Pages

Sunday 30 December 2018

گورنر راڄ جا چوٻول ۽ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ صورتحال

صاحب خان ڀٽي
2018ع جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف  ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي  اقتدار سنڀاليو پر اپوزيشن پاران  پي ٽي آءِ تي سليڪٽيڊ حڪومت جو الزام لڳايو ويو، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سميت ڪجهه  جماعتن تحريڪ انصاف تي اهو الزام به لڳايو  ته تحريڪ انصاف عوامي مينڊيٽ چوري ڪري اقتدار ۾ آئي آهي پر   ان باوجود اپوزيشن  پاران  تحريڪ انصاف خلاف بيان بازي کانسواءِ ڪو ٻيو رد عمل سامهون نه آيو، جيڪڏهن تحريڪ انصاف واقعي سليڪٽيڊ حڪومت هئي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سميت  اپوزيشن وٽ ايتريون سيٽون موجود هيون جو اهي پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهن پيون پر   ان وقت  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪا سنجيدگي  ظاهر نه ڪئي هئي ۽ پيپلزپارٽي پاران نواز ليگ کان   فاصلو رکيو هو پر ان سڄي عمل دوران نواز ليگ ثابت قدم رهي ۽ نوازشريف سميت نوازليگ جي سمورن اڳواڻن نيب ڪيسز سميت عدالتن کي منهن ڏنو ۽ پنهنجي مقصد تان پوئتي نه هٺيا پر اڄ جڏهن پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي  قيادت خلاف  قانوني ڪارروايون شروع ٿيون آهن، تنهن ڏينهن کان پيپلزپارٽي لاءِ به ساڳيون ئي حالتون پيدا ٿي ويون آهن، جيڪي نوازشريف جي لاءِ ٿيون هيون  بس هاڻ فرق ايترو آهي  جو نوازشريف جو تعلق  پنجاب سان آهي ۽ آصف علي زرداري جو تعلق سنڌ سان آهي.
جيئن ته نوازشريف خلاف  ڪاررواين جو هاڻ چيپٽر بند ٿي چڪو آهي ۽ کيس سزا به ملي وئي آهي ته  هاڻ انهن ڪاررواين جو رخ پيپلزپارٽي جي قيادت  ڏانهن ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پيپلزپارٽي جي قيادت  ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي،  نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو  آهي ته جن به نواز ليگ کي ڇڏيو انهن جو حال چوڌري نثار جهڙو ٿي ويندو؟ هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته جڏهن به ڪنهن ڏکئي وقت ڪير ڪنهن کي ڇڏي ويندو آهي ته پوءِ ان کي سک دوران گڏ کڻي هلڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويندو آهي، اهو ئي نواز ليگ سان  به ٿيو پر ان باوجود نواز ليگ  جا حوصلا ڪمزور ٿيندي نظر نه آيا آهن، ايتري قد رجو نوازشريف پنهنجي ڌيءُ ۽ ڀاءُ سميت جيل ۾ ڪاٽي آهي پر ان باوجود هن عدالتن ۾ پيش ٿي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي، جيئن ته هاڻ رخ سنڌ ڏانهن شروع ٿيو آهي ته آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين خلاف ڪاررواين  جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن،
پيپلزپارٽي جي سينيئر سياستدان خورشيد شاهه چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دل ۽ گڙدو گهرجي، جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري  گرفتار ٿيو ته ملڪ ۾ افرا تفري مچي ويندي. بهرحال تحريڪ انصاف سنڌ ۾ تبديلي جو پڪو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن تحريڪ انصاف ٽنهي صوبن ۾ ڪامياب ٿي ۽ اتي حڪومت قائم ڪئي ته اسان سوچيو هئوسين ته سنڌ ۾ تبديلي نظر نه آئي آهي، اتي به نظر اچي ها ۽ کوڙ سارن دوستن اهڙي راءِ جو اظهار به ڪيو پر جڏهن تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي ڏٺي ته هر طرف بيروزگاري، بک ۽ بدحالي جا منظر نظر اچي رهيا هئا، تحريڪ انصاف جي حڪومت سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، جيڪي ڳالهيون تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چونڊن کان اڳ عوام سان ڪيون هيون، سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.
عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن سندن حڪومت آئي ته بيروزگاري ختم ڪئي ويندي پر افسوس عمران خان جي حڪومت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ۽ ماڻهن جا اجها ڊاهيا ويا، ان سان گڏ ملڪ ۾ گيس ۽ بجلي جو بحران به وڌي ويو، ايتري قدر جو بجلي ۽ گيس جا اگهه به وڌايا ويا، جنهن سان مهانگائي جو هڪ طوفان اچي ويو، بيروزگاري چوٽ چڙهي وئي، ايتري قدر جو ملڪ مان اوچتو گيس جو بحران وڌي وڃڻ سبب سنڌ ۾سي اين جي اسٽيشن پمپز به بند ٿي ويا، جنهن سبب گيس تي هلندڙ گاڏيون بيهجي ويون، رڪشا  ۽ ڪار هلائي گذر سفر ڪندڙ به پريشان ٿي ويا پر ان باوجود حڪومت تي ڪو به فرق نه پيو.  هونئن ته تحريڪ انصاف ٻيا کوڙ  سارا به واعدا ڪيا هئا، جن مان هڪ وڏو واعدو  هو ته ملڪ جو قرض لاٿو ويندو  ۽ آءِ ايم ايف کان  قرض نه ورتو ويندو  پر  هاڻي تحريڪ انصاف جي حڪومت آءِ  ايم ايف جا شرط به منظور ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي ملڪ جي ميڊيا ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهي آهي ته پرڏيهي ميڊيا ۾ ڪجهه ٻيو منظر نظر اچي رهيو آهي.
