڪيو ويو آهي، هونئن ته سنڌ سميت  سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن پر هن ڀيري سمورن دهشتگردن سنڌ جو رخ ڪيو آهي، جنهن سبب ڪڏهن داعش سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري طالبان ۽ القاعده جي ڪارندن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي،
هاڻ وري ڪراچي ۾ هڪ نئين تنظيم انصار الشريعه جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ۽ ان دهشتگرد تنظيم جو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن تي به حملي ۾ ملوث  هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.  جيڪڏهن ڪراچي جي حالتن کان ڏسجي ته ماضي جي ڀيٽ ڪافي  بهتر آهن، ڇاڪاڻ ته اڳ هڪ ئي تنظيم جو هن شهر تي  حڪم هلندو هو، نه ڪو قانون هو ۽ نه ئي ڪا حڪومت جي رٽ قائم هوندي هئي، ادارا ته سمورا موجود هوندا هئا پر  امن لاءِ ڪير به ڪوشش نه ڪندو هو،   اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  جو دورو هجي يا مشرف جو  ڪراچي ۾ ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جون وارداتون روز جو معمول بڻيل هونديون هيون پر جڏهن نواز ليگ اقتدار ۾ آئي ۽ ته ڪراچي مان نيٽو جا هٿيار ته هٿ ڪيا ويا پر ڪنهن به خاص ماڻهو جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي ۽ نه ئي وري  هن ملڪ جي عوام کي اهو ٻڌايو ويو ته آخر نيٽو جا هٿيار ڪٿان هٿ آيا، 
ميڊيا تي هٿيار سڀني ڏٺا پر انهن جوابدارن کي سزا ملي يا نه، اهو ته صرف حڪومت ئي ڄاڻي ٿي، پر اهڙين ڪاررواين سان   ڪراچي جي شهرين کي  امن ضرور نصيب ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ عام شهرين کي نشانو بڻايو ويندو هو ۽ ڀتو نه ڏيڻ تان  ڪاروباري مرڪزن ۽ فيڪٽرين کي باهيون ڏنيون وينديون هيون ۽ اهڙيون خبرون ڪيترن ئي اخبارن ۾ شايع به ٿي چڪيون آهن پر هاڻوڪي ڪراچي آپريشن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جيئن  دهشتگردن عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نواز سرڪار جهڙي ريت ڪراچي ۾ امن قائم ڪرايو، اهو ڪنهن به دور ڪراچي اندر نه ٿيو آهي، پر هاڻ وري هڪ ڀيرو ٻيهر هن  روشنين جي شهر کي  ڪنهن نڀاڳي جي نظر لڳي وئي آهي، جو دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ٻرن مان نڪري آيا آهن، هونئن ته هن شهر مان داعش جي عورتن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، ايتري قدر جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به دهشتگرد تنظيمن جي ڪمانڊرن کي مارڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي پر هاڻ  هڪ ڀيرو ٻيهر حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ هاڻوڪا دهشتگرد ايترا ته بهادر آهن جو اهي هٿين خالي ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري رهيا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ عيدالضحيٰ جي موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن تي حملو ڪيو ويو هو ۽ حملي ٻين کي نشانو بڻائڻ بدران سڀ کان اڳ هڪ پوليس اهلڪار کي نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويو، هڪ کي ته ان وقت ئي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي ۽ هڪ جي فرار ٿي وڃڻ جي خبرون به ميڊيا تي نشر ٿي هيون، جنهن تنظيم پوليس اهلڪار کي شهيد ڪيو، ان جو نالو انصار الشريعه ٻڌايو پيو وڃي ۽ هن تنظيم جي سربراهه ۽ حراست ۾ ورتل جوابدارن جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا هئا، جڏهن ته انصار الشريعه جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالله هاشمي جاچ دوران انڪشاف ڪيو هو ته انصار الشريعه 2015 جي پڇاڙي ۾ تنظيم جو آغاز ڪيو۽ تنظيم جي القاعده کان علحيدگي کان سهڪار لاءِ عبدالله بلوچ سان رابطو ڪيو. جنهن تي عبدالله پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ جو چيو، عبدالله 2012ع تائين ڪراچي ۾ هو تنهن هوندي 2012ع ۾ ڇاپي دوران عبدالله جي ٿاڪن مان هٿيار ۽ بارود مليو جنهن بعد عبدالله بلوچ افغانستان فرار ٿي ويو هو،
