Pages

Monday 18 September 2017

آپگهات تي مجبور ڪندڙ ”بليو وهيل” گيم

آپگهات تي مجبور ڪندڙ ”بليو وهيل” گيم
صاحب خان ڀٽي
2013ع ۾ روسي نوجوان فلپ هوڊڪن هڪ وڊيو گيم تيار ڪئي، جنهن سبب ماڻهن ۾ ان گيم جو خوف پکڙجي ويو، جنهن جا اثر اڄ به روس، آمريڪا سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن تي پئجي رهيا آهن، ايتري قدر  جو اسان جو پاڙيسري ملڪ به ان گيم کان متاثر ٿيو آهي ۽ اسان جي ملڪ اندر هڪ نوجوان جي متاثر ٿيڻ جا اطلاع  مليا  آهن، ميڊيا رپورٽس موجب، پاڪستاني ڇوڪري پنهنجي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو  هو ته سندس هڪ دوست به گيم سبب متاثر ٿيو آهي.
بهرحال هن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ  هن موتمار وڊيو گيم کان متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن به والدين کي پنهنجي اولاد تي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته آخر هنن جون انٽرنيٽ تي ڪهڙيون سرگرميون آهن، هن گيم جي سڀ کان پهرين شروعات روس کان ٿي هئي، جيڪا 2013 ۾ روس اندر شدت اختيار ڪري وئي ۽ گيم کي تيار ڪندڙ فلپ هوڊڪن کي پوليس پاران گرفتار  به ڪيو ويو هو، ايتري قدر جو ڀارت سميت ٻيا ڪيترائي ملڪ هن خطرناڪ ويڊو کان متاثر ٿيڻ کان نه بچي سگهيا آهن. جڏهن روسي نوجوان فلپ هوڊڪن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، تڏهن هن انڪشاف ڪيو هو ته هنءَ هن گيم جو تصور ٻولهڻ کان ورتو، جيڪي سمنڊ ڪناري آپگهات ڪرڻ لاءِ پهچي وينديون آهن، ايتري قدر جو فلپ هوڊڪن پوليس کي اهو بيان به ڏنو هو ته هن اها گيم دنيا ۾ ناڪارن ۽ هڏ حرام ماڻهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهي آهي.
جيتوڻيڪ هن گيم تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ گوگل تي به ان گيم کي ڊائون لوڊ ڪرڻ جو اپشن ختم ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان گيم سان دنيا اندر آپگهات ڪرڻ واري لاڙي کي هٿي ملي رهي هئي، هونئن ته گيم کي ٺاهيندڙ نوجوان فلپ هيڊن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو هو ۽ کيس ڏوهي به قرار ڏنو ويو هو، ايتري جو کيس ٽن سالن جي قيد جي به سزا ٻڌائي وئي هئي، هو جيل ۾ به هو ته دنيا اندر هن گيم جا اثر رڪجي نه سگهيا هئا. هن گيم بابت جڏهن فلپ هوڊڪن کان سوال ڪيو ويو ته آخر هن گيم جو مقصد ڇا آهي ته هن جواب ڏنو هو ته هن  گيم ذريعي دنيا جي واندن ماڻهن کي ختم ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پاڪستان ۾ اڃا تائين هن گيم سبب ماڻهن جي آپگهات جون خبرون نه آيون آهن پر سوشل ميڊيا تي انڪشاف ضرور ٿيا آهن، هن گيم کي پليئر کي 50 ڏينهن ۾ پورو ڪرڻو هوندو  آهي، هن گيم کي ايڊمنسٽريٽر پاران هر روز هڪ نئون ٽاسڪ ڏنو ويندو آهي، جنهن کي هن گيم کي کيڏندڙ شخص کي پورو ڪرڻو هوندو، مطلب ته هن گيم کي کيڏندڙ رانديگر کي گيم جي ايڊمينسٽريٽر جي سڀني حڪم کي مڃڻو پوندو،