بهرحال تحريڪ انصاف هاڻ سنڌ مشن شروع ڪيو آهي، جنهن سبب وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ تبديلي جو ٽاسڪ به ڏئي ڇڏيو آهي پر حڪومت جي ڪارڪردگي کي ڏسي  سنڌ جو عوام تمام گهڻو پريشان ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا به هن وقت تبديلي نظر آئي آهي، ان سان غريب ماڻهن کي مهانگائي کي ئي منهن ڏيڻو پيو آهي پر ان باوجود تحريڪ انصاف سنڌ ۾ تبديلي لاءِ پيپلزپارٽي جي مخالفن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، ايتري قدر جو  تحريڪ انصاف ۽ مهر ڀائرن سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ  اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته  سنڌ ۾  تبديلي اڻٽر آھي، جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي استعيفيٰ  ڏيڻ گھرجي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اهو به چيو ته سردار علي گوھر خان مھر سان وزير اعظم عمران خان جي فون تي ڳالھ ٻولھه ٿي آھي، جڏهن ته صدر عارف علوي جلد خانڳڙھ ايندو جنهن بعد وزيراعظم پڻ خانڳڙھ ايندو.
جيئن ته نوازشريف  کانپوءِ هاڻ آصف علي زرداري خلاف ڪيسز هلائڻ واري عمل ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيسز جون  ٻڌڻيون ٿي رهيون آهن پر  هن ڀيري فرق ايترو آهي جو پيپلزپارٽي پاران اڪيلي سر  صورتحال کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو سنڌ ۾ سياسي سرگرميون به چوٽ چڙهيل آهن پر ان سڄي صورتحال باوجود سنڌ جو عوام اهو فيصلو ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي ته عمران خان جي تبديلي جي حمايت ڪئي وڃي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته عمران خان جي نئين پاڪستان ۾  عوام بيروزگار ٿي رهيو آهي، مهانگائي جو طوفان اچي چڪو آهي ۽ ڊالر جو اگهه به وڌي ويو آهي ۽ رپئي جو مُلهه تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي ۽ ملڪ جو خزانو به خالي ٻڌايو پيو  وڃي پر جڏهن نواز ليگ جي حڪومت هئي، ان وقت ملڪ جي خزاني خالي هئڻ جون ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون هيون پر جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي، تنهن ڏينهن کان ملڪ جو خزانو خالي هئڻ بابت خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن،
بهرحال پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي حڪومت ۾جيڪي به ڪم ٿيا، اهي به سڀني جي سامهون آهن پر جيڪو ڪجهه تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، اهو  به سڀني جي سامهون آهي، جيڪڏهن  سنڌ ۾ واقعي تحريڪ انصاف کي تبديلي آڻڻي آهي ته پوءِ سڀ کان پهريان سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻو پوندو، ۽ پوءِ سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جو حق تسليم ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو ويندو، سنڌ مان جنهن ضلعي مان به گيس ۽ پيٽرول نڪري رهيو آهي، انهن علائقن جون اهي ئي دانهون آهن ته مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم نه پيو ڪيو وڃي، تحريڪ انصاف کي انهن ماڻهن جون اهي شڪايتون به دور ڪرڻيون پونديون، باقي رهي ڳالهه سنڌ ۾ ڪهڙي پارٽي جي حڪومت آهي، ڪنهن جي  حڪومت هئڻ گهرجي، ان سان عوام کي فرق نه ٿو پئي.
جيئن ته  سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جون به خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جنهن به گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته ان بابت کيس ڪجهه به خبر نه آهي پر پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته   جمهوري حڪومت گورنر راڄ لاڳو  نه ٿو ڪري سگهجي. بهرحال هاڻ ڏسڻو پوندو ته آخر تحريڪ انصاف  پيپلزپارٽي جي قيادت کان ڪهڙا مطالبا ڪري ٿي، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته جڏهن به  ڪنهن پارٽي کان ڪجهه مطالبا مڃرائڻا هوندا آهن ته ان مٿان دٻاءُ وڌايو ويندو آهي ۽ هاڻ  به اهو ئي ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، اپوزيشن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي دبئي ۾ ملڪيت آهي، جيڪا اڳ لڪائي وئي هئي، جنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي.  بهرحال  سنڌ ۾ تبديلي  جي صورت ۾ حالتون خراب  به ٿي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته نوازشريف ۽ آصف علي زرداري آسمان ۽ زمين جيترو فرق آهي، نوازشريف هميشه جمهوري دور ۾ به احتجاج ڪيا آهن پر آصف علي زرداري هميشه مفاهمتي پاليسي کي اپنايو آهي ۽ اسٽيبلشمنٽ کي اصل چهرو  به ڏيکارڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي

No comments:

Post a Comment