Pages

Wednesday 19 December 2018

جمهوريت لاءِ شهادت ماڻيندڙ محترمه بينظير ڀٽو

صاحب خان ڀٽي

بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت گهڻو دير تائين  قائم نه رهي  سگهي آهي،  ملڪ جي قيام کان هن وقت تائين رڳو آمريت جو ئي راڄ رهيو آهي، جنهن سبب ملڪ اندر حقيقي جمهوريت نظر نه آئي آهي، اڄ  جيڪا ملڪ ۾جمهوريت  قائم آهي، ان جو به هڪ وڏو ڪارڻ آهي، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت آهي،2007 کان شروع ٿيل جمهوريت جو هي سفر اڄ به جاري  ۽ ساري آهي پر ڪنهن به سياسي پارٽي ان بابت نه سوچيو آهي ته آخر جيڪا جمهوريت قائم ٿي آهي، ان جمهوريت لاءِ ڪيترن ماڻهن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي شهادت ماڻي آهي، جڏهن اڳوڻي صدر  پرويز مشرف جي حڪومت هئي ته ان وقت محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، جيڪا جمهوريت دشمن عنصرن کي پسند نه هئي پر هن بهادر نياڻي پنهنجي جدوجهد کي اڌ ۾ نه ڇڏيو ۽ خطرن باوجود ڏيهه واپس ۽ جمهوريت دشمنن سان مهاڏو اٽڪايو آهي ۽ شهادت ماڻي، انهيءَ سڄي عمل دوران شهيد بينظير ڀٽو سان محبت ڪندڙن به پنهنجي شهادت جو نذرانو پيش ڪيو آهي پر جمهوريت جا مزا لٽيندڙ شهيد بينظير ڀٽو   سان انصاف ناهن ڪري سگهيا، سندس قاتل اڄ به  قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا ملڪ جي وزيراعظم چوندجي وئي هئي، جڏهن ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم بڻيو هو، جنهن جو به تعلق لاڙڪاڻي جي چڪي مٽي سان هو، شهيد بينظير ڀٽو جي ماءُ نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر سان هو، جڏهن ته بينظير ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي ڌيءُ  آهي،  بينظير ڀٽو جا چار ڀائر ۽ ڀڻيون هيون، جن مان هاڻ صرف هڪ ڀيڻ صنم ڀٽو حيات آهي. بينظير ڀٽو کي 1958ع ۾ ڪراچي جي مشهور اسڪول ڪائويينٽ آف جيزز اينڊ ميري ۾ داخل ڪرايو ويو هو، هوءَ ننڍ پڻ ۾ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهڙي هجڻ سان گڏ تمام گهڻي ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي، سنڌ جي عظيم نياڻي جڏهن ستن سالن جي هئي ته سندس والد جنرل ايوب خان جي ڪابينا ۾ وزير ٿيو هو ۽ سندس ڪٽنب روالپنڊي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي جتي پهرين کيس پريزنٽيشن ڪانوينٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو بعد ۾ سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي ننڍ پڻ کان ئي پڙهڻ ۽ لکڻ سميت ڪتابن سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غير نصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي. شهيد راڻي جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پرڏيهي وزير بڻيو ته ان وقت سندس مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿيو هو پر جڏهن 1965ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ جنگ لڳي ته ڀٽي صاحب جا ايوب خان سان اختلاف ٿي پيا هئا ۽ اهو ئي سبب هو جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب جي حڪومت کان ڌار ٿي ويو هو. 1966ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڏو مقبول سياسي ليڊر بڻجي اڀرو.
 1967ع ۾ پيپلزپارٽي جو بنياد پئجي چڪو هو جنهن جو چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو بڻيو هو ۽ ان وقت بينظير ڀٽو صرف 14 ورهين جي هئي، 1969 ۾ شهيد بينظير ڀٽو ويٽنام جنگ خلاف ٿيل مظاهرن ۾ حصو به ورتوهو. 1970ع جي چونڊن ۾ اولهه پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڪثريت سان چونڊجڻ مهل بينظير ڀٽو آمريڪا ۾ هئي ۽ ان دور ۾ اولهه پاڪستان جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون هيون ۽ اولهه پاڪستان ۾ آزادي جي تحريڪ شروع ٿئي هئي،  اولهه پاڪستان ۾ حالتون خراب ٿيڻ سبب ڀارت به بنگالين جي مطالبي جي حمايت ڪئي، پوءِ ڏسندي ڏسندي بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو  هو ۽ اڄ بنگلاديش پاڪستان کان ڌار ۽ هڪ الڳ ملڪ بڻجي چڪو آهي. شهيد ذوالفقار علي 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو آئين نافظ ڪيو هو ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جڏهن به ڪنهن دوري تي ويندي هو ته شهيد محترمه کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. 1947ع ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڪوٺائي وئي هئي جنهن ۾ کيس مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل لبيا جي ڪرنل قذافي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو هو.
