Pages

Sunday 23 December 2018

حڪومت به مفاهمتي عمل وارو دڳ ورتو...!!


صاحب خان ڀٽي
شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ۽ اقتدار ۾ آئي ۽ ان کانپوءِ آصف علي زرداري ملڪ جو صدر بڻيو ۽ پهريون ڪم 18 هين ترميم وارو ڪيو، جنهن سبب پارليامينٽ کي اختيار مليا ۽ ان سان گڏ فوجي عدالتن جو قيام عمل آيو، جنهن دوران سينيٽر رضا رباني چيو هو ته ووٽ پارٽي جو حق آهي، ان کي ادا ڪندو. بهرحال  ان وقت پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ جو اعلان ڪيو هو پر  مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف جسٽس رٽائرڊافتخار چوڌري جي بحالي تائين حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو چيو ۽ مارچ ڪيو، جنهن کان پوءِ آصف علي زرداري افتخار محمد چوڌري کي چيف جسٽس جي عهدي تي بحال ڪيو ۽ هڪ وڪيلن جي وڏي تحريڪ پنهنجي منزل تي پهتي، جيڪا وڪيل برداري جي وڏي فتح قرار ڏنو ويو، جنهن هڪ چيف جسٽس کي بحال ڪرڻ  لاءِ مارچ ڪيو اڄ ان شخص کي عدالتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ جيل به ڪاٽي چڪو آهي پر هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، ان وقت آصف علي زرداري مفاهمتي دڳ ورتو، هر اداري کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ وارو سندس فارمولو ڪامياب ٿيو ۽ هن پنهنجا پنج سال پورا ڪيا ۽ اهڙي ريت مفاهمت جي دڳ تي هلندي جمهوريت جي ٽرين پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي پر هن وقت جيڪا جمهوري پارٽي ڪامياب ٿي اقتدار ۾ آئي آهي.
اها پارٽي اڄڪلهه رڳو جمهوري پارٽين خلاف ئي ڪارروائي ڪري رهي آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي  ته ملڪ اندر ڪرپشن نه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن  ڪرپشن ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٿو ته اها تمام سٺي ڳالهه آهي پر ڪرپشن جو الزام رڳو ان ڪري لڳايو وڃي ته هو ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي ته پوءِ سراسر غلط آهي، ڇاڪاڻ ته هر اداري تي تنقيد ڪرڻ جو هر هڪ شخص کي اختيار آهي، جيڪڏهن ڪو ادارو غلط ڪم ڪري رهيو آهي ته ان خلاف ڳالهائڻ جو حق هر وٽ آهي پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ڪجهه ادارن خلاف ڳالهائڻ قطعي طور بند ٿيل آهي، جنهن سبب ڪو به انهن ادارن خلاف ڳالهائي نه رهيو آهي، جيئن اسان جو ملڪ جو حساس ادرو نادرا آهي.
جيڪڏهن ان اداري ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته ان اداري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، جيڪا آبادي ملڪ جي وڌي آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ سياستدانن کان پوءِ نادرا ئي آهي، جنهن خلاف روز نوان نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ بلوچستان ۾ هڪ دهشتگرد ماريو ويو هو، جنهن جو تعلق افغانستان سان هو ۽ ان وٽ به پاڪستان جي سڃاڻپ هئي، ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هن ملڪ اندر رهندڙ افغانين وٽ افغانستان سان گڏ پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ به آهن، اهي ڪارڊ نادرا انساني همدردي طور ڏئي رهيو آهي پر هن اداري کي پنهنجي ملڪ جي سلامتي جو ڪو به فڪر نه آهي، ان سان گڏ ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف اخبارن ۾ انڪشاف ٿيو ته پرڏيهين کي پاڪستاني ظاهر ڪري پرڏيهه ملڪ موڪليو ويندو آهي مطلب ته نادرا پاران غيرملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا آهن، ان عمل  هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته ملڪ اندر هر ادارو ڪرپشن ۾ ٻڌل آهي، 
