Pages

Monday 10 December 2018

ڪمند جو سرڪاري اگهه ڪشمير مسئلو بڻجي ويو..!!


صاحب خان ڀٽي
سنڌ جي آبادگارن کي ٻين جي صوبن جي ڀيٽ تمام گهڻيون ڏکيائون ڏسڻيون پونديون آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ ته سنڌ کي پنهنجي حصو جو پاڻي نه ملي رهيو آهي ٻيو ته وري مهانگائي سبب زراعت جي هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، جنهن سبب پوکي ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويندي آهي، جن آبادگارن وٽ ٽيوب ويلز جي سهولت هوندي آهي، اهي به دانهون ڪندا آهن ته سندن خرچ پورا نه ٿي رهيا آهن، پاڻي جي هٿرادو کوت سبب سنڌ ۾ زراعت کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري مناسب اگهه نه ملڻ سبب سنڌ جو هاري ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو  پيو وڃي، ٻج ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون مهانگيون ٿيڻ سبب فصل تي خرچ تمام گهڻو ٿي رهيو آهي پر ان باوجود زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي مناسب اگهه ڏيڻ لاءِ نه ته ڪا صوبائي حڪومت وٽ حڪمت عملي آهي ۽ نه وري حڪومت پنهنجن فيصلن تي ڪو عمل ڪرائي سگهي رهي آهي. جنهن سبب سنڌ جو آبادگار احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.
 هونئن ته جڏهن به سنڌ ۾ فصل لهي تيار ٿيندو  آهي ته هڪ سازش تحت  اگهه گهٽايا  ويندا آهن  ۽ هارين جي احتجاج باوجود  انهن جي مطالبن تي ڪو به ڌيارن نه ڌريون ويندو آهي. گذريل سال به آبادگارن پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو هو ۽ پر ان دوران  به آبادگارن سان سنڌ سرڪار جون ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون هيون. هن ڀيري به ڪمند جي آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن وچ ۾ ڪمند جي اگهه تي ڳالهيون ڪامياب نه ٿي رهيون آهن، سنڌ حڪومت پاران سرڪاري اگهه 182 طئي ڪرڻ باوجود رپيا ڪرڻ باوجود پاسما  مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.
هونئن ته سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ شگر ملز ڪنهن جون آهن پر افسوس هن وقت تائين سنڌ جي حڪمرانن آبادگارن جي اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نه جوڙي آهي، آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن وچ ۾ ٺاهه نه ٿيڻ سبب ايئن لڳي رهيو  آهي ته مستقبل ۾ سنڌ اندر ڪمند جو فصل پوکڻ وارو سلسلو بند ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري  عرصي کان سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي بنا جواز پريشان ڪيو پيو وڃي، ڪڏهن انهن  پيڙائي دير سان شروع ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري غريب هارين جي ڪمند جي فصل کي سڪايو ويندو آهي، مطلب ته ٻنهي طرفن کان رڳو آبادگارن جو ئي نقصان ٿيندو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن به ڪمند جو فصل تيار ٿي ويندو آهي ته شگر ملز مافيا پنهنجا من پسند اگهه طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ جي آبادگارن کي گهٽ اگهه ڏنو ويندو آهي، هن ڀيري به ايئن ٿي رهيو آهي، جڏهن ڪمند جو فصل تيار ٿي ويو آهي، تڏهن شگر ملز مالڪن طرفان ڪمند جي آبادگارن کي مناسب اگهه نه پيو ڏنو وڃي، جنهن سبب سنڌ جا آبادگار تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن.  جڏهن سنڌ سرڪار  ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 مقرر ڪي ته شگر ملز مالڪن ان فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندي مڃڻ کان انڪار ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي قيمتن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 7 ڊسمبر جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي،  صوبائي حڪومت اجلاس ۾ مالڪن جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ اگهه مقرر ڪيو،  قيمتن جي حڪومتي اعلان تي منع نامو جاري ڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظفر چيو ته توهان آبادگارن کي گذريل سال جي ادائيگي نه ڪئي ته پوءِ  منع نامو ڇو گهري رهيا آهيو. جج چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪمند جا برابر اگهه مقرر ڪيا ويا آهن،پوءِ ڪهڙو مسئلو آهي،  عدالت سڳوري به ملز مالڪن جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، پر افسوس جو سنڌ سرڪار پنهنجي فيصلي تي هن وقت تائين عمل نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن سبب آبادگارن جو نقصان ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
 هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته  پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ نه آهي ۽ نه ئي وري اتي آبادگارن کي ايترين ڏکيائن کي منهن ڏيڻو  پوندو آهي پوءِ آخر ڇو  سنڌ جي آبادگارن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ گهٽ اگهه ڏنا ويندا آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڪمند جي آبادگارن کي انصاف نه ٿي فراهم ڪري سگهي ته پوءِ آخر  ٻيون بنيادي سهولتون عوام کي ڪيئن فراهم ڪري سگهي ٿي؟ صوبائي حڪومت جي کنيل قدمن مان صاف نظر اچي رهيو آهي، سنڌ سرڪار شگر ملز مالڪن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن،  جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته  سگر ملز مالڪن خلاف ڪا ڪارروائي ضرور ڪري ها،  هر  ڀيري جيان هن ڀيري عوام آبادگارن کي ئي نقصان ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي.
جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي فيصلي تي عمل نه پئي ڪرائي سگهي ٿو آخر ڇو ڪمند جو اگهه 182 رپيا مقرر ڪيو ويو؟  آخر  سنڌ جي آبادگارن سان ناانصافيون ڪيستائين ٿينديون رهنديون. جيڪڏهن پاڻي  کوٽ خلاف سنڌ جا آبادگار احتجاج ڪندا آهن ته  سنڌ سرڪار جا نمائندا چوندا آهن ته پاڻي جي کوٽ سڄي ملڪ ۾ آهي پر  فصلن جو اگهه طئي ڪرڻ وقت به سندن هٿ ۾ ڪجهه  به نظر نه پيو اچي؟ آخر ڪار سنڌ  سرڪار کي ڪير هلائي رهيو آهي؟ آخر  ڪهڙا اهڙا هٿ آهن، جيڪي سنڌ سرڪار جي فيصلن تي عمل ٿيڻ نه پيا ڏين؟ سنڌ  سرڪار کي گهرجي ته  جيڪو به اگهه ڪمند جو طئي ڪيو آهي، ان تي فوري طور عمل ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آبادگارن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام اگهه ملي رهيو آهي.
 پاسما پاران سنڌ سرڪار جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي سنڌ جي آبادگارن احتجاجي ڌرڻن جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي. آبادگارن پاران ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف 14 ڊسمبر تي قاضي احمد ۽ 17 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ هر حال ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته آبادگارن کي وڌيڪ پريشانين کان بچائڻ لاءِ  سندن مطالبن کي منظور ڪيو وڃي ۽ سنڌ جون جيتريون به شگر ملز آهن، انهن  جي مالڪن کي پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ته جيئن سنڌ جي هارين جون پريشانيون ختم ٿي سگهن، جيڪڏهن  آبادگار سڄو سال پاڻي کوٽ، زرعي دوائون مهانگيون ٿيڻ ۽  فصلن جو  مناسب اگهه نه ملڻ  سبب احتجاج ڪندا رهندا ته ان سان آبادگارن جو ته نقصان ٿيندو پر  سنڌ اندر ڪمند جو فصل پوکڻ وارو  لاڙو ختم ٿي ويندو ۽ هن ملڪ ۾ کنڊ تمام گهڻي مهانگي  ٿي ويندي.
جيڪڏهن آبادگارن کي تنگ ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو ته  ان جا امڪان وڌي ويندا ته سنڌ ۾ ڪمند جو  فصل گهٽجي ويندو، جهڙي ريت شگر ملز مالڪ پنهنجي حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن، ان مان ته لڳي رهيو  آهي ته ڪجهه قوتون نه ٿيون چاهين ته سنڌ ۾ آبادگار ڪمند جوفصل  پوکين ۽  ان شڪ کي به ٽاري نه ٿو سگهجي ته  ڪجهه قوتون کنڊ ٻاهرن ملڪن مان گهرائڻ لاءِ ملڪ اندر ڪمند جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪري انهن کي فصل نه پوکڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن ايئن نه آهي ته پوءِ سنڌ سرڪار کي فوري طور  پنهنجن فيصلن تي عمل ڪرائڻ گهرجي، هونئن  به ملڪ اندر مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي پر ان باوجود ملڪ کي هلائيندڙ ن کي اهو خيال نه پيو اچي ته آبادگارن لاءِ به ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي، حڪمران ته پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي پنهنجي عادت پوري ڪري رهيا آهن پر  ڏکيائن کي منهن ته ملڪ جو عوام ئي ڏئي رهيوآهي. وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته پنهنجي شاهي خرچن سان گڏ ٿورو سنڌ جي آبادگارن جي مطالبن  تي به نظر ڦيري، جهڙي ريت ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳايو پيو وڃي،  ان مناسبت سان آبادگارن کي سهولتون  به فراهم ڪيون وڃن ته جئين انهن جون مالي پريشانيون ختم ٿي سگهن.

No comments:

Post a Comment