Pages

Thursday 21 September 2017

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس سياسي ڪيريئر کي تمام گهڻو ڌڪ رسائيندو، ايتري قدر جو کيس پنهنجي ئي تڪ تي ڪامياب ٿيڻ وڏي محنت ڪرڻي پوندي. هڪ طرف نوازشريف خلاف نيب ريفرنس جي جاچ هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري سندس گهر واري بيگم ڪلثوم جي بيماري سبب کيس پرڏيهه ۾ رهڻو پئجي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو ته سندس لنڊن ۾ ترسڻ کي به جلا وطني سمجهي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته پري جي ڳالهه نه آهي، آصف علي زرداري  کي به علاج لاءِ لنڊن وڃڻو پيو هو ۽ هو پرڏيهه ۾ ويهي پارٽي کي سنڀالي رهيو هو، جڏهن به کيس پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻيون هونديون هيون ته هو پاڻ به دبئي پهچندو هو ۽  سنڌ جا وزير به اتي حاضر ٿيندا ها ۽ بيان ڏنا ويندا هئا ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي  طبيعت بهتر نه آهي، جنهن سبب هو ڏيهه واپس نه ٿو اچي سگهي، اهڙي بيماري اڳوڻي آمر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف کي  به ٿي آهي، جيڪو  به اڄڪلهه پرڏيهه ۾ آهي،
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مشرف جو به علاج ٿي رهيو آهي، هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته آخر ڊاڪٽر انهن کي پرڏيهه مان ڏيهه اچڻ جي  اجازت ڪڏهن ٿا ڏين، آصف علي زرداري جو ڊاڪٽرن علاج  مڪمل ڪيو هو  ته هو پوءِ ڏيهه واپس اچڻ جي اجازت ملي هئي، جڏهن آصف زرداري پرڏيهه ۾ هو ته ان وقت مست قلندر ٿي ويندو جا بيان به ڏيندو هو، ايتري قدر جو هن بيماري کان اڳ ” ٻلو کير پي ويندو آهي“ جهڙو جملو به چيو هو ۽ سڄي ميِڊيا ۾ ان ڳالهه تي بحث هلي رهيو هو ته آخر اهو ٻلو آهي ڪير جيڪو هميشه خير پي ويندو آهي،
بهرحال ان ٻلي جي ته هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي آهي، جيئن ڪراچي ۾ نامعلوم دهشتگرد ۽ ڀتا خور هوندا هئا ۽ آهن. بهرحال سڄي قوم جي دعائن سان اڳوڻو صدر آصف علي زرداري  صحتمند ۽ تندرست ٿي ڏيهه واپس وريو ۽ پنهنجي موڀي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي جون مڪمل طور ذميواريون سنڀالڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جلسا به ڪرايا ۽ نوجوان قيادت کي ڏسي ماڻهن جو لاڙو به پ پ ڏانهن وڌيو ۽ عوام پاران اها اميد ڪئي وئي ته بلاول جيئن ته نوجوان آهي اهو ملڪ کي صحيح نموني سنڀاليندو، جڏهن بلاول جي مقبوليت عوام ۾ ٻين جماعتن ڏٺي ته انهن به پنهنجي اولاد کي سياست ۾ آڻڻ شروع ڪيو ۽ هاڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز به مڪمل طور پنهنجا پير سياست ۾ ڄمائي ڇڏيا آهن ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيو، جڏهن نواز ليگ کان ناراض چوڌري نثار بيان ڏنو هو ته نوازشريف جي اولاد ته ٻار آهن،؟ اهڙي بيان کان پوءِ لڳو ته واقعي نواز ليگ ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ ان جماعت سان  به اهو حشر ٿيندو جيئن ٻين پارٽين سان ٿيو آهي ۽ هي جماعت به ڌڙا بندي جو شڪار ٿي سگهي ٿي،
هونئن ته چوڌري نثار نواز شريف جا گيت ڳائيندي ڪو نه ٿڪجندو هو پر هاڻ حالتون تبديل ٿي ويون آهن، جيئن عائشه گلا لئي تحريڪ انصاف کان ناراض ٿي عمران خان خلاف ڳالهائي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن ٻنهي بس فرق صرف ايترو آهي جو عائشه گلا لئي جيڪو ڪجهه چئي رهي آهي، سرعام چئي رهي آهي ۽ کليل انداز ۾ پنهنجو موقف واضح ڪري رهي آهي پر چوڌري نثار صرف پهاڪا ٻڌائي پريس ڪانفرنسون ڪري اهو واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته  سندس اختلاف پارٽي سان هلي رهيا آهن ۽ عوام هاڻ نواز ليگ ۽ چوڌري نثار جي وفادارين کي سمجهي چڪوآهي، هاڻ جڏهن ننڍيون چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن ۽سڪيورٽي جي حوالي سان به حالتون بهتر نه آهن، ايتري قدر جو آمريڪا جي نئين پاليسي سبب اسان جو ملڪ به پريشان آهن ۽ هن وقت تائين آمريڪا کي نئين پاليسي بابت پنهنجو درست نموني پيش نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب چوڌري نثار سميت سڄي ملڪ ۾ افرا تفري واري صورتحال آهي ۽ برڪس اجلاس  تي به تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، ان وقت ڪيئن اليڪشن ڪميشن هن ملڪ چونڊن جون تياريون مقرر وقت تي ڪري سگهي ٿي، جيئن ته نواز ليگ تي اڄ ڪلهه عذاب  هلي  رهيو آهي ۽ سڄي قيادت تي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن،
