Pages

Sunday 17 September 2017

ڌارين کي آباد ڪرڻ جا اعلان ۽ سنڌين جي خاموشي

صاحب خان ڀٽي
پ پ سينيٽر مرتضيٰ وهاب جي پنج لک برمين کي  سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري بيان کان پوءِ هڪ ٻئي وزير به سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي ڊوميسائل ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي سنڌ جي ساڃاهه وندن تمام گهڻي مذمت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه پاران مرتضيٰ وهاب جي بيان  جي ترديد ڪئي آهي پر ان سان پارٽي جي حڪمت عملي واضح نه ٿي ٿئي،ڇاڪاڻ ته اهڙي ترديد پيپلزپارٽي جا سمورا اڳواڻ ڪن ها ته سنڌ واسين پيدا ٿيل ڳڻتي ختم ٿي وڃي ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ ۾ لکين ڌاريا آباد آهن، انهن ڌارين جي لوڌ جي اچڻ جي شروعات 1973ع کان شروع ٿي،
جڏهن بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي هڪ ملڪ بڻجي ويو ته بنگالين ڌارين کي ڪيمپين ترسايو ۽ هتان جي سياستدانن انهن ڌارين کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي حڪمت عملي جوڙي هئي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ڌارين کي ڊوميسائل ٺهرائي ڏيڻ جا اعلان ڪري رهيا آهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ساڃاهه وندن اهڙن فيصلن تي ڳڻتي  جو اظهار ڪندي ڌارين کي واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو مطالبو ڪيو آهي پر افسوس جو هتان جون طاقتور ڌريون جيڪي هن ملڪ ۾ رهندڙن کي نوڪريون نٿيون ڏئي سگهن ۽نه ئي انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري سگهن ۽ ڌريون پنهنجي واٺن ذريعي ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ جا اعلان ڪرائنديون آهن، افغانستان ۾ جڏهن لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو ته انهن کي به ڪيمپين ۾ رکڻ بدران هن هن ملڪ ۾ ايئن ڇڏيو ويو، جيئن هي ملڪ صرف انهن پناهگيرن لاءِ ٺاهيو ويو هجي ۽ هتان جا سياستدان پاڻ کي سچو مسلمان ظاهرڪري انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ انهن جي تمام سٺي مهمان نواز ڪرڻ جا اعلان ڪيا،
ڪجهه ڏينهن اڳ شماريات  کاتي چيو ته ماضي ۾ جڏهن آدمشماري ٿي هئي ته ان وقت افغانين کي آبادين ۾ نه ڳڻيو ويو هو پر هاڻ هن ڀيري انهن وڏو ڪارنامو ڪري انهن کي آبادي ۾ ڳڻيو آهي ۽ ڳڻپ کي درست قرار ڏنو پر سنڌ آدمشاري کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو سنڌ جي ڳڻپ ۾ ردوبدل ڪيو ويو هجي، هي سلسلو ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي ته جئين سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکاريو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو هتان جون طاقتور ڌريون هميشه ڌرين جي لوڌ کي مذهب جي نالي تي صرف سنڌ ۾ آباد ڪنديون آهن ۽ هتان جا ڪامورا جيڪي سنڌين جي ووٽ تي اقتدار ۾ ايندا آهن ۽ اقتدار جي لالچ ۾ انهن آڏو ڪنڌ جهڪايو بيٺا آهن ۽ حاضر “سر” چوڻ ۾ مصروف هوندا ۽ انهن کي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون نظر نه اينديون آهن، اڄ جيڪا ملڪ ۾ دهشتگردي آهي، اها به صرف ڌارين جي لوڌ سبب آهي،
جيڪڏهن هن ملڪ ۾سمورين قومن کي پنهنجا پنهنجا حق ڏنا وڃن ها ته ڪو به احتجاج نه ٿئي ۽ نه ئي وري ناانصافين واريون دانهون ٿين ها. اڄ هتان جا حڪمران ملڪي سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا  آهن، جيڪڏهن هر قوم کي پنهنجا پنهنجا جائز حق مُهيا ڪري ڏنا وڃن ها ته اڄ ملڪ جون حالتون تبديل هجن ها. بهرحال جهڙي ريت هن وقت طالبان هتان جي طاقتور ڌرين کي ڳچي پيا آهن، اهو ڏينهن پري نه آهي ته جن پناهگيرن کي هتي ترسائي  عالمي دنيا کي مهمانوازي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، اهي ئي انهن جي لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويندا، ڀلي کڻي هن وقت پيپلزپارٽي جو اڳواڻ مرتضيٰ وهاب پنج لک برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جا اعلان ڪري، پر هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته ڌرتي ڌڻي پنهنجي وطن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن،