سڀ کان اڳ هن گيم جي رانديگر کي پنهنجي سڄي خاندان جي معلومات فراهم ڪرڻي پوندي ۽  هن گيم جو ايڊمينسٽريٽر  رانديگر کي شروعات ۾ آسان ٽاسڪ ڏيندو آهي ۽ اهي ٽاسڪ جيئن جيئن ڏينهن گذرندا آهن ته اهي سخت ٿيندا ويندا آهن ۽ نفسياتي طور هن گيم کي کيڏندڙ شخص هن گيم کي کيڏڻ جو عادي ٿي ويندو آهي، مطلب ته  مجبور ٿي ويندو آهي ۽ اڌ ۾ گيم ڇڏڻ سندس لاءِ ناممڪن ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته  هن گيم کي کيڏندر شخص پنهنجي سڄي معلومات  “بليو وهيل ” گيم جي ايڊمنيسٽريٽر کي ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجيون اهڙيون ذاتي ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيندو آهي جو هن گيم جو ايڊمينسٽريٽر کيس بليڪ ميل ڪرڻ لڳندو آهي. پهرين ٽاسڪ ۾ هن گيم جو ايڊمينسٽر رانديگر کي  رات دير تائين جاڳڻ جو حڪم ڏيندو آهي ۽ اڌ رات جو خوفناڪ فلمون ڏسڻ جي هدايت ڪندو آهي ۽ پليئر  سمورن حڪمن کي ۾ مڃيندو آهي، ايتري قدر جو هن گيم جو ايڊمينسٽريٽر پليئر کان دستاويز به ثبوتن طور گهرندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته ايڊمنيسٽريٽر رانديگر کي منشيات وڏي مقدار ۾ واپرائڻ جو به ڏنو آهي. جڏهن  گيم جي ايڊمنيسٽريٽر جا ٽاسڪ پورا ٿي ويندا آهن ته 50هين ڏينهن پليئر کي پنهنجي آخري فوٽو ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ويندي ۽ ان کان پوءِ  رانديگر کي آپگهات ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو آهي. جڏهن  ڪو شخص هن راند کي شروع ڪندو آهي ته ان جو واپس اچڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن گيم  کي کيڏندڙ شخص کي پاڻ کي تڪليف ڏيڻي پوندي آهي ۽ پنهنجي جسم تي “ بليو وهيل” جو نشان ٺاهڻو پوندوآهي ۽پنهنجي ٻانهن کي تيزڌار اوزار سان پاڻ کي نقصان پهچاڻ جو به حڪم به جاري ڪيو ويندو آهي.جيئن ته هي گيم انٽرنيٽ تي کيڏي ويندي آهي ته هن گيم جو ايڊمينسٽريٽر  رانديگر جي ڪمپيوٽر ۾ آساني سان داخل ٿي ويندو آهي ۽ ان جو سمورو رڪارڊ به ڪاپي ڪري وٺندوآهي،جنهن کي هو بليڪ ميلنگ طور به استعمامل ڪندو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن گيم سبب دنيا جا 150 کان وڌيڪ متاثر  ٿيا آهن ۽ ڪيترن ئي نوجوانن آپگهات ڪيو آهي.سڀ کان پهرين هن گيم سبب آپگهات ڪندڙن جي شروعات روس کان ٿي، 2017ع ۾ روسي عملدارن جاچ ڪئي ته 130 کان وڌيڪ آپگهات ڪندڙ ماڻهن جا ڪيسز  رجسٽرڊ ٿيا آهن، جن جو تعلق به گيم سان جڙيل هو. فيبروري م 15 ورهين جي يوليا ڪونسٽينوا۽ 16 ورهين جي ويرونيڪا  وولڪوو  آپگهات ڪيو، جن آپگهات ڪرڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام به شيئر ڪيو هو. يوليا سوشل ميڊيا تي آخري تصوير ٻولهڻ جي شيئر ڪئي، جنهن تي اختتام لکيل هو. جڏهن ته ورونيڪا آپگهات کان اڳ لکيو هو ته، ڇا توهان محسوس ڪيو ٿا ته اوهان ناڪارا آهيو؟ ۽ مان هڪ جن آهيان، هنءَ آخري ميسج ۾ لکيو هو ته هاڻ ذهن جي پڄاڻي ٿي.
