Pages

Tuesday 25 December 2018

سياري جي موسم ۾ گئس جو بحران


صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ بجلي جو بحران ته پرويز مشرف جي دور کان هلي رهيو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي رهيو آهي، نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته بجلي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي پر جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي آهي، ان ڏينهن کان بجلي جو بحران ٻيهر وڌي ويو آهي، جنهن سبب ڪاروبار تباهه ٿيندو پيو وڃي، ايتري قدر جو ڪيترن ئي علائقن ۾ ته بجلي اچڻ جو نالو ئي نه وٺندي آهي. بهرحال سنڌ جو عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ته عادي ٿي چڪو آهي پر جڏهن کان سياري جي موسم آئي آهي، ان ڏينهن کان گيس جوبحران پيدا ٿي ويو آهي، سي اين جي اسٽيشنز ته بند آهن پر ان سان گڏ گهريلو صارفين کي گيس پريشر گهٽ هئڻ واري مسئلي کي منهن ڏيڻ پئجي يو آهي.  جئين ته جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها صرف اها دعويٰ ڪندي آهي ته هنن بحران تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي، پر ملڪ جي ڪنهن به شهر ۽ ڳوٺ ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي وقت م گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، هڪ طرف سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گيس نڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ٿر مان به دنيا جو قيمتي ڪوئلو هٿ آيو آهي پر باوجود ملڪ ۾ نه ته بجلي جو بحران ختم ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري گيس جو مسئلو ختم ٿي رهيو آهي.
پيپلزپارٽي گيس جي بحران کي نظر ۾ رکندي وفاق توڙي سنڌ ۾ احتجاج ڪري رهي آهي ته سنڌ مان  نڪرندڙ گيس مان سنڌ کي حصو نه پيو  ڏنو وڃي، پيپلزپارٽي وفاق تي اهو به الزام لڳايو آهي ته سنڌ جي گئس ڪنهن ٻئي صوبي کي ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، سنڌ  جي شيءَ جو حصو ڪنهن ٻئي صوبو کي ئي ڏنو ويندو آهي. پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سنڌ جي گيس جي بحران تي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ گيس بحران  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته  سنڌ  جي حصي جي گئس ڪنهن ٻئي صوبي کي ڏيڻ ناانصافي آهي، گمبٽ گيس فيلڊ ۾ چيو ويو ته اتان گيس بند آهي پر اتان به گيس نڪري رهي آهي، شيري رحمان چيو ته جنهن صوبي مان گيس نڪرندي آهي، ان تي سڀ کان پهرين اتان جي صوبي جي ماڻهن جو حق هوندو آهي پر اهو حق کين نه پيو ڏنو وڃي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ته ايران سان گيس معاهدو به ڪيو هو پر ان تي به هن وقت ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ نه ئي ان منصوبي بابت هن وقت تائين  ڪا وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ملڪ مان گيس نه پيو نڪري ته پوءِ آخر اهو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟ ان جو حل ته حڪومت کي ڳولهڻ آهي، ، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ گيس جي پيداوار گهٽ آهي ته اها ٻين ملڪن کان به خريد ڪري پوري ڪري سگهجي ٿي، پر حڪومت نه ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري  عوام کي اهو ٻڌايو پيو وڃيي ته آخر گيس جو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو؟ جيڪڏهن وفاقي سرڪار گيس ۽ بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي ها ته اڄ سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها ۽ نه ماڻهو روڊن تي نظر اچن ها، روزاني سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر مان احتجاج جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهنديون آهن ته سندن شهرن ۾ بجلي ڪلاڪن جاڪلاڪ بند رهي ٿي پر سندن دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي،
بهرحال ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر ۾ بجلي جو بحران به حڪومت جي لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آهي ۽ حڪومت جي پت ان مان ئي وائکي ٿي وڃي ته ڪراچي ۾ ڪيترن ڪلاڪن لاءِ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت ڪراچي جهڙي شهر ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي ته پوءِ آخر ٻين ٻهراڙين وارن علائقن جو ڪهڙو حشر هوندو، هي حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي جلد کان جلد ضابطو آڻي ماڻهن کي پريشاني کان بچائي سگهي.
سنڌ جو ڪو اهڙو شهر بچيوئي نه آهي، جتي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هجي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد سميت ٻين شهرن ۾ لوڊشيڊنگ سبب عوام بيزار  آهي، موري ۾ ته بجلي هڪ ڪلاڪ اچي ٿي ته ٽي ڪلاڪ بند ڪئي وڃي ٿي پر سندن ڪو به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، ڪجهه ماڻهوته اهي به دانهون ڪري رهيا آهن ته هڪ ته حڪومت روزگار فراهم نه ڪري رهي آهي ته مٿان وري جيڪي ماڻهو پنهنجي ٻچن جي روزي ڪري رهيا آهن انهن کي بيروزگار ڪيو پيووڃي،
بهرحال بجلي جي لوڊشيڊنگ صرف موري نه پر دادو، سانگهڙ، مٽياري، سڪرنڊ، پني عاقل سميت ٻين شهرن ۾ به ٿي رهي آهي پر صوبائي حڪومت به ان حساس مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پئي کڻي، حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد بجلي ۽ گيس جي بحران تي ضابطو آهي ۽ سنڌ جي انهن علائقن تائين به گيس فراهم ڪيو وڃي جتي اڄ ڏينهن گيس جي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن هن وقت به حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو نه آڻي سگهي ته پوءِ گرمي جي موسم ۾ ته ماڻهو عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندا، تنهن ڪري ضروري آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت بجلي ۽ گيس جي بحرن کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي ته جئين سنڌ جو عوام سياري جي موسم بجلي ۽ گيس بحران کي منهن نه ڏيڻو پيو

No comments:

Post a Comment