Pages

Sunday 10 September 2017

لاهور جي تڪ تي ڪهڙي پارٽي ڪاميابي ماڻيندي؟

صاحب خان ڀٽي
سپريم ڪورٽ پاران نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ خالي ٿيل تڪ اين اي 120 لاهور تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ سبب سڄي ملڪ ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهي، تحريڪ انصاف پاران ياسمين راشد ۽ پيپلزپارٽي پاران فيصل مير کي  اميدوار بڻايو ويو آهي، جڏهن  ته نوا ز ليگ پاران بيگم ڪلثوم نواز کي اميدوار بيهاريو ويو  آهي، ٻين پارٽين پاران ميدان خالي ناهي ڇڏيو ويو، هر هڪ پارٽي طرفان اين اي 120 تي ڪامياب ٿيڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن،.
هونئن ته اڪثر ڪري نواز ليگ جي پارٽي انهي تڪ تان ڪامياب ٿيندي رهي  آهي پر هن ڀيري حالتون تمام گهڻيون تبديل ٿي چڪيون آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف شريف ڪٽنب خلاف نيب جي جاچ هلي رهي  آهي ته ٻي طرف وري نوازشريف پاران عدليا ۽ ٻين ادارن خلاف ڪيل تقريرن نواز ليگ جي لاءِ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب هن ڀيري اين اي 120 تي ڪامياب ٿيڻ نواز ليگ لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن نواز ليگ ان تڪ تان ڪامياب ٿي به وڃي ٿي ته بيگم ڪلثوم بيماري سبب لنڊن ۾ موجود آهي ۽ سندس علاج لنڊن جي اسپتال ۾ هلي رهيو آهي،
نوازشريف ۽ سندس پٽ حسين ۽ حسن نوا به اتي ئي موجود آهن، جڏهن ته شهباز شريف عيد الضحيٰ کان اڳ لنڊن هليو ويو هو، هاڻ صرف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز  ئي پنهنجي امڙ جي چونڊ مهم هلائي رهي آهي، جنهن تي تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد به مريم نواز تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته  مريم نواز پنهنجي والد کي بچائڻ لاءِ مهم هلائي رهي آهي ۽ اهو الزام  به لڳايو آهي ته مريم نواز بلٽ پروف گاڏي ۾ ويهي اين اي 129 جي عوام کان ووٽ گهري رهي آهي ۽ تڪ جو عوام سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، نواز ليگ هن تڪ ۾ هڪ اسپتال به قائم نه ڪيو آهي، ايتري قدر جو پي ٽي آءِ جي اميدوار اهو به چيو ته نواز ليگ روڊ رستا ته ڇهن مهينن ۾ ٺهرائي وٺندي آهي پر اسپتال ٺهرائي نه ٿي سگهي.
بهرحال هن وقت نواز ليگ جي اميدوار بيگم ڪلثوم خلاف به اين اي 120 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستون به داخل ڪرايون ويون آهن، هڪ درخواست پيپلزپارٽي اميدوار فيصل مير طرفان داخل ڪرائي وئي آهي ته تحريڪ انصاف به هڪ قدم پوئتي نه هٽايو آهي. نواز شريف اڳ ئي نااهل ٿي چڪو آهي، شريف ڪٽنب تي ريفرنس بابت نيب جاچ به ڪري رهي آهي، هاڻ ته نواز ليگ جي لاءِ سياست به تمام گهڻو ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف نوازشريف جي پارٽي جو مستقبل تي داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻي طرف سندس ڪٽنب جي خلاف جاچ به سندن لاءِ ڏکيائون پيد ڪري ڇڏيون آهن.
ماضي ۾ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته پيپلزپارٽي سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر افسوس جو اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي سبب  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪيترائي ڀيرا نواز شريف پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر مختلف وقتن تي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اينديون رهيون، جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا ويجها دوست اغوا ٿي ويا هئا ته ان وقت به ايوانن ۾ماڻهن جي گم ٿيڻ جو آواز اٿاريو ويو هو ۽ سنڌ جي ڪامورن کي قانون به ياد آيو هو ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ته ايوان ۾ تمام گهڻو آواز به اٿاريو ويو هو، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي کي آصف زرداري جي ويجهي ساٿين جي اغوا تي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون به ياد اچي ويون هيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف به سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيا ويا هئا پر هاڻ لڳي ٿو ته سنڌ کي سمورا حق ملي رهيا آهن جنهن سبب هاڻ ڪو به احتجاج  نه ٿي رهيو آهي.
