Pages

Friday 22 September 2017

مشرف جا الزام ۽ لڙُهي ويل بينظير جو قتل ڪيس

صاحب خان ڀٽي
24 ڊسمبر  2007 ع ۾ شهيد ٿيل بينظير ڀٽو جو ڪيس هن وقت تائين عدالت ۾ هلي رهيو آهي، اي ٽي سي عدالت پاران پنج مرڪزي جوابدارن کي آزاد ڪري ۽ ٻن پوليس آفيسرن کي غفلت ڪرڻ تي 17 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي  وئي هئي، جڏهن ته اڳوڻي آمر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس مليڪت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ اهو فيصلو دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ راولپنڊي جي جج محمد اصغر خان ڏنو هو، فيصلي ۾ جج پنجن جوابدارن اعتزاز شاهه، شير زمان، حسنين گل، رفاقت حسين ۽ قاري عبدالرشيد کي ثبوت نه ڏيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو، جڏهن ته راولپنڊي پوليس جي اڳوڻي سربراهه ڊي آئي جي سعود عزيز ۽ ايس پي راول ٽائون خرم شهزاد کي غفلت ڪرڻ تي 17 سال قيد ۽ 5، 5 لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪيس ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو پر ان جو فيصلو نه اچي رهيو هو، هن ڪيس ۾ اٺ چالان پيش ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ٻڌڻيون  به ٿيون هيون ۽ هن ڪيس ۾ ست جج تبديل ٿيا جڏهن به شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ويجهو ايندي هئي ته جيالن پاران پيپلزپارٽي کان بينظير جي قاتلن کي وائکو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته آصف علي زرداري چوندو هو ته توهان جو ڇا وڃي، گهرواري هن جي قتل ٿي آهي ۽ اهو به چوندو هو ته کيس سڀ ڪجهه خبر آهي ته بينظير جو قاتل ڪير آهي.
هن وقت هڪ طرف نواز ليگ جو گهيرو مڪمل طور تنگ ڪيو ويو آهي ۽ پيپلزپارٽي مٿان به ڪارا بادل ڇائنجي ويا آهن، ان جو ڪو هڪ چٽو مثال موجوده حالتن ۾ به لڳائي سگهجي ٿو، هونئن ته پيپلزپارٽي سنڌ کي ڇڏي ڪري ٻين صوبن ۾ نه هئڻ جي برابر ٿي وئي آهي، ان جو اندازو هاڻوڪي پنجاب ٿيل تڪ اين اي 120 تي ٿيل ننڍي چونڊ مان به لڳائي سگهجي ٿو،جتي پيپلزپارٽي جي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي وئي هئي، هن وقت صرف سنڌ اندر پيپلزپارٽي جو عروج آهي، اهو به صرف ان ڪري آهي جو ڪجهه ترقياتي ڪمن سبب عوام کيس ياد ڪري رهيو آهي، نه ته آصف علي زرداري کي ٻين صوبن جيان هتي به ساڳيون حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي،
جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مضبوط آهي پر اهو پري ڏينهن نه آهي، جڏهن ڪا ٻي پارٽي پيپلزپارٽي جي جڳهه والاري وٺندي، هڪ طرف سياست ۾ آيل نيون مذهبي جماعتون وڏي اڪثريت ۾ ووٽ کڻي رهيون آهن ته ٻي طرف وري عمران خان جا به ڪامياب جلسا ٿي رهي آهن، ڪجهه تجزيا نگار ته اهو چئي رهيا آهن ته عمران خان جي سنڌ ۾ اچڻ مان لڳي ٿو ته هاڻ پيپلزپارٽي کي مذهبي ۽ فسادي جماعتن سان گڏ پي ٽي آءِ به سنڌ ۾ مقابلو ڪندي، جنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرندو جو تحريڪ انصاف به ڪجهه سيٽون کڻي وٺندي،  جنهن جو پيپلزپارٽي کي تمام گهڻو ڌڪ لڳندو
. بهرحال هن وقت ڳالهه هلي رهي آهي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جنهن نوان انڪشاف ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر  ملڪي سياست ۾ هڪ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي  شهيد ڪيو ويو ته ان وقت سنڌ ۾ باهه ٻري وئي هئي ۽ ان وقت آصف زرداري ” پاڪستان کپي“ جو نعرو هنيو، جنهن سبب هن ملڪ جون حالتون بهتر ٿيون هيون، ان وقت ته بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  جاچ به شروع ٿي پر افسوس جو هن وقت تائين بينظير ڀٽو جا قاتل ظاهر ٿي نه سگهيا آهن، جيئن ڪراچي شهيد ٿيل مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل وائکا نه ٿي سگهيا آهن، مطلب ته اهي هن وقت تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آهن
