Pages

Saturday 15 December 2018

معدني وسيلن باوجود سنڌ ۾ گئس جو بحران


صاحب خان ڀٽي
سنڌ کي ڌڻي پاڪ معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي،  گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان نوازيو آهي پر افسوس جو حڪمرانن جي بي حسي ۽ ڦرلٽ جي سبب  سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجا حق نه ملي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ هجي يا وري بجلي جي جو بحران، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻين ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي،   موجوده حڪومت جي دعويٰ آهي ته   ڪنهن به علائقي ۾ لوڊشيدنگ نه ٿي رهي آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، سنڌ جا ڪيترائي  اهڙا علائقا آهن، جتي بجلي نه آهي،  ڪيترن ئي علائقن ۾ سالن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهن، ڪن علائقن  جي  ته اهڙي صورتحال آهي جو  بجلي جون تارون ڪاٺي جي لڪڙن ۾ لڙڪيل نظر اينديون آهن پر ڪجهه علائقن ۾ ته   24 ڪلاڪن ۾ رڳو 4 ڪلاڪ ئي بجلي ئي ايندي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ ڪاروبار ته تباهه آهي پر عوام به سک جو ساهه نه کڻي رهيو آهي.
سنڌ جي شهري علائقن ۾  جتي بااثر ماڻهون رهن ٿا، انهن علائقن ۾ ته بجلي  ويندي  ئي نه آهي پر  جن علائقن ۾  غريب ماڻهون رهندا آهن، انهن علائقن ۾ بجلي  جي اچڻ ۽ وڃڻ جو ڪو وقت ئي نه هوندو،  مطلب ته هن ملڪ ۾ هر هڪ ادارو بااختيار آهي، هر ڪو پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري رهيو آهي،   سنڌ مان  گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلو نڪرڻ باوجود سنڌ جي ماڻهن جي حالت تبديل نه ٿي سگهي آهي، ايتري قدر جتان به پيٽرول ۽ گيس نڪري رهيو آهي،  انهن علائقن ۾ سنڌ جي اصل  وارثن کي نوڪريون  به نه پيون ڏنيون وڃن،   معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ  جا ماڻهون وفاق جي ڏاڍ سبب بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن پر نه ته سنڌ جي حڪمرانن  کي ڪو رحم اچي رهيو  آهي  ۽نه ئي وري وفاق کي ڪياس اچي  پيو. سنڌ جا حڪمران رڳو وفاق کان   گيس ، پيٽرول ۽ ڪوئلو جو حصو وٺن، تڏهن به سنڌ  جا ڪيترائي ئي مسئلا حل ٿي ويندا ؟ پر اهو تڏهن ئي ٿيندو جڏهن سنڌ جا حڪمران سجاڳ ٿين ۽  بنا خوف جي سنڌ  جي ماڻهن کي پنهنجو جائز حق وٺي ڏين، سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ باوجود  سنڌ جي ماڻهن تي بجلي جي چوري جو الزام لڳايو پيو وڃي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اصل چور ته اهي ئي ماڻهون آهن، جيڪي سنڌ جي  ماڻهن تي بجلي  جي چوري جو الزام لڳائن پيا،  ڇاڪاڻ ته سنڌ جي گيس، پيٽرول ۽ ڪوئلو جا ذخيرا ڳڙڪائڻ به هڪ چوري آهي، جيڪڏهن اصل وارثن کي حق نه ملي ته اهو به ڌاڙو آهي، جيڪڏهن  وفاق سنڌ کي ڪجهه ڏئي نه ٿو ته پوءِ الزام به نه لڳائي، گذريل ڪيتري عرصي کان هڪ سازش تحت سنڌ جي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ  جي لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ته جيئن سنڌ جا ماڻهو   پنهنجا حق نه گهرن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پرويز مشرف جي دور  کان اڳ ملڪ اندر بجلي جو بحران جو نالو ئي نشان نه هوندو هو پر پرويز مشرف جي دور ۾ ڊيمن جون ڳالهيون ٿيون ۽ پوءِ بجلي جو بحران ٿيو، جڏهن به سنڌ جي ماڻهن بجلي جي احتجاج ڪيو ته هر ڀيري اهو ئي چيو ويو ته بجلي جو بحران تڏهن ئي حل ٿيندو، جڏهن تڪراري ڊيم ٺهندو، اهڙن بيانن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پريشان ڪيو پيو  وڃي.
جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڪرڪيٽ جي ميچ جي ڏينهن ۾ الائي اهڙي الادين جي ڏيئي ذريعي وفاق بجلي جي گهرج پوري ڪري وٺندو آهي، ڀلا ڪنهن به ايونٽ جي موقعي تي بجلي پيدا ڪندڙ ادارن وٽ ايتري صلاحيت ڪٿان کان اچي ويندي؟ شايد ان بابت ڪير به جواب نه ڏيندو، رڳو هڪ راڳ الاپيو ويندو آهي ته تڪراري ڊيم نه هئڻ سبب بجلي جو بحران آهي. بهرحال هاڻ بجلي کانپوءِ سنڌ ۾ گئس جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، 71 سيڪڙو ملڪ کي گئس فراهم ڪندڙ سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان گئس جو نالو نشان ئي نه آهي، وفاقي حڪومت سنڌکي ذميوار قرار ڏئي رهي آهي ته سنڌ سرڪار وري وفاق کي ذميوار قرار ڏني وئي آهي، خبر نه آهي ته ڪير سچو آهي ۽ ڪير ڪوڙو آهي پر حقيقت ۾ ٻئي حڪومتون ئي ذميوار آهن.
جيڪڏهن ڪا فني خرابي ٿي به آهي ته پوءِ ان ۾ سنڌ جو ڪهڙو قصور آهي، ميڊيا تي خبرون آهن ته سنڌ جي حصي جي گئس پنجاب کي ڏني پئي وڃي، پوءِ ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي حصي جي گئس آخر پنجاب کي ڇو پئي ڏني وڃي، هونئن به  پنجاب تي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام لڳندو رهيو آهي، ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته پاڻي جي کوٽ ملڪ ۾ آهي پر ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پنجاب ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پنجاب جي سرزمين سرسبز ۽ آباد آهي پر سنڌ جي زمين کي سمنڊ ڳڙڪائي رهيوآ هي پر ان  باوجود نه ته سنڌ جي حڪمرانن کي ڪا  ڳڻتي آهي ۽ نه ئي وفاق  کي ڪو فڪر آهي اهو سبب آهي جو سنڌ جي زمين ڏينهون ڏينهن بنجر ٿي رهي آهي.
هڪ طرف سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، بئي طرف بجلي نه هئڻ برابر آهي ته مٿان وري گئس  جو به هٿ رادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  هي بحران رڳو سي اين جي اسٽيشز پمپن تي ظاهر ٿيو آهي پر ان کان اڳ به سنڌ جو  عوام گئس پريشر گهٽ هئڻ جون دانهون ڪندا رهندا اهن پر ان تي ڪنهن به ڌيان  نه ڏنو آهي، 71 سيڪڙو ملڪ کي گئس فراهم ڪندڙ سنڌ جا ماڻهون اڄ به گئس لاءِ پريشان آهن،  هر طرف گئس جو پريشر گهٽ هئڻ جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن پر انهن جي ڪير به داد فرياد ڪرڻ وارو نه آهي.  دوڙ ۾ فني خرابي سبب گئس جي بندش ڪري سنڌ  ۾ سي اين جي اسٽيشنز پمپز بند ٿي ويا، جنهن سبب ٽرانسپورٽرز هڙتال ڪئي پر ان سان به وفاقي حڪومت کي ڪو فرق نه پيو، فرق پيو ته ڏهاڙي تي ڪم ڪار لاءِ ويندڙ عام ماڻهن کي پيو، روڊن تي گاڏيون  گهٽ هئڻ سبب غريب ماڻهن کي نوڪرين تي وڃڻ لاءِ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
وزير اعظم عمران خان به ٻه ٽي ڏينهن اڳ هنگامي اجلاس ڪوٺائي ملڪ ۾ جاري گيس بحران تي سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جي ايم ڊيز خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو هو، انهيءَ  اجلاس ۾ ناڻي، پيٽروليم، پاور ڊويزن جي وزيرن ۽ ٻين ادارن جي سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي هئي، جنهن دوران وزير اعظم کي ملڪ ۾ گيس جي بحراڻي صورتحال، گيس جي پيداوار ۽ ضرورتن بابت معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم کي بريفنگ ۾ ڏني وئي هئي ته ٻنهي ڪمپنين نااهلي جو مظاهرو ڪيو ۽ گيس جي طلب ۽ رسد جي ڄاڻ لڪائي.
 بهرحال سنڌ  ۾ گئس جو بحران هاڻ شدت اختيار ڪري ويو آهي، سي اين جي اسٽيشنز تي  گئس جي فراهمي ٿي به وڃي پر جي  گهريلو صارفين کي انهن کي گئس جو فل پريشر ڪڏهن ملندو؟   ڪيترائي ماڻهون ته گئس جي پريشر گهٽ هئڻ سبب تمام گهڻو پريشان آهن، خاص  طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گهٽ پريشر سبب ماڻهون دانهون ڪري رهيا آهن پر انهن جي ڪو به ٻڌڻ وارو نه آهي، اسان ته   وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي ايتري ئي گذارش ڪنداسين ته  سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ پريشان نه ڪيو وڃي، هڪ ته  هٿرادو بجلي جي بحران سان عوام کي پريشان ڪيو پيو  وڃي مٿان وري گيس جو بحران ڄاڻي  عوام کي وڌيڪ پريشان نه ڪيو وڃي، اڳ ئي سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، مٿان وري گئس جي کوٽ سان غريب عوام جي ڏکيائن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي. 


No comments:

Post a Comment