ايتري قدر جو نيب ريفرنس ۾ نوازشريف جو ڪٽنب ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار  خلاف به  ريفرنس بابت ٻڌڻيون  هلي رهيون آهن، ايتري قدر جو تحريڪ انصا ف سربراهه عمران خان تي توهين عدالت ڪيس سميت مختلف ڪيس هلي رهيا آهن. هڪ  عدالت ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿي ڪري ته ٻئي عدالت ان فيصلي کي معطل ڪري ڇڏي ٿي، مطلب ته سياست ۾ تحريڪ انصاف کي فائدو ملي رهيو آهي ته عوام ۾ به مقبوليت ٿيندي پئي وڃي، مطلب ته اڄ ڪلهه تحريڪ انصاف جي قسمت جو ستارو عروج تي آهي، جنهن سبب هر طرف کان ئي تحريڪ انصاف کي فائدو ملي رهيو آهي، ڀلي کڻي  مخالف تحريڪ انصاف خلاف ڪجهه به چون پر هن وقت سنڌ ۾ تحريڪ انصاف جو سنڌ ۾ مضبوط ٿيڻ وارو خواب پورو ٿي رهيو آهي، سکر، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيل تحريڪ انصاف جا جلسا ڪامياب رهيا آهن،
جيئن ته سنڌ پيپلزپارٽي جو ڳڙهه آهي ۽ هاڻ اها جماعت به ماڻهو گڏ نه ٿي ڪري سگهي، جيترا ماڻهو هن ڀيري  تحريڪ انصاف جمع ڪرايا آهن، پر هڪ مون کي سمجهه ۾ نه آئي ته آخر هن ملڪ ۾ اهڙيون ڪيميرائون آهن جو صرف تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ ماڻهو گهڻا ڏيکارينديون آهن ۽ ٻين پارٽين جي جلسن ۾ ماڻهو گهٽ نظر ايندا آهن، ان لاءِ پري وڃڻ جي ضرورت نه آهي، صرف سنڌي ۽ اردو ميڊيا کي ئي ڏسنداسين ته خبر پئجي ويندي ته آخر  واقعي تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ ايترا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن يا وري اهو ڪيميرا جو ڪمال آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي ۽ قومپرست جماعتن جي جلسن ۾ اردو ميڊيا تي ماڻهو گهٽ نظر ايندا آهن، مطلب ته نه هئڻ جهڙا هوندا آهن پر اهو ئي جلسا ساڳئي وقت جڏهن اسان سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڏسندا آهيون ته هزارين ماڻهو  هوندا آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته اڄ ڪلهه اردو ميڊيا به ڌر ٿي بيٺي آهي ۽جنهن کي وڻي اڳڪتي ڪن ۽ جنهن کي وڻي پوئتي ڪن.
ساهيوال ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ساهيوال وارن سان سياسي ئي نه نظرين جو رشتو آهي، ساهيوال ۾ ماڻهن پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، ساهيوال ۾ اديبن، موسيقارن تاريخ تي اثر ڇڏيو آهي، حڪمرانن جي سياست پنهنجي ڪاروبار وڌائڻ جي سياست آهي، نااهل حڪمرانن اوهان کي قدم قدم تي دوکو ڏنو آهي، ايتري قدر جو هن اهو به چيو ته پنجاب ۾ اڄ به هارين جي حقن کي کسيو ويندو رهيو آهي، ن ليگ جي حڪومت پٺين چئن سالن ۾ ڇا ڪندي آئي آهي، آمرن جو اولاد جمهوري ويس اوڙهي عوام جو رت ڇوسي رهيو آهي، پيپلز پارٽي اوڪاڙه فارم جي هارين جو هميشه ساٿ ڏنو.
ٻي طرف وري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته جيترو ظلم سنڌ جي ماڻهن سانٿي رهيو آهي اهو ڪٿي به ناهي، پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ اهڙو گند ڪچرو ناهي ڏٺو، جيڪو سنڌ ۾ آهي، سنڌ ۾ ظالمن جو مقابلو ڪرڻو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو، سنڌ جي وڏي بيماري زرداري آهي، بلاول ٻڌائي ته هن ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي يا هن ڪهڙي ڪمائي ڪئي آهي جو چيئرمين بڻجي ويو آهي. بهرحال اهي اڳواڻن جا بيان پنهنجي جاءِ تي پر نوازشريف جي نااهلي جي فيصلي کانپوءِ به نواز ليگ مٿان ڪارا بادل ٽريا نه آهن، نه ئي وري ڪو خوف ختم ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ خلاف ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن پر نواز ليگ جو ڪو به اڳواڻ هن وقت تائين عدالتن ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ خلاف ڌار ڌار ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ٻنهي جماعتن ۾ هن وقت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي،ايتري قدر جو  نيب لاهور جي ٽيم عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪندي گرفتاري جو سمن کڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي گهر پهچي وئي، نيب لاهور جي ٽيم منسٽرز انڪليو اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي گهر پهتي ۽ اتي موجود ملازمن کان پڇا ڳاڇا ڪندي انهن کي ٻڌايو ته انهن وٽ اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ آهن، نيب لاهور جي ٽيم گرفتاري جا حڪم ۽ تعميلي سمن ملازمن کان وصول ڪرايا ۽ تلاشي وٺي ان ڳالهه جي تسليم ڪئي ته ناڻي وارو وزير گهر موجود ناهي. بهرحال اهڙو گرفتاري جو نوٽيس عمران خان جو به توهين عدالت ڪيس ۾ جاري ڪيو ويوهو جنهن کي بعد ۾ معطل ڪيو ويو،هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نواز ليگ عدالتن ۽ هن ملڪ جي طاقت وار ڌرين کي ڪيئن ٿي منهن  ڏئي ؟ ڇاڪاڻ ته هاڻ به نواز ليگ جو انهن قوتن سان مقابلو هلي رهيو آهي، جن ۾ کيس جلا وطن  به ڪيو  هو.


No comments:

Post a Comment