Pages

Saturday 30 September 2017

دهشتگردي پکيڙيندڙ انجام تي پهچندا؟

صاحب خان ڀٽي
روشنين جي شهر ڪراچي ۾ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر خوف واري صورتحال قائم ٿي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ به ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جون ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون آهن، ڪجهه علائقن ۾ ته ماڻهو ڦرن دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿي رهيا آهن ته ڪٿي وري ”نامعلوم“ دهشتگرد پنهنجو خوف برقرار رکڻ لاءِ عورتن تي حملا ڪري رهيا آهن، هونئن ته ڪراچي ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا هن وقت به موجود آهن، جيڪي نوگوايريا بڻيل آهن، جتي هن ديس جا ماڻهو نه پر افغانستان سميت ٻين ملڪن جي لوڌ ترسيل آهي ۽ اها لوڌ کي آڻڻ وارا ٻيا ڪير نه اسان جا حڪمران ئي آهن، جيڪي هن ملڪ کي پنهنجي ملڪيت  سمجهي هلائي رهيا آهن، جن کان ڪير به پڇڻ وارو ئي نه آهي، هو جنهن کي چاهين هن ملڪ ترسائي سگهن ٿا ۽ جن کي چاهين هن ملڪ مان غداري جو سرٽيفڪيٽ ڏئي بي دخل ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن ئي هن ملڪ جو ٺيڪو کنيو آهي ۽ اهو ٺيڪو ڪنهن ٻئي نه اسان پاڻ ئي پنهنجي ووٽ ذريعي انهن کي ڏنو آهي.
هميشه حڪمران  جمهوريت جو راڳ ڳائيندا آهن پر ان جمهوريت جو عوام کي صرف اهو ئي فائدو ملندو آهي جو اهو اقتدار ۾ اچي واعدا ڪندا آهن جيڪي هو ووٽ دوران ڪندا آهن، ڪڏهن اهو چيو ويندو آهي ته انهن وٽ اختيار نه آهن ته ڪڏهن وري چيو ويندو آهي ته ملڪ قرض ۾ ٻڏل آهي. خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر ايترو قرض هن ملڪ ورتو ويو، اهو ڪڏانهن ويو ۽ اهو پئسو ڪٿي خرچ ڪيو، شايد اهو سوال ڪرڻ جو حق به هن ملڪ جي عوام کي نه ڏنو ويو آهي، حڪمران ته صرف پنج سالن لاءِ ايندا آهن ۽ هن ملڪ جي ترقي خاطر قرض کڻندا آهن ۽ جڏهن انهن جي حڪومت جو مدو پورو ٿي ويندو آهي ته واپس پنهنجن علائقن ڏانهن هليا ويندا آهن، انهن کان ڪير به پڇڻ  جي جرئت نه ڪندو آهي ته آخر هن ملڪ لاءِ ورتل قرض ڪٿي خرچ ڪيو ويو، جيڪڏهن قرض ورتو ويو ته اهو هن وقت تائين لاٿو ڇو نه ويو  آهي؟ هن وقت ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي بڻيل آهي پر ان باجود هن ملڪ جو عوام بک، بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هر طرف ناانصافين جون دانهون ٿي رهيون آهن،
سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام ته تمام گهڻو پوئتي آهي، سنڌ جو عوام اڄ به ڌارين جي لوڌ جو ظلم برداشت ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي مالڪن کي وسيلن مان ڪجهه نه پيو مليو، ايتري قدر جون جيڪي به سنڌ جا سرڪاري ادارا آهن، انهن ۾ ڌارين جي لوڌ ڀرتي ٿيل آهي پر ان باوجود حڪمران وڏي فخر سان چوندا آهن ته ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن آهي، آخر ترقي ان کي چئبو آهي، جتي استاد توڙي نرسون پگهارن ۽ جائز مطالبن لاءِ در بدر ڀٽڪندا رهن؟ جيڪڏهن حڪمران ان کي ترقي ٿا چون ته پوءِ اها ترقي وفاق ۽ صوبائي حڪومت پاڻ وٽ ئي رکي،
جيڪڏهن سڄي سنڌ جي صورتحال تي جائزو وٺنداسين ته هزارين سنڌي نوجوان نوڪرين لاءِ  ادارن جا چڪر لڳائي رهيا آهن پر وفاق ۽ سنڌ  حڪومت ۾ ويٺل سنڌ دشمن چئي  رهيا آهن ته نوڪريون ميرٽ  تي ڏنيون پيون وڃن، خبر ئي نه ٿي پئي ته حڪمرانن جي نظر ۾ ” ميرٽ “ آهي ڇا؟ اسان اڄ تائين انهن جي ”ميرٽ “  کي سمجهي نه سگهيا آهيون، ڇاڪاڻ افغانستان مان آيل لوڌ ٻين صوبن مان آيل ماڻهن کي سنڌ اندر سرڪاري نوڪريون ملي ويندو آهن، ايتري قدر جو پوليس ۽ ٻين کاتن به غير سنڌي ڀرتي ٿيل آهن، جن کي سنڌي ڳالهائڻ به نه ٿي اچي اهي به سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل آهن. مطلب ته وفاق جي نظر ۾ جن ادارن ۾ سنڌي ڳالهائندڙ ڀرتي نه ٿيل آهي، اتي ” ميرٽ “ آهي پر جن ادارن ۾نالي ماتر سنڌي ڀرتي ٿيل آهن، انهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي سفارشي ڀرتي ٿيل آهن، جڏهن  وفاق جو رويو ئي سنڌ سان اهڙو هجي ته انهن جي آشيروارد سان سنڌ ۾ اقتدار ۾ ايندڙ سنڌ جي ڪامورن جو رويو ڪهڙو هوندو؟ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جون نياڻيون به پگهارن خاطر احتجاج ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجا جائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر اقتدار جي نشي ۾ سنڌ جا حڪمران عوامي  مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيا آهن، رهندو  سنڌ جي عوام کي اکيون ڏيکاريون پيون وڃن  ۽ چيو پيو وڃي ته ڀلي ڪو ناراض ٿئي ته ڀلي ٿئي هو ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ به ڏيندا ۽ انهن کي ترسائيندا به ۽ انهن کي ڪير روڪي نه سگهندو.
ان ۾ واقعي ڪو شڪ به نه آهي، حڪمرانن کي ڪير روڪي سگهي ٿو، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ عوامي طاقت جي حڪومت قائم ٿيل  هجي ها ته شهيد ذوالفقار ڀٽي کي ڪڏهن ڦاهي نه اچي ها ۽ نه شهيد بينظير ڀٽو کي اسلام آباد ۾ قتل ڪيو وڃي آهي، طاقتور ڌر جي آشيروار سان اقتدار ۾ ايندڙ حڪمرانن کان اهڙن بيانن کان سواءِ ٻيا ڪهڙي اميد ڪري سگهجي  ٿي،  جيڪڏهن سنڌ ۾ عوامي حڪومت هجي ها ته  روڊن تي نياڻيون احتجاج نه ڪن ها ۽ نه ئي وري سڪيورٽي ادارا پگهارن لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن تي لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪن ها ۽ نه ئي وري برطرف ٿيل بنا وري جي پوليس اهلڪارن تي  وردي وارن اهلڪارن طرفان تشدد ڪيو وڃي ها.
بهرحال  احتجاج پنهنجي جاءِ ته پر سنڌ جي راڄڌاني ۾ ڌارين جي لوڌ سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، هن روشنين جي شهر ۾ اڳ هڪ سياسي پارٽي جي دهشتگردن جو راڄ هو ۽ هاڻ انهن دهشتگردن جو راڄ قائم ٿيڻ طرف وڃي رهيو  آهي، جن کي هٿ ڌوئڻ به نه ايندو آهي ۽ پهاڙن مان نڪري اچي شهر ۾ آباد ٿيا آهن، خبر ئي نه ٿي پئي ته اهي افغاني آهن يا وري ڪي پي ڪي جا  رهواسي آهن، ڇاڪاڻ ته افغانين ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن ۾ فرق ئي نظر نه اچي رهيو آهي، جڏهن  انتهاپسندن سنڌ جي درگاهن کي نشانو بڻايو ته  پوليس  همت ڪري ڪجهه افغان شهرين کي گرفتار ڪيو هو ته سنڌ اندر ٿورو امن قائم ٿيو هو پر انهن جي گرفتارين تي ڪي پي ڪي مان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون ۽ چيو پئي ويو ته اهي ڪي پي  ڪي جا آهن،  پر جن به ماڻهن کي  هتي حراست ۾ ورتو ويو، انهن بابت اخبارن ۾ خبرون شايع ڪيون ويون هيون ته انهن وٽ سڃاڻپ ڪارد نه هو، جنهن سبب انهن افغان شهرين کي حراست ۾ ورتو ويو.
بهرحال هي وقت تنقيد ڪرڻ جو نه آهي، حڪومت کي ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا ، ڇاڪاڻ ته  اڳ ته هڪ سياسي تنظيم جا دهشتگرد هئا پر هاڻ انهن جاهلن جو راڄ قائم ٿي رهيو آهي، جيڪي ڪنهن کي به ڪافر جو درجو ڏئي ڪنهن به وقت مارائي سگهن ٿا، ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي مان عالمي دهشتگرد تنظيم جا دهشتگرد گرفتار ٿي رهيا آهن،  جنهن سبب هن شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جو خوف وڌندو پيو وڃي، بهرحال انهن عالمي دهشتگردن کي آمريڪا جهڙو ملڪ به منهن نه ڏئي سگهيو آهي  ته هتي انهن تي ڪهڙي ريت ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اهو به هڪ وڏو سوال آهي.  هن شهر ۾ دهشتگردي سان گڏ هڪ ٻيو گروپ به سامهون اچي ويو جيڪو عورتن تي حملا ڪري رهيو آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪراچي  جي علائقي سهراب ڳوٺ، گلستان جوهر، منگهو پير ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ دهشتگرد تنظيمن جا ڪارڪن گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي کي ماريو  به ويو آهي پر ان باوجود هن شهر ۾ اڄ به دهشتگردن جو خوف برقرار آهي، ان جو مثال گلستان جوهر واري علائقي مان  ملي ٿو، جتي گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ستن عورتن  تي حملو ڪيو ويو آهي پر هن وقت انهن  ڪو  به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر حڪومت انهن دهشتگردن کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي.

No comments:

Post a Comment