Pages

Thursday 14 September 2017

ڪراچي ۾ جان ۽ مال جي تحفظ جو سوال

            صاحب خان ڀٽي
            سنڌ جي راجڌاني  ڪراچي جنهن کي روشنين جو شهر به سڏيو ويندو آهي، اڄ اتي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جون وارداتون شروع ٿي ويون آهن ۽ امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۾ به ڇڪتاڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، ان صورتحال ۾ ڪراچي جا شهري هڪ ڀيرو ٻيهر خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر افسوس جو وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن طرفان هن شهر کي عالمي  يتيم خانو سمجهي دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي آجو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ وارو ڪو به ڏسڻ ۾ نظر نه اچي رهيو آهي، صرف بيان ڏئي شهرين کي دلاسو ڏنو پيو وڃي.
            جڏهن ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون شروع ٿيون هيون ته هن شهر ۾ ٿورو امن قائم ٿيو پر اهو امن ايستائين قائم رهندو هو،جيستائين رينجرز کي ڏنل اختيار برقرار رهندا هئا، مطلب ته جڏهن به رينجرز کي ڏنل اختيارن جو مدو پورو ٿيندو هو ته هن شهر ۾ دهشتگرد پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري ايندا  هئا ۽ پنهنجيون دهشتگرد ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيندا هئا، هن ڀيري ته رينجرز اختيارن جو ڪو به معاملو نه آهي پر ان باوجود دهشتگرد ۽ ڏوهاري پنهنجي موجودگي جي احساس ڏياري رهيا آهن، ڪڏهن سياسي اڳواڻن تي حملا ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري ڦرلٽ بهاني شهرين کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، نه ته سياسي پارٽيون هن شهر کي پنهنجو سمجهن ٿيون ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت هن انٽرنيشنل شهر ڏانهن ڪو ڌيان ڏئي رهي آهي،
            اڳوڻي آمر پرويز مشرف به جن ماڻهن ک ي هن شهر جون واڳيون سنڀالڻ لاءِ ڏنيون هيون، انهن جي پارٽي مرڪزن مان رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿيار هٿ ڪيا هئا ۽ ڪجهه وقت لاءِ امن به قائم ٿيو هو پر هاڻ ته يونيورسٽين مان به پڙهيل لکيل دهشتگردن جو انڪشاف ٿي رهيو آهي، جنهن سبب مورڙي جي هن شهر  جون رونقون گم ٿي ويون آهن ۽ هن شهر جا شهري ان آس ۾ آهن ته وري ڪو اهڙو وقت ايندو جو هن شهر ۾ ٻيهر امن امان جي صورتحال قائم ٿي ويندي ۽ دهشتگردن کي نه ته سڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جي جرئت ٿيندي ۽ نه ئي وري شهرين کي نشانو بڻايو ويندو. پيپلزپارٽي به ان دعويٰ کان انڪار نه آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس امن قائم ڪرايو آهي، ڇاڪاڻ ته واحد پوليس ۽ رينجرز آهي، جن کي جڏهن مڪمل اختيار ڏنا ويا هئا ته دهشتگردن جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون ۽ ڀتي خور ڳولي به نه پيا لڀن ۽ نه ئي وري ڪنهن دڪاندار کي ڪا ڀتي جي پرچي ملي رهي هئي ۽ هن شهري وڏي سڪون سان آڌي رات جو به گهر پهچي ويندا هئا ۽ انهن کي ڦرجڻ جو ڪو به خطرو نه هوندو.
            افسوس جو هن شهر ۾ امن هڪ ڀيرو ٻيهر تباهه ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي. نواز ليگ سرڪار چئي رهي آهي ته سندن دور ۾ ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿيو آهي، جنهن کان ڪير انڪاري به نه آهي پر هاڻ الائي ڇو هڪ ڀيرو ٻيهر شهرين کي ڦريون لٽيون پيو وڃي، هونئن ته ڪراچي جو اهڙو ڪو رستو نه بچيو آهي، جتي رينجرز ۽  پوليس اهلڪار بيٺل نه هجن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رينجرز اهلڪارن جي روڊن رستن تي بيهڻ سان ڏوهاري گم ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن خوف هوندو آهي ته متان اهي پڪڙجي پون، پر هاڻ وري حالتون تبديل ٿي رهيو آهي ۽ شهرين کي ڏينهن ڏٺي ڦريو لٽيو پيو وڃي ۽ اهڙيون خبرون ميڊيا تي به نشر  ٿي رهيون آهن.
