Pages

Saturday 30 September 2017

اپوزيشن ليڊر جي چونڊ ۽ نيب ريفرنسز جو مستقبل

صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي پاران مخالف ڌر اڳواڻڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پيپلزپارٽي مخالف ڌر  اڳواڻ چونڊرائڻ بابت ٽاسڪ خورشيد شاهه کي ڏنو ويو آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به چئي رهيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ  وارو معاملو ايڏو وڏو نه هو، جنهن کي اشو بڻايو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن به مخالف ڌر جي اڳواڻ جي لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن  سياستدانن سان به رابطو ڪيو پيو وڃي، جن کي ماضي ۾ الائجي ڪهڙا ڪهڙا  لقب ڏنا ويندا هئا، پر چوندا آهن ته سياست ۾ سڀ ڪجهه هلندو آهي، تنهن جي ڪري تحريڪ انصاف جي ان عمل تي حيرت ڪرڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جهڙي ريت تحريڪ انصاف اپوزيشن ليڊر چونڊرائڻ لاءِ سرگرم ٿي آهي، اهڙي ريت اها ئي پارٽي پاناما ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي به نااهل به ڪرائي چڪي آهي، جنهن سبب هن ملڪ ۾ عدليا ۽ مقدس ادارن خلاف به ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، جيڪو تاريخ ۾ ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي، تاريخ ۾ ڪنهن به واضح طور عدالتن جي فيصلن کي رد نه ڪيو آهي، جڏهن کان نوازشريف نااهل ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان پوءِ ججن تي تنقيد ۽ عدالتي فيصلن تي بحث معمول بڻجي ويو آهي. نوازليگ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته هو عدالتن جو احترام ڪن ٿا پر فيصلن تي ڳالهائڻ هنن جو قانوني حق آهي، شايد اهو حق هن ملڪ جي عوام کي به ڏنو وڃي ها ته بهتر هجي پر جيئن ته اهو حق صرف پنجاب جي ماڻهن کي مليل آهي  ته اسان کي  اهڙي حساس معاملي ڳالهائڻ جي ضرورت نه آهي، پيپلزپارٽي ته ڪافي عرصي کان چئي رهي آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي عدالتي قتل هو ۽ نواز ليگ هاڻ ان کي قبول ڪري رهي آهي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف کي اها سزا نه ملي آهي پوءِ وڏي عدالت جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي، پيپلزپارٽي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي تي عمل ڪرائڻ ۾ رنڊڪ نه وڍي هئي پر جهڙي ريت نواز ليگ جا اڳواڻ عدالتي فيصلن خلاف ڳالهائي رهيا آهن، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، بهرحال عدالتي فيصلن  کي مڃڻ يا نه مڃڻ اهو نواز ليگ جو پنهنجو ڪم آهي ۽ ڏسڻو آهي ته آخر نوازشريف عدالتن ۽ ڊان ليڪس واري معاملي کي ڪيئن ٿو  منهن ڏيئي، جيئن ته نوازشريف خلاف نيب ريفرنسز جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ نيب پاران نيب ريفرنس جي رپورٽ به وڏي عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن جو فيصلو به تمام جلد اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته پاناما ڪيس هن ملڪ جي تاريخ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس کان پوءِ ٻيو اهم ڪيس آهي، جنهن جو فيصلو تمام تڪڙو ٻڌايو پيو وڃي، هونئن ته تحريڪ انصاف خلاف پارٽي فنڊنگ  ڪيس، دهشتگردي جا ڪيس به هلي رهيا آهن، ايتري قدر جو عمران خان جي توهين عدالت ڪيس جي به ٻڌڻي هلي رهي آهي.
عمران خان چئي ٿو ته هو اليڪشن ڪميشن کي توهين عدالت ڪيس هلائڻ جو اختيار ناهي ته نواز شريف چئي ٿو ته کيس پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي ڏوهه ۾ سزا ڏني پئي وڃي، بهرحال ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، جيئن ته ٻئي پارٽيون  هن وقت به هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۾ مصروف آهن ته مٿان وري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چونڊرائڻ  لاءِ تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي به پنهنجيون سرگرميون تيز ڪندي مشاورتي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه سياستدان چئي رهيا آهن ته عمران خان 2013 ع ۾ پاڻ کي وزيراعظم ٿيڻ جو خواب ڏٺو هو ۽ هو هاڻ پاڻ کي اپوزيشن ليڊر چونڊرائڻ لاءِ هٿ پير  هڻي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا تي اپوزيشن ليڊر جي نالن بابت بحث ٿي رهيو آهي،
ڪجهه سياسي اڳواڻ چون ٿا ته تحريڪ انصاف شاهه محمود قريشي کي مخالف ڌر اڳواڻ چونڊرائيندي، جڏهن ته  پيپلزپارٽي بابت به اهو چيو پيو وڃي ته هن ڀيري خورشيد شاهه مخالف ڌر جو اڳواڻ نه ٿي سگهندو.تحريڪ انصاف پاران ته واضح طور چيو ويو آهي ته مخالف ڌر جو اڳواڻ صرف عمران خان کي ئي چونڊرايو ويندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مطالبو ڪو نئون نه آهي، ڪيتري ئي عرصي کان  تحريڪ انصاف، عوامي مسلم ليگ ۽ ٻيون جماعتون ڪنديون رهيون آهن پر اڃا تائين انهن جو مطالبو پورو نه ٿي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ اندر احتساب جو عمل تمام گهڻو تيز ٿي ويو آهي پر ان باوجود هن ملڪ ۾ چونڊون وقت کان اڳ ٿيندي نظر نه پيون اچن، ڇاڪاڻ ته هن وقت جيڪڏهن وقت کان نين چونڊن جو اعلان به ٿيندي، 
