Pages

Thursday 14 September 2017

اتر ڪوريا جا ايٽمي تجربا ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ

            صاحب خان ڀٽي
            آمريڪا پاران اتر ڪوريا تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ روس، چين ۽ جاپان سميت مختلف ملڪن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ اترڪوريا تي دٻاءُ وجهڻ سان ساڻس ڳالهيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان به اتر ڪوريا تي ايٽمي تجربا ڪرڻ سبب مٿس پابنديون لڳائڻ جو مطالبا ڪندا رهيا آهن. ڏکڻ ڪوريا جي ته خواهش رهي آهي ته ڪهڙي نموني اتر ڪوريا تي پابندي برقرار هجي، ڇا ڪاڻ ته ايٽمي تجربن سبب  خطي ۾ ڇڪتاڻ ته پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن پر ان سان ڏکڻ ڪوريا تي تمام گهڻو اثر پوندا، اهو ئي سبب آهي جو ڏکڻ ڪوريا  هر ايٽمي تجربي تي ڪو نه ڪو اجلاس گهرائي وٺندو آهي ۽ اترڪوريا تي الزامن جي برسات  شروع ڪري ڇڏيندو آهي،
            جڏهن آمريڪا پاران اترڪوريا  کي حملي جي ڌمڪي ڏني وئي هئي ته ان وقت اتر ڪوريا ڪنهن دٻاءُ جي اچڻ بدران آمريڪا کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد هڪ وڏي جنگ جو خدشو وڌي ويو هو ۽ آمريڪا کي مجبورن اتر ڪوريا تي هلڪو هٿ رکڻو پيو، هاڻ به ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا  سڄي دنيا ۾ واحد ملڪ آهي،  جيڪو سڀني کان طاقتور  آهي ۽ وٽس اهڙا هٿيار آهن جيڪي ڪنهن به ملڪ وٽ نه آهن، پر اتر ڪوريا اهڙي قسم جا هٿيار تيار ڪري پنهنجي دفاعي پوزيشن مضبوط ڪري رهيو آهي، جنهن سبب آمريڪا کي به  ڳڻتي ورايو آهي ۽ هاڻ ڌمڪين  تي گذاريو ڪيو پيو وڃي،
            هونئن ته آمريڪا جٿي به چاهي اتي ڪارروائي ڪري وٺندو آهي، پر اتر  ڪوريا خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان ٿورو لنوائي رهيو آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته هاڻ آمريڪا صرف انهن ملڪن خلاف ڪارروايون ڪندو، جن جي دفاعي پوزيشن تمام ڪمزور هوندي، باقي جيڪي کيس ڀرپور جوابدار ڏيڻ جي سگهه رکن ٿا، انهن ملڪن سان آمريڪا ڪڏهن به نه اٽڪائيندو، بهرحال هن وقت اتر ڪوريا  جي تجربن سان زمين ته ڌڏي رهي آهي پر ان سان گڏ مختلف ملڪن جون ننڊون ئي حرام ٿي ويون آهن. جرمن چانسلر انيجلا مرڪل به ڪجهه ڏينهن اڳ اهو واضح ڪيو هو ته آمريڪا کي اترڪوريا سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته خطي ۾ امن لاءِ طاقت بدران ڳالهين جو دڳ وٺڻ تمام گهڻو ضروري آهي، جنهن سان خطي ۾ امن به برقرار رهندو ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا به بهتر ٿي ويندا، جرمن چانسلر اهو به چيو هو ته آمريڪا کي ڳالهين سان گڏ اتر ڪوريا تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، جيئن ايران سان رويو اختيار ڪيو ويو هو، ايئن ئي اتر ڪوريا سان به ورتاءُ ڪيو وڃي.
            ايتري قدر جو جرمن چانسلر انجيلا مرڪل جاپان سميت ٻين ملڪن سان گڏجي  اترڪوريا ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به حامي ڀري هئي. هن وقت به ڏکڻ ايشيا ۾ ڦاٿل آهي، جنهن سبب هو نٿو چاهي ته اتر ڪوريا سان ڇڪتاڻ پيدا ڪئي وڃي،پر دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڊرامو رچايو پيو وڃي.  چين جي پرڏيهي وزير وانگ چي به ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته پابندين ۽ دٻاءُ سان گڏوگڏ اتر ڪوريا سان ڳالهين جاري رکيون وڃن ۽ ڪوريا ۾ تازي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي  ڪائونسل کي ضروري قدم کڻڻ گهرجن. چين جي پرڏيهي وزير وانگ چي اهو به چيو هو ته پابندين  سان به اتر ڪوريا تي دٻاءُ وڌندو. هونئن ته چين ۽  اترڪوريا ۾ اهڙا خاص لاڳاپا نه آهن پر چين اتر ڪوريا جو سڀ کان وڏو سفارتي ۽ اقتصادي اتحادي رهيو آهي ۽ اڄ به آهي،
            ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن اتر ڪوريا خلاف پابندين کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ته بحران جي ڪيفيت ۾ گهٽتائي  اچي ويندي. جڏهن کان اترڪوريا جو معاملو اٿيو آهي، ان ڏينهن کان جاپان، چين ۽ ڏکڻ ڪوريا پاران حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ويچار شروع ڪيو ويو آهي. فرانس جي صدر ترقي  کي  يورپي يونين جو مرڪزي ساٿي قرار ڏنو آهي. هن چيو آهي ته ترڪي گذريل ڪجهه مهينن کان يورپي يونين کان پري آهي ۽ ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته  پناهگيرن جي بحران جي خاتمي ۽ دهشتگردن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ترڪي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي سفير نڪي هيلي ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جون جي قدمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو جنگ ڪرڻ جو خواهشمند آهي، آمريڪا جنگ نه ٿو چاهي پر سندن صبر لامحدود نه آهي. ايتري قدر جو آمريڪا سلامتي ڪونسل تي زور ڀريو ته هو اتر ڪوريا جي تازي اترڪوريا جي ايٽمي تجربي خلاف سخت قدم کڻڻ لاءِ آمريڪا پاران نيويارڪ ۾ هنگامي اجلاس به گهرايو ويو هو، جنهن ۾  نڪي هيلي چيو تهو ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي سمورن سفارتي ذريعن کي استعمال ڪرڻ جو وقت آيو آهي،  روسي صدر ولادي مير پيوٽن خبردار ڪيو آهي ته اتر ڪوريا کي ايٽمي تجربن کان نه روڪيو ويو ته عالمي سطح تي تباهي جو انديشو آهي. جيڪڏهن انهن ايٽمي تجربن جي روڪٿام جو ڪو تڪڙو حل نه ڪيو ويو ته اتر ڪوريا تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جو به ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ عالمي سطح تي تباهي جو انديشو ٿي سگهي ٿو جنهن جي ور وڏي پيماني تي انساني جانيون چڙهي وينديون.آمريڪا جي دفاع واري وزير جيمز ميٽس چيو آهي ته آمريڪا يا ان جي اتحادين کي اتر ڪوريا طرفان درپيش ڪنهن به خطري کي ڀرپور فوجي قوت سان جواب ڏنو ويندو. جيمز ميٽس جو اهو بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نيشنل سيڪيورٽي جي بريفنگ کان پوءِ سامهون آيو  هو، هن چيو هو آمريڪا پنهنجي ۽ پنهنجن اتحادين ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي دفاع جي صلاحيت رکي ٿو. ٻي طرف آمريڪي صدر ٽرمپ به اتر ڪوريا کي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا اهڙي ملڪ سان واپاري ناتا بند ڪري ڇڏيندو جيڪو اتر ڪوريا سان واپار ڪري ٿو.
            بهرحال هن وقت اتر ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي ڇيهو رسي سگهي ٿو، ان جي لاءِچين، جاپان کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ  ڇڪتاڻ تي ضابطو اچي سگهي ۽ ايٽمي هٿيارن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قومن کي به ڪردار  ادا ڪرڻ گهرجي ته جئين مستقبل ۾ ڪنهن به وڏي نقصان کان بچي سگهجي، باقي رهي ڳالهه ڌمڪيون ڏيڻ ۽ جنگ ڪرڻ جي ته ان سان نه آمريڪا کي ڪو فائدو ٿيندو ۽ نه ئي اتر ڪوريا کي ڪو فائدو پهچندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اتر ڪوريا جي ايٽمي تجربن سان  ڏکڻ ڪوريا سان گڏ جاپان کي به ڳڻتي ورايو  آهي،ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪو ايٽمي تجربو ڪيو ويندو آهي ته ڏکڻ ڪوريا ۽ اتر ڪوريا ۾زلزلي جالوڏا محسوس ڪيا ويندا  آهن ۽ آمريڪا ۽ اترڪوريا طرفان هڪ ٻئي خلاف ڪارروايون جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن. هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر عالمي برادري اترڪوريا ۽ آمريڪا وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺي ٿي.
            sahibalsindhi@gmail.com
             
            

No comments:

Post a Comment