            گذريل ڏينهن به گلستان جوهر ۾ ڦورن شهرين کان ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورن فائرنگ به ڪئي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هاڻ سرڪار کي جاڳڻ گهرجي ۽ ڪراچي جو  امن تباهه ڪندڙ عنصرن کي بي نقاب ڪري ڦورن، چورن  ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن شهر ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي سگهي،
            جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي هن عالمي يتيم خاني جو ٿورو به پرواهه هوندو ته امن قائم ڪرائڻ لاءِ  ترت قدم کڻندي، هن شهر کي عالمي يتيم خانو ان ڪري چوندو  آهيان جو هن شهر ۾ ڌرتي ڌڻين کي روهنگيا جي مسلمانن کان به وڌيڪ اذيتيون ڏنيون وينديون آهن  ۽ هن شهر ۾ ڌرتي ڌڻين کي نه ته يونيورسٽين ۾ داخلائون ملنديون آهن ۽ نه ئي  سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون آهن، ايتري قدر جو هن شهر ۾ اسڪولن اندر سنڌي به نه پڙهائي ويندي آهي، ايئن لڳندو آهي ته جيئن ڌارين جي لوڌ اسان کي هن شهر ۾ رهڻ ڏنو  آهي، اسان هنن کي هتي نه ترسايو  آهي ۽ هو جيڪو ڪجهه چاهين ڪري سگهن ٿا.
            بهرحال ڌرتي ڌڻين کي هن شهر ۾ حق ملن يا نه ملن پر شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ وفاقي  ۽ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ هن شهر ۾ امن تڏهن ئي قائم ٿي سگهي ٿو جڏهن ڏوهارين جون وفاداريون تبديل ڪرڻ بدران انهن کي حراست ۾ ورتو وڃي ۽ سياسي پارٽين کي به پنهنجي پنهنجي پارٽين مان ڏوهاري قسم جي شڪي ماڻهن کي ڪڍڻو پوندو ته جيئن هن شهر ۾ امن قائم ٿئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي جو ڪو اهڙو علائقو بچيو ئي نه آهي، جتي ڦرن جون وارداتون نه ٿيون هجن، ڪڏهن ڪڏهن ته هن شهر مان اهڙيون خبرون به ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن، جن کي ٻڌي هن شهر جي سڪيورٽي تي سوال اٿي وڃن ٿا، ڪڏهن ته اخبارن  ۾ اهو به لکيل هوندو آهي ته ڪراچي ۾ ڦر دوران موبائل نه ڏيڻ تي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي، ايتري قدر جو ڪو ڦورو سوگهو به ٿيندو آهي ته ان وقت پوليس اچي ان کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ويندي آهي بعد ۾ ڇا ٿيندو آهي، ان جي ته پوليس کي ئي وڌيڪ خبر هوندي پر ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ مان نظر اچي رهيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي ڏسي ٻيهر زندهه ٿي رهيا آهن،
            جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪڏهن لياقت آباد، صدر، گلشن اقبال، گلشن حديد سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن  شهري ڦورن هٿان لٽجي رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته هن شهر ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪندي ٻيهر ڦورن سميت دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڪراچي جا شهري سک جو ساهه کڻي سگهن. جيڪڏهن امن امان جي صورتحال برقرار نه رکي وئي ته اهي ڀتي خور جيڪي ڀتو نه ڏيڻ تان فيڪٽرين کي باهه ڏئي پورهيتن کي زندهه ساڙي ڇڏيندا هئا ۽ وڪيلن کي باهه ڏئي ساڙيندا هئا، اهي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي قوت سان ٻاهر اچي ويندا، جنهن سان هن شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رت جي راند شهري ٿي ويندي،
            هونئن به هن شهر تي قبضي جي جنگ 1973ع کان هلي رهي آهي، سنڌ جا دشمن ڪڏهن به نٿا چاهين ته هن شهر ۾ امن امان جي صورتحال قائم رهي، جنهن سبب هن شهر جون حالتون هميشه خراب ئي رهيون آهن. هاڻ جڏهن ٿورو امن قائم ٿيو آهي ته اهو انهن کان هضم نه ٿو ٿئي. حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي جي امن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ جيڪي ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، انهن کي فوري طور حراست ۾ ورتو وڃي ته جيئن هر شهري جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي.
            sahibalisindhi@gmail.com

             

No comments:

Post a Comment