رهي ڳالهه سياستدانن جي ته انهن مٿان ته هر وقت تلوار لٽڪيل هوندي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نادرا ايترا ته ڪارڊ جاري ڪيا آهن،  جن جو ڪاٿو لڳائڻ نا ممڪن آهي، هن اداري ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳائڻ جي ڪاڪسر نه ڇڏي آهي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، هن ملڪ جو امن تباهه ڪندڙن پنهنجا ماڻهو نادرا ۾ ڀرتي ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪي غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏياري رهيا آهن، جيڪڏهن ان اداري خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ته اڃا به گهڻا انڪشاف سامهون اچي سگهن ٿا پر انهن ادارن جو احتساب ڪير ڪندو ، آخر وزيراعظم عمران خان کي نادارا جا ڪيل ڪلور نظر ڇو نه اچي رهيا آهن،  جيڪڏهن نادرا کي ناڪيلي نه وڌي وئي ته ايندڙ وقت ملڪ ۾ رڳو ڌاريا ئي نظر ايندا باقي رهي ڳالهه احتساب جي ته رڳو اسان سياستدانن جو احتساب ڏسي رهيا آهيون پر هاڻ عوام سياستدانن سان گڏ اهڙن ڪرپٽ ادارن خلاف به ڪارروائي ڏسڻ چاهي ٿو ته پوءِ سڀني ادارن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي.
جيڪڏهن نادرا جهڙي حساس اداري خلاف ڪارروائي ڪئي نه  وئي ته  هلندڙ احتساب تي هزارين نه پر ڪروڙين سوال اٿي سگهن ٿا ۽ اهڙا سوال کڙا به ٿي رهيا آهن پر حڪومت جو سڄو ڌيان رڳو سياسي اڳواڻن ڏانهن آهي، جيڪڏهن حڪومت انهن سياستدانن سان گڏ اهڙن حساس ادارن ڏانهن به هڪ نظر ڦيري ۽ انهن ادارن کي ملڪي سلامتي سان کيڏڻ کان روڪي ته ملڪ اندر امن سان گڏ وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي سگهي ٿو ته جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت رڳو سياستدانن خلاف ڳالهائڻ کان پاسو ڪري ملڪ جي اصل مسئلن کي حل ڪري،  
بهرحال نيب جي ڪارراين سياستدانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ۽ نه هڪ ٻئي خلاف ڳالهائيندڙ پارٽيون به پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،  ان جو هڪ منظر قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ واري معاملي دوران سامهون آهن، جنهن وقت اپوزيشن هڪ پيج تي هئي ۽ تحريڪ انصاف ٻئي پاسي هئي،  شروع ۾ ته تحريڪ انصاف شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي  چيئرمين شپ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو پر آهستي آهستي  اپوزيشن جي سخت احتجاج سبب پنهنجي فيصلي تان روايتي طور يوٽرن وٺڻو پئجي ويو  ۽ آخر ڪار  پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بنا مقابلي جي شهباز شريف کي بڻايو ويو، جڏهن ته  رياض فتيانه کي انصاف ۽ قانون واري ڪميٽي جو  چيئرمين مقرر ڪيو ويو. 
بهرحال هن وقت جڏهن آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن، تڏهن  نواز  ليگ ۽  پيپلزپارٽي ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ٿي ويون آهن ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  مسلم ليگن ايم اين اي خواجا سعد رفيق خطاب ڪندي  چيو ته ٻڌايو وڃي ته آخر اهي ڪهڙا محب وطن آهن،جن جي درخواستن تي فوري طور نيب ڪارروائي شروع ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهن محب وطن سڏاريندڙن جي چوڻ تي  ٻين کي غداري وارا لقب ڏنا ويندا آهن،  سعد رفيق اهو به چيو هو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري ۾ هٿ وڌا ويا ته صورتحال خطرناڪ ٿي ويندي؟ بهرحال اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندوته عدالتن جو فيصلو ڪهڙو ايندو پر حڪومت جي رويي مان نظراچي رهيو  آهي ته حڪومت اين آر او ڏيڻ چاهي ٿي  پر اپوزيشن نه مڃي رهي آهي،ان جو مثال ريلوي واري وفاقي وزير جي گذريل پريس ڪانفرنس مان ملي ٿو، ريلوي واري وفاقي وزير چيو هو ته  نوازشريف مريم نوازلاءِ اين آر وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر آصف علي زرداري کي بلاول جي ڪا به فڪر نه آهي؟ اهڙي بيان مان صاف ظاهر ٿي وڃي ٿو ته ڪير اين آر  او وٺي رهيو آهي ۽ڪير اين آر او ڏي رهيو آهي.؟ بهرحال پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڏيڻ مان صورتحال مان  اهو صاف نظر اچڻ لڳو آهي ته حڪومت مفاهمتي دڳ ورتو آهي .


No comments:

Post a Comment