Pages

Thursday 7 September 2017

سنڌ کي برما نه بڻايو..!!

صاحب خان ڀٽي
برما ۾ ٿيندڙ ظلم تي سڄي دنيا جي مسلمانن کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي ها پر افسوس جو ايئن نه ٿيو، سمورا مسلمان ملڪ صرف بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن، سعودي عرب جيڪو سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن جو وڏو سڏيو ويندو آهي، ان به هن وقت تائين برما جي مسلمانن کي پنهنجي ملڪ ۾ ترسائيڻ جو ڪو به اعلان نه ڪيو آهي ۽ آخر اهو ڪندو به ڪين؟ ڇاڪاڻ ته سعودي عرب جيڪو پاڪستانين کي به ڊي پورٽ ڪري ڇڏيندو آهي، اهو ڪيئن آخر برما جي مسلمانن کي پناهه ڏيندو، ايتري قدر جو بنگلاديش به انهن برما جي مسلمانن کي ملڪ ترسائڻ بدران ڪيمپين ۾ ترسائي رهيو آهي، جيئن هن بنگلاديش 1973ع ۾ اتي پناهه وٺي رهندڙن کي ترسايو هو ۽ هاڻ به اهو پنهنجو ڪم جاري رکيو پيو اچي، جيڪو ظلم برما ۾ ٿي رهيو آهي، ان جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي،
 هن وقت تائين سعودي عرب کان ويندي ترڪي تائين ڪنهن به مسلمان ملڪ برما سان سفارتي لاڳاپا ختم نه ڪيا آهن، صرف بيان وڏا وڏا ڏنا پيا وڃن، جن کي ٻڌي مسلمان ملڪن جا ماڻهو ڏاڍو خوش ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ملڪن کي برما تي ٿيندڙ ظلم جو احساس هجي ها ته اهي پنهنجي فوج موڪلين ها يا وري سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن ها پر اهو ڪجهه به نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا خاص مذمت ڪئي وئي آهي.  برما ۾ جيڪو هي ظلم ٿي رهيو آهي،  اهو ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، جنهن تي سڄي دنيا خاموس آهي پر هاڻ جڏهن برما ۾ ٿيندڙ ظلم سوشل ميڊيا تي ڪُر کنيو آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان جاڳي پيا آهن ۽ سوشل ميڊيا تمام گهڻي وڻي رهي آهي، سمورا ملڪ سوشل ميڊيا کي سچ به سمجهي رهيا آهن پر جڏهن انهن ملڪن خلاف سوشل ميڊيا تي اهڙي قسم جون خبرون هلنديون آهن ته انهن وقت چيو ويندو آهي ته ان سوشل ميڊيا جي خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي،
 بهرحال برما ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم کان ڪير به انڪاري نه آهي، ڇاڪاڻ ته مختلف وقتن تي اهڙيون ته وڊيو فيس بڪ تي شيئر ڪيون ويون جو ڏسندي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو. هي برما اهو ئي ملڪ آهي، جنهن 4 جنوري 1948ع ۾ برطانيا کان آزاي حاصل ڪئي هئي ۽ هن ملڪ جا ست صوبا ۽ ست ڊويزنون آهن،
هن ملڪ جون رياستون، شان، ڪايان، ڪڇين، ارڪان، ڪرين، مون ۽ ڇين آهن. جڏهن ته هن ملڪ جي ڊويزن ۾ مانڊلي، مگوي، پيگو، ايراودي، رنگون، تناسرم ۽ سنگائن شامل آهي، تاريخ ۾ لکيل آهي ته 1287ع ۾ جڏهن برما تي حملو ڪيو ويو ته برما ڪيترن ئي حصن ورهائجي ويو هو جن تي شان قبيلي جي ماڻهو حڪومت ڪندا هئا، 16هين صدي ۾ ٽنگو خاندان جي حڪومت قائم ٿي هئي، جڏهن ته 18هين عيسوي صدي ۾ مون قبيلي پنهنجا پير ڄمايا هئا.1784ع ۾ برمي راجا  ٻڌپيا  ”ارڪان “ تي  حملو ڪري قبضو ڪيو  هو، ان کان “ارڪان“ آزاد ۽ خودمختيار رياست هئي. 1826ع ۾ ”ارڪان” ۽ ”تناسرم“ برٽس انڊيا جي ماتحت اچي چڪو هو، جڏهن ته 1885ع ۾  شان رياست تي انگريزن قبضو ڪيو هو.
ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي ته 8 صدي ۾ جڏهن خليفي هارون الرشيد  برما ۾ واپار سلسلي پهتو ته ان وقت مسلمان اچي آباد ٿيا هئا. جيڪڏهن سنڌ جي حالت ڏسنداسين ته 1947ع کان صوفين جي هن سرزمين تي ڌارين جي لوڌ جو سلسلو جاي آهي، جيڪو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي، هزارين احتجاجن باوجود نه ته ڪنهن دانهن ٻڌي ۽ نه ئي وري سنڌ جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي، بلڪه جڏهن به احتجاج ٿيو ته سنڌ سان پيار ڪندڙن کي مختلف خطاب ڏئي انهن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،
بنگلاديش به هن ملڪ کان الڳ ٿيو ته اتي پناهه وٺي ترسيلن کي به تڙي سنڌ ڏانهن ڌڪيو ويو ۽ اهو سلسلو  اُتي ختم نه ٿيو، جڏهن نائين اليون کان پوءِ آمريڪا افغانستان تي دهشتگردن خلاف حملو ڪيو ته ان وقت به هن ملڪ جي ڏاڍ مڙسن انهن کي ترسائڻ جي حامي ڀري ۽ انهن سمورن افغان پناهگيرن جو رخ سنڌ ڏانهن موڙي ڇڏيو ۽ سنڌ جي عوام جو ووٽ وٺي اقتدار  ۾ ايندڙ وزيرن ۽ ڪامورن خاموشي اختيار ڪئي پر سنڌ سان محبت ڪندڙ  خاموش نه ويٺا ۽ جيڪو ٿي سگهيو، هنن احتجاج ڪيو، ان کي به سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندڙ پارٽي رد  ڪري ڇڏيو، جن ماڻهن افغان پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي خلاف احتجاج ڪيا، انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ انهن کي جيلن ۾ به وڌو ويو، هن وقت ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين ڌارين جي لوڌ آهي، جيڪا سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي جيڪا هميشه سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي آهي، ان کي نظر نٿو اچي، باقي قومپرست، سڃاهه وند ڌريون ڏسي رهيون آهن، جيڪي هر وقت ڳڻتي جو اظهار به ڪنديون رهيون آهن پر افسوس جو سنڌ هن وقت عالمي يتيم خانو بڻجي چڪي آهي،
جنگ افغانستان ۾ لڳي يا ٻئي هنڌ انهن متاثرن کي صرف سنڌ ۾ ئي ترسايو ويندو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سڄي دنيا جا ملڪ پناهگيرن کي صرف ڪيمپن ۾ ترسائيندا آهن پر افسوس جو هن ملڪ وٽ هڪ ته وسيلا نه آهن ٻيو وري مهمان نوازي جو به وڏو شوق آهي، هن ملڪ جو عوام بک پيو مري، ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ ملڪ قرضي بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن ايئن کڻي چئجي ته ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي بڻجي چڪو آهي ته  ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، اهو قرض لهندو يا نه ؟ پر جيڪا ڌارين جي لوڌ هن ملڪ ۾ آباد ڪئي وئي آهي، اها ڪڏهن به هن ملڪ مان نه ويندي، هڪ ته هت بيروزگاري،بک ۽ بدحالي ته مٿان وري ڌارين جي لوڌ جي اچڻ سبب ملڪ ۾ دهشتگردي، آپگهاتي  حملا  ۽ بدامني پکڙجي وئي آهي،
ايترو قدر جو نه ته ڪا مسجد محفوظ رهي  آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن امام بارگاهه کي تحفظ آهي، ايتري قدر جو درگاهون به محفوظ نه رهيون آهن، ڪڏهن دهشتگرد قلندر جي نگري کي رت سان ٿا وهنجارين ته ڪڏهن وري جلسن جلوسن ۾ ڌماڪا ٿا ڪن. سنڌ جي زمين کي ڳڙڪائي کائيندڙ به اعلان ڪري رهيا آهن ته اهي ڌاريا سنڌ ۾ آباد ڪندا، جيڪڏهن  ڌارين تي ٿيندڙ ظلم جو انهن سنڌ دشمنن کي ايڏو احساس آهي ته پوءِ انهن کي سرحدن تي ڪيمپون لڳائي ترسائي وڃو ۽ ڌارين جي لوڌ کي هن ملڪ آباد ڪري هن ملڪ ۾ وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، جيڪي به  ڌاريا هن ملڪ ۾ آباد ڪيا ويا آهن، ان سان هن ملڪ جون حالتون خراب ئي ٿيون آهن، اڳ ۾ هن ملڪ جي فوج سرحدن تي هوندي هئي پر جڏهن  کان افغانستان مان پناهگيرن ملڪ ۾ ڀريا ويا آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فوج سرحدن سان گڏ  هن ملڪ جي اندر به آپريشن ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي آهي، جنهن سان هن ملڪ جا دشمن روزاني سرحدن تي فائرنگ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن پناهگيرن کي سرحدن تي ئي ڪيمپن ۾ رکيو وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه هجن ها ۽ نه ئي ايڏي بدامني هجي ها، هاڻ ته اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جن پناهگيرن کي هن ملڪ ۾ ترسايو ويو هو، ان جو رڪارڊ به موجود نه آهي، سنڌ جو عوام ته ان وقت به اهي دانهون ڪري رهيو هو ته جيڪا لوڌ هن ملڪ ۾ داخل ڪئي پئي وڃي، اها هن ملڪ ۾ بدامني جو ڪارڻ بڻبي پر مجال آهي جو ان وقت ڪنهن سنڌين جي احتجاج تي ڌيان ڏنو هو،
هن وقت به سنڌ جا دشمن ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي برما بڻائڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهن، جنهن کي سنڌ جو سجاڳ عوام رد ڪري چڪو آهي پر افسوس جو جن سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي اقتدار ماڻيو، اهي ئي ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا  آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪوئلو، گيس ۽ پيٽرول هوندي به بک ۽ بدحالي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. يونيورسٽين ۾دهشتگردن ۽ پناهگيرن کي ته داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون پر ڌرتي ڌڻين کي ڌڪا ڏنا پيا وڃن ۽ اقتدار ۾ ويٺل سنڌي ڪامورا خاموش تماشائي بڻيل آهن، جن جي وات مان هڪ لفظ به نه ٿو نڪري، جيڪي اقتدار جي لالچ ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ تيار ويٺا آهن. جن کي سنڌ ڌرتي سان پيار نه پر ڪرسي سان پيار آهي. هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر ڌارين جي لوڌ کي ڊوميسائيل ۽ نادرا جا ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي اعلان ڪيا پيا وڃن، جيڪا هن ملڪ سان دشمني جي برابر آهي، جيڪڏهن اهي ناانصافيون ٿينديون رهيون ته هن ملڪ ۾ امن ڪڏهن به قائم نه ٿيندو ۽ ڌارين جي لوڌ سنڌ سميت سڄي ملڪ کي اهڙي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيندي جنهن کي ڪڏهن به وسائي نه سگهبو.

No comments:

Post a Comment