بهرحال  ڪجهه عرصو اڳ جڏهن  ادارن ۾ ٽڪراءُ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته هن ملڪ ۾ ڪو به انهن کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو پر جڏهن کان نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، تنهن ڏينهن کان نوازليگ اڳواڻن جي بيانن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ ڪيترو وڌي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اخبار ۾  آرٽيڪل به لڳو هو، جنهن ۾ ڪالم نگار لکيو هو ته اسحاق ڊار پاران  هڪ ڌر کي ناراض ڪيو هو، جنهن سبب نواز ليگ ۽ هڪ ٻي ڌر وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو هو، جيئن ته نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو ويوآهي، ميڊيا تي به سندس نالي کان اڳ نااهل لفظ ضرور لڳايو پيو وڃي، جنهن جي ڪري سياستدان چئي رهيا آهن ته نوازشريف سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏنو ويوآهي. هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندو ته کيس عرصي تائين نااهل قرار ڏنو آهي، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي خط نه لکڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو  هو ته ان وقت خبر پئجي وئي هئي ته کيس ڪيترن  سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي پر هن ڀيري ٿوري صورتحال خراب ٿي وئي آهي، پيپلزپارٽي ته مفاهمت ڪرڻ ۾ ماهر آهي، جنهن سبب  ان پارٽي مفاهمت وارو رستو اختيار ڪيو پر نوازشريف نااهل ٿيڻ بعد  ادارن خلاف تقريرون ڪيون ۽ پاڻ کي نظرياتي ليڊر قرار ڏنو، سندس  تقريرن سبب مٿس وڌيڪ ڪيس عدالت ۾ به هلي رهيا آهن.
نواز ليگ جا اڳواڻ به ميڊيا ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي پريس ڪانفرسنز ۾ ادارن خلاف به ڳالهائي رهيا آهن. جنهن جي ڪري به نوازشريف ۽ مقدس ادارن وچ ۾ ويڇا وڌندا پيا وڃن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ انصاف جي رستي ۾ نواز شريف جي مزاحمت تي نوٽيس وٺي. ڊان ليڪس نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي سازش آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق پرڏيهي وزير خواجه آصف جي آمريڪا ۾ بيانن جي مذمت به ڪئي. ايتري قدر جو هن اهو به چيو ته ڊي جي آءِ بي کي نئب جو نئون سربراهه بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عدالتي حڪمن باوجود ماڊل ٽائون واقعي جي رپورٽ منظر تي نه اچي رهي آهي. ٻي طرف وري جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جي تبديلي ۾ ڪابه جلدي ناهي، شاهه محمود قريشي ۽ خورشيد شاهه ٻنهي سان سندس رابطو آهي، اسان مشوري کانپوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين.
هڪ طرف نيب چيئرمين جي چونڊ ته ٻي طرف وري اپوزيشن ليڊر  واري معاملي سياسي پارٽين  جون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي  نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ به سرگرم نظر اچي رهي آهي، هر هڪ پارٽي پنهنجي مرضي جو نيب  چيئرمين مقرر ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن مستقبل ۾ ڪا کين ڏکائي پيش نه چئي. نيب چيئرمين قمر زمان چوڌري چيو آهي ته شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي نيب لاهور کي نمبر ون ريجن قرار ڏنو ويو آهي، نيب چيئرمين قمر زمان چوڌري اهو بيان نيب لاهور جي الوداعي دوري جي موقعي  تي ڏنو هو. ان موقعي تي قمر زمان چوڌري چيو هو ته منهنجي دور ۾ ڪيل سڌارن سبب پلڊاٽ، ٽرانسيپرنسي انٽرنيشنل ۽ عالمي اقتصادي فورم بدعنواني جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. بهرحال هاڻ پنهنجي مرضي جو نيب چيئرمين آڻڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ خلاف ڌر کي چونڊرائڻ لاءِ پارٽين ۾ مشاورتي عمل تيز ٿي ويو آهي، نيب به جلد کان جلد ريفرنس جي رپورٽ تي عمل ڪرائڻ جي خواهشمند آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نيب چيئرمين جي وڃڻ کان پهرين ريفرنس جو فيصلو اچي ويندو يا وري نئون نيب چيئرمين  جي اچڻ کان پوءِ ٻيهر ريفرنس بابت جاچ ڪئي ويندي،  جيئن ته چونڊن ۾ به ٿورو وقت اچي بچيو آهي ۽ مخالف ڌر جي  اڳواڻ کي چونڊرائڻ لاءِ به  مشاورتي عمل تيز ٿي ويو آهي ته مٿان وري اهي خبرون هلي رهيون آهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان به استعفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.ميڊيا تي اهي خبرون هلي رهيون آهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نااهل وزيراعظم نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ وزيراعظم خاقان عباسي چيو آهي ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هاڻ عهدو ڇڏڻ گهرجي.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازليگ حڪومت نوازشريف جي نااهل ٿيڻ بعد پنهنجو مدو پوري ڪري سگهندي يا نه؟

No comments:

Post a Comment