جڏهن هن ملڪ جو نالو دنيا جي نقشي تي به نه هو، تنهن وقت به سنڌي پنهنجي ڌرتي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندا هئا، اڄ به جڏهن ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون جيڪي ملڪي سطح تي شازسون ٿي رهيون آهن،ڌرتي ڌڻي ان جي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب کان وڌيڪ ڌاريا سنڌ ۾ آباد آهن ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيندڙ ٻيا ڪير نه پر اهي ئي وزير ۽ مشير هوندا آهن جيڪي ووٽ جي لالچ ۾ انهن جي مدد ڪندا آهن، جن کي سنڌ جو عوام ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندو آهي  ۽ اهي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ وڏن وڏن منصوبن جا اعلان ڪندا آهن، جنهن سان  سنڌ کي فائدو نه پر ويتر نقصان ئي ٿيندو آهي، بهرحال هن وقت ته صرف اعلان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ته برمين، بهارين ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا وڃن،
خبر ناهي ته الائي ڪيترن برمين، بهارين، بنگالين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ملي چڪا آهن، شايد ان جي جاچ به نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي دشمنن افغان پناهه گيرن کي ڪي پي ڪي جي پٺاڻن جو لقب  ڏئي ڇڏيو آهي ته برمين، بهارين، بنگالين ۽ ٻي لوڌ کي مهاجر بڻائي هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا ويا آهن، ڪجهه عرصو اڳ ته ايم ڪيو ايم پاران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، هاڻ ته خبر ئي نه ٿي پئي ته ڇا پرڏيهه ۾ جيڪو شخص رهي ۽ ان وٽ پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ نه هجي ته پوءِ پاڪستاني ڪيئن ٿي سگهي ٿو. آخر ايم ڪيو ايم وارا ڪهڙن پاڪستانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. سندن مطالبي مان ئي لڳي پيو ته هو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ جا حامي آهن جنهن جي ڪري پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀارتين کي سنڌ جا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ چاهين پيا ۽ ان وقت اهي اقتدار ۾ به هئا،
 ايتري قدر جو ايم ڪيو ايم بنگلاديش ۾ ڪيمپن ۾ رهندڙ ڌارين کي به سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ۾ مطالبو ڪندا رهندا آهن، پر اسان جا ڪامورا صرف انهن جا بيان ٻڌي ڪنڌ لوڏيندا رهندا آهن ۽  انهن کي جواب ڏيڻ جي همت نه رکندا آهن. بهرحال هن وقت جن قومن هن ملڪ کي ٺاهيو انهن سان ناانصافيون تمام گهڻيون ٿي رهيون، سواءِ پنجاب جي، ڇاڪاڻ ته پنجاب طرفان اڄ تائين ڪا به ناانصافي جي دانهن نه ڪئي آهي، صرف سنڌ ۽ بلوچستان طرفان هر ڀيري ناانصافي جي دانهن ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي قومن جا نوجوان هن ملڪ جي هر اداري ۾ نه هجڻ جي برابر آهن، ڀلي پوءِ هو ڪرڪيٽ جو ميدان هجي يا ڪو ٻيو ادارو هجي، سنڌي قوم ۽ بلوچ قوم کي هر شعبي ۾ ڄاڻي واڻي پوئتي رکيو ويو آهي. جنهن سبب انهن ٻنهي قومن ۾ مايوسي ڇانيل آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ ۾ پناهگيرن کي آباد ڪرڻ جي سگهه نه رهي آهي ۽ نه وري دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ڪا صلاحيت آهي، آمريڪا جهڙو ملڪ به پناهه گيرن کي ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ خطرو سمجهندوآهي پر هتي مذهب جي نالي تي هر ڌاري کي آباد ڪرڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻو آهي ۽ امن امان قائم رکڻ جي خواهش آهي ته هتان جي طاقتور ڌرين کي فوري طور بنگالين، برمين، افغان پناهه گيرن ۽ ٻين ڌارين کي تڙي ڪڍڻو پوندو،ڇاڪاڻ  ته سعودي عرب جهڙو  ملڪ به پناهه گيرن کي پناهه ناهي ڏيندو، ايتري قدر جو سعودي عرب جهڙو ملڪ پاڪستانين کي برداشت ناهي ڪندو، جن وٽ ويزا نه هوندي آهي ته پوءِ آخر اسان جي ملڪ جي طاقتور ڌرين ڪهڙو ٺيڪو کنيو آهي جو ڌارين جي مهمان نواز ڪئي پئي وڃي،
هن ملڪ جو عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي ۽ هتان جو عوام پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهي پر ان باوجود ڌارين کي آباد ڪري ۽ انهن جي ڳڻپ آبادي ۾ ڏيکاري، ڇا پيو ظاهر ڪيو وڃي، آخر ڪهڙا سبب آهن جو ڌارين جي لوڌ جي مهمانوازي جو ٺيڪو صرف اسان جي ملڪ کنيو آهي. حڪمرانن کي ٿوري سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ته هاڻ هن ملڪ وڌيڪ پناهه گيرن جي ڪا به گنجائش نه آهي ۽ جيڪي هتي ڌاريا آباد ٿيا آهن، انهن کي تڙي ڪڍيو وڃي، ايئن نه ٿئي جو اڳتي هلي اهي ڌاريا هتان جي اصل ڌرتي ڌڻين جو قتل عام شروع ڪن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پناهه گيرن جي آڙ ۾ داخل دهشتگردن هتان جي عوام جو قتل عام به شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي، طالبان، داعش سميت ٻين دهشتگرد تنظيمن جي صورت ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيون پيون اچن.


No comments:

Post a Comment