بهرحال هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ وچ ۾ ويڇا ساڳي ريت موجود آهن ۽ پيپلزپارٽي واضح طور چئي چڪي آهي ته هو نوازشريف جو جمهوريت خاطر ساٿ ڏيندا هئا پر هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي  سياسي ميدان خالي ٿي چڪو آهي ۽نواز ليگ جو پري پري تائين ڪو به سياسي مستقبل نظر نه اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ بعد نوا ليگ کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي ۽ پارٽي کي ساڳي پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ نوازشريف کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي،
جيڪڏهن نوازشريف تان نااهلي جو ليبل ختم به ٿي وڃي ٿو ته حديبيه پيپر ملز سميت ٻيا ڪيترائي  ڪيس شريف ڪٽنب مٿان هلي رهيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جاچ به هلي رهي آهي. نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل تڪ تي به ٻيهر ڪامياب ٿيڻ نواز ليگ لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي، نيب به شريف ڪٽنب کي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا پر انهن مان هڪ به فرد نيب آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو هو ته نوازشريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ڏيکاريندو. رهي ڳالهه اين اي 120لاهور تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي اتي نواز ليگ جي ٻيهر ڪاميابي جا امڪان تمام گهڻا آهن، ڇاڪاڻ ته وفاق ۾ حڪومت نواز ليگ جي آهي ۽ اها پارٽي سمورا وسيلا استعمال ڪري ان تڪ تي ڪامياب ٿي سگهي ٿي، اتي ڪامياب ٿيڻ جو ٻيو وڏو سبب اهو به آهي ته نواز ليگ پنجاب ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جيڪي سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ پارٽي ڪڏهن به سنڌ ۾ نه ڪرائي سگهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري انهن کي نوڪريون ۽ ٻين وسيلن تي قابض ڪيو ويو آهي، پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب اندر تمام گهڻا رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا  آهن، اتي روڊ رستن جو ڄار وڇايو ويو آهي، اتي ڪيترائي ڊيم آهن، جنهن سبب اتي پاڻي هر وقت ميسر رهي ٿو ۽ زمينون به آباد ٿين ٿيون پر  سنڌ ۾ نه ڪو ڊيم آهي، نه ئي پاڻي کي  گڏ ڪرڻ لاءِ ڪا رٿا بندي ڪئي آهي.
بهرحال پنجاب جي تڪ اين اي 120 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار به تحريڪ انصاف جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ کڻندو، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ ۾ جيڪي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، ان سان پيپلزپارٽي  کي به پنجاب ۾ فائدو پهچي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻئي پارٽيون هن وقت عدالت ۾ موجود  آهن، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي به پارٽي فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪو به هڪ حساس ڪيس آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس به تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف هلي رهيا آهن. مطلب ته نوازشريف خلاف فيصلواچي چڪو آهي ۽ باقي عمران خان خلاف فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، جنهن جو هن ملڪ جي عوام کي بيچيني سان انتظار آهي.  رهي ڳالهه اين اي 120 تي ڪامياب ٿيڻ جي ته ڀلي فوج مقرر ڪئي وڃي يا وري سي سي ٽي وي ڪيمئرائون لڳايون وڃن، فيصلو ته عوام کي ئي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن  نواز ليگ تڪ جي عوام  لاءِ ڪي ترقياتي ڪم ڪرايا هوندا ته ووٽ ان کي ئي ملندو ڇاڪاڻ ته هن وقت عوام باشعور ٿي چڪو آهي، ميڊيا عوام کي سجاڳ ڪيو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هاڻ چونڊ ۾ تمام ٿورو وقت رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو اميدوار ان تڪ تي ڪامياب به ٿي وڃي ٿو ته اهو ٿورو وقت ئي رهي سگهي ٿو وري کيس ايندر چونڊن لاءِ ئي تياري ڪرڻي پوندي. هونئن ته سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته اين اي 120 لاهور تڪ تي  نواز ليگ کي پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪامياب ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي تڪ نواز ليگ جي مستقبل جو فيصلو ڪندو.

No comments:

Post a Comment