جيتوڻيڪ هن وقت  عدالت پيپلزپارٽي جي بينظر ڀٽو جي فيصلي خلاف ٽي اپيلون داخل  ڪرايون ويون،  جن کي منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايف آئي اي جي پراسيڪيوٽر چوڌري اظهر چيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم جي قتل ڪيس جا 121 گواهه هئا جن مان صرف 68 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته بينظير ڀٽو جي ڊرائيور عبدالرحمان کانسواءِ سڀني کان جاچ ڪئي وئي.
بهرحال هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي سياست ۾ افراتفري مچي وئي  آهي ۽ سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول به پيدا ٿي ويو آهي،  ۽ اهو سڀ  ڪجهه ان ڪري ٿي هيو آهي جو پيپلزپارٽي طرفان بينطير ڀٽو ڪيس جي مڪمل طور اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. هڪ ٻه ڏينهن اڳ جڏهن  پرويز مشرف پنهنجو وڊيو پيغام جاري ڪيو  هو ته ان وقت به پيپلزپارٽي جو سخت رد عمل ظاهر ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي شهيد بيظير ڀتو جو قاتل قرار ڏنو هو ۽ هن چيو ته بينظير ڀٽو کي آصف علي زرداري قتل ڪرايو.هو بلاول، آصفه، بختاور ۽ قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته بينظير جو اصل قاتل ڪير آهي؟ بينظير ڀٽو کانسواءِ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ به آصف علي زرداري ملوث آهي.
پرويز مشرف ته اهو به چيو هو ته آصف زرداري بينظير ڀٽو جي قتل جو الزام مٿس هنيو ۽ نالو کڻي کيس للڪاريو آهي. ڏسڻ گهرجي ته بينظير ڀٽو جي قتل جو فائدو ڪنهن کي پهتو آهي. اهڙي ويڊيو بيان کان پوءِ مختلف پارٽين طرفان سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته کيس خبر ناهي ته بينظير جو قاتل ڪير آهي پر کيس ايتري پڪ ضرور آهي ته انهن ٻنهي مان ڪو هڪ ضرور آهي. پيپلز پارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل بابت آصف زرداري تي الزام جي ڳالهه پهرين به ڪري چڪو آهي، بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو آهي ۽ اهو وطن واپس اچي ۽ عدالت ۾ پنهنجي صفائي ڏئي، جيڪڏهن بينظر ڀٽو قتل ڪيس پرويز مشرف ملوث آهي ته پوءِ  آخر کيس  سلام پيش ڪري  ملڪ کان ٻاهر موڪليو هو
. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پاران به اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي گرفتار ڪري ملڪ اندر سندس ٽرائل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي ۽ پرويز مشرف هڪ ٻئي  اهڙا الزام نه لڳايا آهن پر هاڻ اهڙا بيان سامهون اچڻ مان لڳي ٿو واقعي جمهوريت کي ڪو تمام  گهڻو نقصان پهچڻ وارو آهي ۽ آمريتي جمهوري وجود ۾ اچي ويندي،  هاڻ ته پيپلزپارٽي کي به  نواز ليگ وارن کي صفائي پيش ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون  ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن ايٽمي سياستدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاران به مشرف تي سنگين الزام لڳايا ويا هئا،  جنهن دوران هن چيو هو ته پرويز مشرف ڊالرن عيوض ملڪ کي وڪرو ڪيو، جڏهن ته پرويز مشرف چيو هو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان ٻين ملڪن کي ايٽمي فارمولو  شيئر ڪيو، جڏهن سندس خلاف ڪا ڪارروائي شرع ٿي ته هن  سندس پيرن تي ڪري معافي ورتي هئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر  ڪڏهن پرويز مشرف ڏيهه اچي ڪيسن کي ٿو منهن ڏئي، اهو به پنهنجي جڳهه تي وڏو سوال آهي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن ملڪ اندر امن امان جي صورتحال سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ڪيا ويندا.

No comments:

Post a Comment