Pages

Monday 10 December 2018

ڇا علاج جون سهولتون رڳو مالدار لاءِ آهن

صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر  صحت جي سهولتن جي اڻهوند گذريل ڪيتري عرصي کان هلي رهي آهي، وڏين بيمارين جو علاج ملڪ ۾ نه هئڻ برابر آهي، جيڪي به وڏيون بيماريون آهن، انهن جو علاج به وڏا ماڻهون ڪرائي سگهن ٿا، جنهن سبب غريب ماڻهن لاءِ علاج ڪرائڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ اندر ماڻهون بيمارين  وگهي پنهنجيون  حياتيون وڃائي رهيا آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ سنجيدگي ڏيکارين ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، هتي دل ۾ سوراخ سميت ٻين ڪيترين ئي وڏين بيمارين جو علاج ڪرائڻ تمام گهڻو مهانگو آهي، ان حوالي سان چيف جسٽس ميان ثاقب نثار به ريمارڪس ڏئي چڪو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ علاج جون سهولتون نه آهي ۽ نه ئي اسان چين وڃي سگهون ٿا، مطلب ته ملڪ اندر علاج تمام گهڻو مهانگو آهي.
هونئن ته سرڪار طرفان ڪيتريون ئي سرڪاري اسپتالون  ٺهرايون ويون آهن، اتي نه دوائون هونديون آهن ۽ نه ئي وري اتي ڪي ٻيون سهولتون هونديون آهن، خاص طور تي سنڌ جي اسپتالن جي اهڙي صورتحال  آهي جو انهن ۾ نه ته غريب ماڻهن دوائون موجود نه هونديون آهن ۽ نه ئي وري  وقت سر انهن کي ڪي سهولتون  ملي سگهنديون آهن، سنڌ ۾ کوڙ ساريون اهڙيون اسپتالون آهن، جتي  ڊاڪٽرز جي غير حاضري جون دانهون ڪيون وينديون آهن، اسان جي ملڪ ۾ ته اهڙا به واقعا پيش اچي چڪا آهن، جنهن کي ٻڌي دنيا وارا حيران ٿي ويندا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ  خبر گردش ڪري رهي هئي ته ڊاڪٽرز نه هئڻ تي ڊسپينسر ماڻهن جو علاج ڪري رهيو هو.
بهرحال ان اسپتال ۾ هڪ ڊسپينسر ته ڪم ڪري رهيو پر سنڌ ۾ ته اهڙيون اسپتالون به آهن، جتي ڊاڪٽر ته ڇا ڊسپينسر به  نظر نه ايندو آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ نه پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڪا سهولتون هوندي آهي ۽ نه ئي صفائي سٿرائي جو ڪو خاص خيال رکيو ويندو آهي، سنڌ جي ٻهراڙي توڙي وڏن شهرن جي سرڪاري اسپتالن جي به اها ئي حالت آهي، جتي صفائي سٿرائي نه ٿيندي آهي،  ڪجهه سرڪاري اسپتالن اندر ته خانگي ميڊيڪل اسٽور به ٺهيل هوندا آهن، جنهن سبب سرڪاري ڊاڪٽر اهڙيون دوائون ته لکي ڏيندا آهن جو ان اسٽور کانسواءِ  شهر جي ڪنهن ٻئي اسٽور تي اها دوا نه ملندي آهي.
هونئن ته  اڪثر ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ سرڪار طرفان دوائون فراهم ڪيون وينديون آهن پر خبر نه آهي ته اهي دوائون الائي ڪيڏانهن پيون وڃن، سنڌ سرڪار پاران هيپا ٽائٽس جي بيماري جو پروگرام شروع  ڪيو، ان حوالي سان سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾  ڪيترائي سينٽر شروع ڪيا ويا پر افسوس جو انهن سينٽرز تي به ڪيترن ئي مهينن کان دوائون موجود نه هئڻ سبب غريب ماڻهون علاج ڪرائي نه سگهيا آهن، جن ماڻهن وٽ سگهه آهي اهي