ساڳئي مهيني ۾ هڪ ڇوڪري ايڪٽيرينا نالي پاڻ کي هڪ وڏي اونچي عمات تان ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اوجهايو هو ۽ اهو واقعو سائبيريا ۾ پيش آيو هو. 11 مئي 2017ع ۾ روسي ميڊيا خبر نشر ڪئي ته فلپ بوڊڪن حراست ۾ آهي، جنهن هي خطرناڪ گيم ايجاد ڪئي. 26 مئي 2017ع ۾ روسي پارليامينٽ هڪ بل پاس ڪيو ته سوشل ميڊيا تي آپگهات تي مجبور ڪندڙ گروپس جي ايڊمن کي حراست ۾ ورتو ويندو، ايتري قدر جو هن بل ۾ اهو به چيو ويو ته بليو وهيل گيم سميت سمورين خطرناڪ گيمن تي پابندي سان گڏ ايڊمينسٽريٽر کي گهٽ ۾ گهٽ 6 سال قيد جي سزا  ڏني ويندي ۽ اهڙي بل تي روسي صدر ولادين مير پيوٽن به صحيح ڪئي هئي. ارجنٽائين ۾ به هڪ 14 ورهين جي نينگر کي انتهائي سخت پهري ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جيڪو “ بليو وهيل ” گيم کيڏي رهيو هو. لاپانا ۾ به 12 ورهين جي ڇوڪري جي وارثن پوليس اسٽيشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي ته سندن  نينگر ٻانهن تي “ بليو وهي“ جو نشان هڪ تيز ڌاراوزار سان ٺاهيو آهي.
27 جون 2017ع ۾ هڪ سورنهن ورهين جي نينگر بيخامين پالاويسينو کي سان مارٽن پارانا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. جنهن  نينگر 31 مئي 2017ع ۾ آپگهاتي چيلينج کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ڀارت جي ممبئي شهر ۾ انڌيري نگر سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان ڇوڪري پنجين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هو، جنهن بابت به پوليس پاران اهو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته نوجوان ” بليو وهيل“ سبب اهڙو قدم کنيو آهي. 5 جون 2017ع ۾ 13 ورهين جي نينگر ميتلاق آفاس البوغامي جو لاش سندس گهر مان هٿ آيو، نوجوان آپگهات لاءِ پلي اسٽيشن جي تارن کي استعمال ڪيو ۽ ان نوجوان ڇوڪري جي آپگهات کي به بليو وهيل سان جوڙيو ويو هو، 13 سيپٽمبر 2017ع ۾ پاڪستان اندر به 2 شاهديون هٿ ڪيون ويون، جن جو تعلق خيبرپختونخواهه سان ٻڌايو ويو هو.
بهرحال هن وقت تائين پاڪستان اندر روس ۽ آمريڪا جهڙيون حالتون پيدا نه ٿيون آهن پر  والدين کي  خاص طور تي  پنهنجن ننڍن ٻارڙن تي ڪڙي نظر رکڻ گهرجي ته سندن ٻار انٽرنيٽ تي ڪهڙيون سرگرميون ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو  12 کان ويندي 25 سالن تائين عمر وارن  تي نظر رکڻ جي ضرورت  تمام گهڻي آهي، ڇاڪاڻ ته هن گيم  جي شروعات ڪندڙ رانديگر جي آخري منزل صرف موت ئي آهي، ڇاڪاڻ ته هي اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪيو  ويو آهي، جيڪو ڪنهن به ناڪارا ۽ واندي شخص جي ذهن سان کيڏندو آهي ۽ ان کي پنهنجي قابو ۾آڻي ڇڏيندو آهي، اهو ئي سبب  آهي جو اڄ دنيا اندر اهڙي خطرناڪ گيم سبب سوين نوجوان آپگهات ڪرڻ  تي مجبور ٿي ويا آهن. اسان جي حڪومت کي به گهرجي ته بليو وهيل گيم تي مڪمل طور پابندي لڳائي وڃي ته جيئن ڪو به هن خطرناڪ گيم کي کيڏي نه سگهي.

No comments:

Post a Comment