هونئن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هن شهر مان ڪيترن  دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، ايتري قدر جو هن شهر ۾ ڪڏهن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو آهي ته ڪڏهن وري ٽريفڪ اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو آهي پر حڪومت صرف هڪ جملو چئي رهي آهي ته دهشتگرد ختم ٿي ويا آهن، ڪجهه رهيل سهيل دهشتگرد اهڙيون ڪارراويون ڪري پنهنجي موجود جو احساس ڏياري رهيا آهن، بهرحال جاچ دوران ڊاڪٽر عبدالله هاشمي وڌيڪ انڪشاف ڪيو هو ته سندن گروپ اعليٰ تعليم يافته 10 کان 12 ڇوڪرن تي ٻڌل آهي، سمورا ڇوڪرا ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي ۽ دائود يونيورسٽي مان تعليم يافته آهن، اهي نوجوان افغانستان جي علائقي شراوڪ مان تربيت وٺي آيا آهن، جڏهن ته خواجا اظهار تي حملي جي  جي مفرور مرڪزي جوابدار عبدالڪريم عرف سروش جي والد سجاد صديقي جاچ دوران ٻڌايو ته سروش جون ڪيترن ئي مهينن کان  حرڪتون شڪي هيون ۽ هڪ ٻن سالن دوران ٻن هفتن تائين غائب ٿي ويو هو ۽ کين خبر پئي هئي ته سندن پٽ افغانستان هليو ويو هو.
جڏهن اهڙا انڪشاف ٿيا ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به حرڪت ۾ آيا ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ملازم ۽ فزڪس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪندڙ انصار الشريعه پاڪستان جي چيف کي گرفتار ڪيو ويو، ميڊيا تي خبرون به نشر ٿيون ته انصار الشريعه پاڪستان جي چيف شهريار عبدالله هاشمي کي ڪنيز فاطمه سوسائٽي ۾ مان حراست ۾ ورتو ويو ۽ هن ڪراچي يونيورسٽي جي فزڪس شعبي مان ماسٽر جي ڊگري به حاصل ڪئي آهي، انصار الشريعه پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالله هاشمي جي انڪشافن بعد ڳجهن ادارن ملتان ۾ ڪارروائي ڪندي انصار الشريعه جي دهشتگرد طلحه انصاري کي گرفتار ڪري به گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڇاپن دوران سندن ڪجهه ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو هو.
 جڏهن ڪراچي ۾ يونيورسٽين اندر دهشتگردن جي موجودگي جا انڪشاف ٿيا ته اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته جيڪي به شاگر يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا انهن جا سمورا تفصيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنا ويندا، جنهن بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر پروفيسر اجمل چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي معمولي واقعن کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي، شاگردن جا تفصيل سڪيورٽي ادارن کي ڏيڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن تي فخر آهي.
بهرحال هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته هي اهي يونيورسٽيون آهن جا عملدار  ڌرتي ڌڻين کي ته داخلائون ڏيڻ پسند نه ڪندا آهن پر سوات، پشاور، پنجاب ۽ افغانين کي داخلائون ڏيڻ ۾ دير به نه ڪندا آهن، ڌرتي ڌڻين سان نفرت وارو رويو رکندڙ انهن يونيورسٽي جي اعليٰ عملدارن صرف يونيورسٽين کي ڀرڻ ۽ سنڌي نوجوانن کي تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه ڏئي اهڙن نوجوانن کي  داخلائون ڏنيون جيڪي دهشتگرد تنظيمن سان تعلق رکندا هئا. بهرحال اڄ جيڪي به دهشتگرد تنظيمون  پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ قهري ڪارروايون ڪري رهيون  آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ آهي، جيڪي افغانستان بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڪراچي پهچي ويندا آهن ۽ قهريون ڪارروايون ڪري فرشتن جيان هتان گم ٿي ويندا آهن. هاڻ جڏهن هڪ ٻي وڌيڪ تنظيم جو انڪشاف ٿيو آهي ته حڪومت کي گهرجي ته سرحدن کي محفوظ بڻائي دهشتگردن جوگهيرو تنگ ڪري سٺي ۽ خراب دهشتگرد جي بغير ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين سنڌ جو راڄڌاني شهر ڪنهن وڏي دهشتگرد تنظيم جي قهر کان بچي سگهي.

No comments:

Post a Comment