Pages

Thursday 20 December 2018

پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جون ختم ٿيندڙ وڇوٽيون

صاحب خان ڀٽي
نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ شروع ٿيل نيب جون ڪارروايون اڄ به تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ جاري ۽ ساري آهن،نيب جي ڪاررواين وڏن وڏن بتن کي لوڏي ڇڏيو آهي، ڪيترائي سياستدان ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن  ته ڪيترن ئي سياستدان کي نيب گرفتار ڪري جيل ۾ واڙي ڇڏيو آهي،  اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي به نيب آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتارڪيو هو، جنهن جي خلاف  هن وقت تائين جاچ هلي رهي آهي، ان کان پوءِ نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي به جيل جي ياترا ڪرڻي پئجي وئي، وڏي احتجاج کانپوءِ خواجا سعد رفيق جا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا، پر ان باوجود نواز ليگ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن.
  نيب نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ راڻا ثناءُ الله خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان کان علاوه نيب  هاڻ وري سنڌ جي اهم پارٽي جي اڳواڻن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايتري قدر جو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت پيپلزپارٽي جي ٻين اڳواڻن کان   نيب پاران پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، نيب جي جاچ کانپوءِ پيپلزپارٽي جي قيادت  جي گرفتاري جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان پيپلزپارٽي پنهنجي حڪمت عملي  به جوڙي ڇڏي آهي پر  پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي انتقامي ڪاررواين کي  ڪڏهن به نه ڊڄي آهي .
بلاول ڀٽو زرداري جو اهو به چوڻ آهي ته نيب جي ڪارراوين سان کين نئين پاڪستان ۾ پراڻي پاڪستان جي سياست جو  موقعو ملندي، ايتري قدر جو  بلاول ڀٽو زرداري  جي آءِ ٽي جي رپورٽ ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو  آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نيب جي ڪارروايون پيپلزپارٽي کي ڪهڙي منزل تائين پهچائن ٿيون؟ تحريڪ انصاف جي قيادت چئي رهي آهي ته نوازشريف کان پوءِ هاڻ آصف زرداري جو وارو آهي، قوم کي تمام جلد خوشبري ملندي. جيتوڻيڪ ان حوالي سان پيپلزپارٽي پاران ڪو خاص رد عمل سامهون نه  آيو آهي پر ڪجهه تبديلي ضرور آئي آهي،  اها تبديلي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي رويي مان نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ آصف علي زرداري نواز ليگ جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ۽ نه ئي قومي اسيمبلي ۾ حمايت ڪئي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي فورم تي نوازشريف جو ساٿ ڏنو پر هاڻ جڏهن نيب سنڌ جو رخ ڪيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نواز ليگ سان رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،
انهن رابطن جي هڪ ڪڙي اسان کي قومي اسيمبلي جي  اجلاس ۾ نظر آئي، جتي آصف علي زرداري پنهنجي سيٽ تان اٿي شهباز شريف سان هٿ ملايو. بهرحال ميڊيا تي اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آهن ته تمام جلد آصف علي زرداري ۽ نواز شريف گڏجي تحريڪ شروع ڪرڻ وارا آهن پر اها اڃا خبر نه پئي آهي ته اها تحريڪ آخر ڪڏهن شروع ٿيندي، جڏهن نوازشريف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن چيمبر ۾ نواز ليگ جو اجلاس ٿيو ته ان وقت ايندڙ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. جڏهن اسيمبلي اجلاس ختم ٿيو ته صحافين نوازشريف کان آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرڻ بعد سوال ڪيو ته  پر نوازشريف ان جو جواب ڏنو. ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي خلاف جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس هلي رهيو آهي ته  نواز  ليگ اڳ ئي نيب جي ڪاررواين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
نوازشريف ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جيل ۾ به وڃي چڪو آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي کي به سزا ملي چڪي آهي. ايتري قدر جو اپوزيشن ليڊر  به هن وقت جيل ۾ آهي، جنهن سبب  نواز ليگ  گرفتارين کي منهن اڳ ئي ڏئي رهي آهي، هاڻ وري  پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي گرفتارين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. بهرحال مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف خلاف العزيزيه ۽ اسٽيل ملز ريفرنس تي فيصلو محفوظ ٿي چڪو آهي، جنهن جو فيصلو 24 ڊسمبر تي اچي رهيو آهي، ان حوالي سان نواز ليگ حڪمت عملي به تيار ڪري ورتي آهي، نواز ليگ طرفان فيصلوڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن فيصلو سندن حق ۾ آيو ته هو خاموش ٿي ويهي رهندا ، جيڪڏهن فيصلو سندن خلاف آيو ته ان کان پوءِ هو  عوامي رابطا مهم شروع ڪندا، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به تحريڪ انصاف کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. نواز ليگ جي انهيءَفيصلي مان لڳي رهيو آهي ته  هن وقت اندر سياسي پارٽي ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جي جنگ به هلي رهي آهي، هاڻ رڳو ڏسڻو اهو آهي ته آخر کٽيندو ڪير؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر ٿي وئي آهي  ته نيب جي ڪاررواين نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن ۽ آهستي آهستي نواز ليگ ۽پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن.
جئين ته تحريڪ انصاف کي حڪومت سنڀالي ٽي چار مهينا گذري چڪا آهن ۽ ان دوران عوام جنهن تبديلي جو تصور ڪيو هو، اها تبديلي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه اچي رهي آهي، تحريڪ انصاف عوام کي گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيوهو پر هن  حڪومت ۾ ماڻهن جا گهر ڊاهيا پيا وڃن، تحريڪ انصاف مهانگائي  ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن حڪومت ايتري مهانگائي ڪئي آهي  جو 15 هزار تي ڪم ڪندڙ پورهيت پنهنجو گهر هلائي نه پيو سگهي، پورهيت فاقه ڪشي تي مجبور ٿي ويا آهن، جيڪي ماڻهو ريڙهن تي گذر سفر ڪندا هئا، اڄ انهن جو حال به بدحال ٿي ويوآهي.  بجلي، گيس ۽ پيٽرول جا اگهه وڌايا ويا آهن، موبائل ٽيڪس تي ٻيڻا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، ڪيترائي ادارا بند ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن پر تحريڪ انصاف جي حڪومت تي ڪو به فرق نه پئجي رهيو آهي،
ائين لڳي رهيو آهي ته انتقام سياسي پارٽين سان نه پر عوام کان ورتو پيو وڃي، ڊالر جو اگهه تمام گهڻو وڌي ويو آهي، رپئي جو مُلهه تمام گهڻوگهٽجي ويو آهي، خبر ئي نه پئي ته ملڪ کي تحريڪ انصاف هلائي رهي آهي يا ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي. بهرحال تحريڪ انصاف مان اسان جيڪي اميدون ڪيون هيون، تحريڪ انصاف سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، مهانگائي غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ عوام نواز شريف جو دور ياد ڪري رهيو  آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ به نه آهي ته نواز ليگ جي حڪومت ۾ دهشتگردن کي پٽو وڌو ويو ۽ امن قائم ڪيو ويو،  ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ڪو ادارو روڪي نه سگهندو هو پر نواز ليگ جي حڪومت  اچڻ بعد دهشتگرد  ڳولي نه پيا لڀن، ايتري قدر جو بجلي جو بحران تي ضابطو به اچي رهيو آهي.
 موجوده حڪومت ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ تمام گهڻي واڌ ڪئي وئي آهي، سياسي جي موسم هئڻ باوجود بجلي نه هئڻ برابر آهي، ايتري قدر جو بجلي جي بحران کانپوءِ گئس جي لوڊشيڊنگ به ٿي رهي آهي ۽ ڪيترن علائقن ۾ گئس جو پريشر به تمام گهٽ آهي، جنهن سبب ماڻهو ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته موجوده حڪومت جيڪي به قدم کڻي رهي آهي، ان جو فائدو اپوزيشن کي ٿي رهيو آهي ۽ عوام جو تبديلي تان  ويساهه کڄي ويو آهي  ۽ ڇاڪاڻ ته حڪومت عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران عوام کان روزگار جو حق کسي رهي آهي. جڪيڏهن ايئن نه هجي ها ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ  ادارا خساري ۾ نه پئجي وڃن ها، جيڪي سرمائيدار روڊن تي اچڻ پسند نه ڪندا هئا، اهي سرمائيدار به روڊن تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ نه ڪرائن ها، هن حڪومت ۾ غريب ماڻهو ته احتجاج ڪري رهيو آهي پر سرمائيدار به رڙيون ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي  جو نوازشريف به چئي رهيو آهي ته موجوده حڪومت مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي، جنهن سبب غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي.
بهرحال حڪومت جا قدم پنهنجي جڳهه تي موجود آهن پر نيب جي ڪارراين نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جو پهريون مرحلو هڪ ٻئي جي حمايت ۾ بيان ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف خلاف جيڪي فيصلا آيا آهن، اهي جمعي ڏينهن ئي آيا آهن، ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو به جمعي ڏينهن آيو هو پر هن ڀيري هي فيصلو سومر ڏهاڙي تي اچي رهيو آهي، جيئن  ته نوازشريف کي اڳ ئي سزا ملي چڪي آهي ۽ هاڻ ٿي سگهي ٿو کيس هنن ٻنهي ريفرنس ۾ سزا نه ڏني وڃي. باقي رهي ڳالهه نيب جي ڪاررواين جي ته انهيءَ نيب جي ڪاررواين نوازشريف ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. 

No comments:

Post a Comment