Pages

Wednesday 27 September 2017

ڪرد ريفرينڊم ۽ قومن جا حق ڦٻائندڙ ملڪن جي ڳڻتي

صاحب ڀٽي
جڏهن ظلم جون حدون پار ٿي وينديون آهن ته اتي انصاف لاءِ ڪو نه ڪو آواز ضرور اٿاريندو آهي، اهو  آواز مظلوم قوم جي لاءِ هڪ سگهاري طاقت بڻجي ويندو آهي،  عراق ۾ به  مذهب جي نالي تي دهشتگردي پکيڙيندڙ  تنظيمون مظلوم قوم جو آواز دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن ۽ مذهب جي آڙ ۾ مظلوم قومن جا حق غضب ڪيا ويندا آهن، عراق ۾ به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪردن پاران آزادي جي لاءِ جدوجهد جاري آهي، ايتري قدر جو عراق ۾ عورتون به پنهنجي  وطن جي آزادي لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن، جنهن سبب ڪردن کي عراق اندر ڪڏهن مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ تنظيمن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو ته ڪڏهن وري رياست سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي رهيو آهي، مطلب ته عراق ۾ هڪ طرف مذهب جي نالي تي قتل عام ڪندڙ دهشتگرد تنظيم سرگرم آهي ته ٻي طرف وري اتان جي حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه حق ڦٻائيندڙ قوتون ڪردن جا حق کسي انهن جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺون آهن.
هونئن ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪردن جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري آهي پر ان جدوجهد ان وقت تيزي ورتي جڏهن ريحانا نالي ڪرد ويڙهاڪ پنهنجي آزادي لاءِ عالمي دهشتگرد تنظيم سان مهاڏو اٽڪايو هو، جيتوڻيڪ هن وقت عراق اندر حالتون بهتر نه آهن ۽ نه ئي وري عراقي حڪومت چاهي ٿي ته ڪردن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن پر ان باوجود ڪرد پنهنجي قوم جي بقا لاءِ هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرد عراق، ايران، ترڪي ۽ شام رهندا آهن، جتي کين حق نه پيا ڏنا پيا وڃن پيا، جنهن سبب هو پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، هونئن ته سڄي دنيا ڪردن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر عراق، ايران، ترڪي ۽ شام ڪڏهن به ڪردن کي قوم سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ه ئي وري انهن کي ڪي حق مُهيا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن وقت  شام، ايران،  عراق ۽ ترڪي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي پر ان باوجود اهي ملڪ ڪردن کي پنهنجو حق ڏيڻ لاءِ تسليم ئي نه آهي، سڄي دنيا ۾ ڪردن جي آزادي لاءِ احتجاج به ٿي رهيا آهن. ايتري قدر جو آمريڪا توڙي برطانيا جا اهم اڳواڻ به ڪردن جي جدوجهد بابت ڳالهائندا رهيا آهن.
 جڏهن عراق جي گادي واري شهر بغداد ۽ پاڙيري ملڪن  ۾ آزادي لاءِ ريفرندم ڪرايو ويو ته ترڪي، عراق، شام ، ايران ۽ ترڪي  پاران  ان کي ريفرنڊم کي قبول کان انڪار ڪيو ويو ۽ انهن ئي ملڪن  پاران ڪردن جي مخالفت ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪردن کي پنهنجا حق ملي ويندا ته وٽن ڪجهه به نه بچندو، جنهن سبب اهي ملڪ پنهنجا اعتراض پيش ڪري رهيا آهن. گذريل سومر ڏهاڙي عراق ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو، جنهن بابت ميڊيا ۾ خبرون نشر ٿي رهيو آهن ته ماڻهن جو وڏو انگ بنا ڪنهن خوف جي روڊن تي نڪري آيو،  ووٽ ڏيڻ  ”ها “ واري نشان تي ٺپو هنيو ۽  پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، جنهن کي به دٻائڻ جي  هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي هئي. جڏهن ووٽنگ وارو عمل جاري هو ته ماڻهن جو  وڏو تعداد پنهنجي ثقافتي لباس پهري ووٽ ادا ڪري  رهيو هو، ڇاڪڻ ته وڏين قربانين بعد کين  پنهنجي راءِ جي اظهار جو حق ڏنو ويو هو. هن وقت  عراق اندر حالتون انتهائي خراب ٿي ويون آهن، جنهن سبب عالمي دهشتگرد تنظيمون جيڪي مذهب جي نالي تي دنيا اندر دهشتگردي  پکيڙي رهيون آهن، اهي عراق اندر به پنهنجو خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري  رهيون آهن،