ته خانگي اسپتالن مان علاج ڪري دوائون  خريد ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي سرڪاري اسپتالن ڏانهن نيهاري آهن، اهي انتظار ۾ ويٺل آهن ته آخر ڪڏهن حڪومت نوٽيس وٺندي ۽ سائي جي مرڪزن تي دوائون فراهم ڪيون وينديون. بهرحال سنڌ ۾ علاج جون سهولتون نه هئڻ برابر آهن، جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾سرڪاري اسپتال ٺهيل به آهي ته انهن اسپتالن ۾به ڪڏهن دوائن جي کوٽ آهي ته ڪڏهن وري ڊاڪٽرز  جي غيرموجودگي سبب غريب ۽ مستحق ماڻهن جو علاج نه ٿي رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس ثاقب نثار به چيو هو ته تڪليف جي ڪا زندگي نه هوندي آهي، امڙ جي بيماري منهنجي حياتي جي تڪليف واري ڳالهه هئي،  مان ڏٺو ته ملڪ ۾ علاج اهو ئي ڪرائي سگهي ٿو ته جيڪو مالدار هجي يا وري بااثر هجي، تنهن ڪري صحت جي شعبي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هر غريب جو علاج سولو ٿي سگهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته  سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾  وڏيون ۽ مهانگيون  ضرور آهن پر انهن اسپتالن ۾ غريب ماڻهن جوعلاج ڪرائڻ ناممڪن هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن اسپتالن ۾ تمام گهڻو علاج مهانگو  ٿيندو آهي، جيڪڏهن حڪومت  چاهي ته ملڪ جي سمورين اسپتالن جي حالت بهتري ٿي سگهي ٿي، پر حڪومت کي سياسي ڪمن مان  اڃا واندڪائي نه ملي سگهي آهي، جنهن سبب سنڌ سميت سڄي جي اسپتالن جي اهڙي صورتحال آهي.
جيڪڏهن سنڌ سرڪار اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز جي موجودگي ۽ دوائن جي کوٽ کي پورو ڪري ته ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن ٿا، ان سان گڏ جيڪي به سرڪاري اسپتالون آهن انهن ٻاهران خانگي ميڊيڪل اسٽورز کي هٽايو وڃي ته جيئن ڊاڪٽرز پنهنجي من پسند دوائون نه لکي ڏين،  جن سرڪاري اسپتالن اندر خانگي ميڊيڪلز اسٽورز آهن، انهن کي به بند ڪرايو وڃي، جيڪڏهن حڪومت دوائون ڏئي رهي آهي  ته پوءِ سرڪاري اسپتالن اندر ۽ ٻاهر خانگي ميڊيڪل اسٽورز جي ڪهڙي ضرورت آهي.
جيئن  اسڪولن ٻاهران امتحانن وارن ڏينهن  فوٽو ڪاپي اسٽيٽ دڪانن کي بند ڪرايو ويندو آهي ته جيئن ٻار ڪاپي نه ڪري سگهن ، ايئن ئي سرڪاري اسپتالن ٻاهران خانگي ميڊيڪلز اسٽورز کي هٽايو وڃي ته جيئن لالچي ڊاڪٽرز غريبن کي مهانگو دوائون لکي ڏيڻ کان رڪجي سگهن ۽ خانگي اسٽورز  وارن جو اهو غريب دشمن ڪاروبار بند ٿي سگهي. اهڙن خانگي اسٽورز کي سرڪاري اسپتالن کي پري رکڻ گهرجي ته جيئن غريب  اهڙن ڦورن کان لٽجڻ کان بچي سگهن.سنڌ جي ڪا اهڙي اسپتال نه آهي، جتي دوائن جي کوٽ جي دانهه ٿيندي هجي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته غريب ماڻهن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي ۽ دوائن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ته جيئن ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن. 

No comments:

Post a Comment