هڪ ووٽر ته پنهنجي ننڍڙي ٻارڙي کي ڪلهن تي کڻي هڪ هٿ ۾ ڪردستان جو جهنڊو کنيو هو ته ٻي هٿ سان ٻار کي سنڀالي ووٽ ادا ڪيو هو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪردن جو چوڻ هو ته  اڄ انهن جي لاءِ تمام وڏو خوشي جو ڏينهن آهي.جڏهن ووٽن وارو عمل جاري هو ته بغداد حڪومت فوج کي موڪلي ڇڏيو هو، جتي اربيل سان سندن تڪرار هلي رهيو هو.  جيتوڻيڪ  ڪردن جي جدوجهد ۽ قرباني رنگ لاتو آهي پر  ان باوجود اڃا به مظلوم ڪردن کي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ترڪي، ايران، شام  ڪڏهن به نه چاهيندا ڪردن کي الڳ ملڪ ملي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن کي  خبر پئجي وڃي ها. عراقي وزيراعظم  حيدرالعبادي چيو آهي ته هو عراق  جي يڪجهتي قائم رکندي هر ممڪن  قدم کڻندو. ڪرد صدر مسعود برزاني  چئي رهيو آهي ته آزادي جي لاءِ ووٽ ڏيڻ ڪرد عوام جي خواهش هئي ۽ معاملو انهن وٽ  آهي. آزادي ماضي جي سانحن کان ورجائڻ کان محفوظ رکندي. ڪرد اڳواڻ اهو به چيو ته بغداد سان گڏ هلڻ وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ  هو عراق سان گڏ نه هلي سگهندا.
گذريل سومر ڏهاڙي جڏهن ريفرنڊم ٿي رهيو هو ته  ان کان اڳ  عراقي وزيراعظم حيدرالعبادي ڪرد قوم کي حڪم ڏنو ته اهي پنهنجي سرحدن ۽ هوائي اڏن جو ڪنٽرول بغداد جي حوالي ڪري ڇڏين، جڏهن عراقي حڪومت ڏٺو ته ڪردن لاءِ دنيا اندر همدرديون وڌي رهيون آهن ته  عراق ترڪي، شام ۽ ايران تي دٻاءُ وڌو ته اهي ڪردن کان تيل خريد نه ڪن ته جيئن اهي مضبوط نه ٿي سگهن ۽ اهي مظلوم قومن جا حق کائيندا رهندا ۽ انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندا، جيڪڏهن ڏٺو  وڃي ته جڏهن ڪردن جا مخالف ملڪ ڪردن جي جدوجهد آڏو نه بيهي سگهيا ته انهن مذهب جي نالي تي ٺهيل هڪ دهشتگرد تنظيم کي ڪردن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌايو ، جنهن سان به ڪردن جي عورتن، مردن ۽ٻارڙن مهاڏو اٽڪايو، اها عالمي دهشتگرد تنظيم اڄ ڪلهه ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري چڪي آهي. بهرحال اها دهستگرد تنظيم ختم ٿئي يا نه ٿئي، ان سان هن خطي ۾ ڪو به فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ ته عالمي دهشتگرد تنظيمن کي به عالمي برادري به سهڪار ڪري رهي آهي،
جيڪڏهن عالمي برادري دهشتگرد تنظيمن کي سهڪار  نه ڪري ته اڄ دنيا جي  اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿي ويندي، بهرحال جڏهن عراق ۾ ريفرنڊم ٿيو ته ايران ۽ ترڪي حڪومت آزادي بابت ريفرنڊم کي جي سخت مخالفت ڪئي هئي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا اندر اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن، جتي امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي. شامي سرڪاري ميڊيا پرڏيهي وزير وليد معلم جي حوالي سان چيو آهي ته هنن ملڪ ۾ ٿيل ريفرنڊم کي رد ڪري ڇڏيو آهي  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرد اها واحد قوم آهي، جيڪا ڪيتري ئي عرصي کان پنهنجي حقن  لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. عراق جي  حڪومت ڪردن کي دهشتگرد  قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ترڪي به ڪيتري ئي عرصي کان ڪردن خلاف پنهنجي جنگ جاري رکيو پيو اچي. هونئن ته هن وقت ڪنهن به ملڪ ظاهري طور  ڪردن جي ريفرندم کي تسليم ناهي ڪيو.
اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن مظلوم قومن جو آواز گڏيل قومن ۾ اٿاريو ويندو ۽جن قومن جا حق غضب ٿي   رهيا آهن، جيڪڏهن  عراقي حڪومت  ڪردن جي آزادي کي تسليم نه ڪيو ته هن خطي ۾ حالتون خراب ٿي وينديون. جڏهن عراق ۾ جنگ هلي رهئي  ته ان وقت ريحانه نالي هڪ ناري به  داعش نالي هڪ خطرناڪ دهشتگرد تنظيم سان مهاڏو اٽڪايو هو. هن وقت ڀلي کڻي ترڪي، عراق، شام ۽ ٻيا ملڪ آزادي ريفرنڊم کي تسليم نه ڪن پر اهو معاملو اتي  ختم نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڪردن پنهنجي آزادي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، ايتري قدر جو ريحانه  ڪوباني به دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو هو. اها واحد ناري هئي جنهن   ڪردن جي آزادي لاءِ شهادت جو جام پيتو هو. جڏهن کان عراق ۾ ڪردن   پاران آزادي ريفرنڊم کي مڪمل طور تسليم ڪيو ويو آهي. بهرحال ڪردن جي آزادي لاءِ ريفرنڊم دنيا لاءِ هڪ وڏو  درس آهي ، جيڪي به ملڪ ڪردن جي آزارادي يفرنڊم کي تسليم ناهي ڪيو. اهي ملڪ  غريب قومن جا حق غضب  ڪندا رهيا آهن. جنهن سبب انهن ملڪن کي ڳڻتي وارايو آهي.

No comments:

Post a Comment