 1977ع ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي جنهن اهو عهدو ماڻيو هو. شهيد بينظير ڀٽو احتجاجي سياست به ڪئي ۽ 1977ع ۾ پڙهائي پوري ڪري ڊگري وٺي ڏيهه واپس اچي وئي هئي. 4 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضاءُ الحق اوچتو 4 ۽ 5 جولاءِ جي وچ واري رات ۾ ڀٽي صاحب جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪيو، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ڪيا ويا هئا. 1981ع ۾ ايم آرڊِ جي تحريڪ به هلائي وئي، جيڪا 1983۾ عروج تي تي پهچي وئي هئي، جڏهن ته مارچ1981ع ۾ پي آءِ جو هڪ جهاز اغوا ٿيو جنهن جو الزام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڀائرن تي لڳايو ويو.
ان دوران بيگم نصرف  ڀٽو کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس 1982 ع تائين قيد رکيو ويو. 1986ع ۾ شهيد راڻي جڏهن لاهور واپس پهتي هئي ته ان وقت سندس شاندار استقبال ڪيو ويو هو. شهيد بينظير ڀٽو 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ سياسي خاندان  حاڪم علي زرداري جي فرزند آصف علي زرداري سان شادي ڪئي، بينظير ڀٽو کي ٽي ٻار هڪ پٽ بلاول ۽ ٻه نياڻيون بختاور ۽ آصف جو اولاد ٿيو ۽ سندس مڙس به هڪ ڀيرو ملڪ جو صدر رهي چڪو آهي10 اپريل تي اوجهڙي ڪئمپ واري واقعي کانپوءِ 29 مئي 1987ع تي جنرل ضياءُ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم ڪيون هيون ۽ چونڊن جو اعلان ڪيو هو. 1988ع ۾ وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته 2 ڊسمبر 1988ع تي ايوان صدر ۾ بينظير ڀٽو وزيراعظم جي عهدي جو قسم کنيو هو.
محترمه بينظير ڀٽو 12 ڊسمبر تي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ به حاصل ڪيو هو. جڏهن ته 1989ع ۾ شهيد راڻي جي حڪومت ۾ سندس مخالفن بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي هئي. جنهن بعد سنڌ اندر نسلي فساد پکڙجي ويا هئا ۽ 5 آگسٽ 1989 تي ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان ٽيلي ويزن تان قوم کي خطاب ڪندي حڪومت کي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون هيون. انکان پوءِ نگران حڪومت غلام مصطفي جتوئي کي ڏني وئي هئي ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو هو. 6 نومبر 1990ع تي هن مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اسيمبلي کي خطاب به ڪيو هو.
1992 ۾ الزام هڻي غلام اسحاق خان کي برطرف ڪيو ويو هو. جڏهن ته 1993ع  جي پڇاڙي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون ٿيون ۽ بينظير ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻجي وئي هئي. جڏهن ته 13  نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو هو. 1995ع جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري بنيظير جو مخالف ٿي ويو هو. 20 سيپٽمبر 1995ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ  کي شهيد ڪيو ويو هو 17 فيبروري ۾ نوازشريف جي حڪومت قائم ٿي هئي، 1997ع جي پڇاڙي ۾ بينظير کي وري ڪيترن ئي ڪيسن ۽ ڪورٽن کي منهن ڏيڻو پيو هو.
1999ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو پرڏيهه هلي وئي هئي. 12 آڪٽوبر 1999تي جنرل پرويز مشرف نوازشريف جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو . 18 آڪٽوبر 2007ع جڏهن بيبنظير ڀٽو ڏيهه واپس اچي رهي هئي ته سندس آجيان لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻهو پهچي ويا هئا، جنهن کي ميڊيا ڏسي حيران ٿي وئي هئي ۽ ان ڏينهن سندس قافلي تي ڪار سازوٽ  2 زور دار ڌماڪا ٿيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، پر جمهوريت جا دشمن سنڌ جي راڻي کي شهيد ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا هئا. پر افسوس 179 جي ماڻهن جي شهادتن باوجود  سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کي رحم نه آيو هو ۽ نه ئي وري اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف شهيد راڻي کي ڪا سڪيورٽي فراهم ڪئي هئي.
جئين ته صوفين جي سرزمين تي 21 جون 1953ع ۾ جنم وٺندڙ دنيا جي عظيم اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کي ڪيترائي ئي سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر افسوس جو جمهوريت خاطر شهادت جو جام پيئندڙ هن عظيم اڳواڻ جي عظيم ڌيءُ جي قاتلن جو ڪو به پتو نه لڳي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو 27 ڊسمبر تي 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪري ڪامياب ٿي اتان موٽي رهي هئي ته مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم به ڦاڙيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد راڻي هن دنيا مان هميشه لاءِ اسان کان ڏور هلي وئي، جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ان وقت سڄي ملڪ ۾ سوڳ واري فضا قائم ٿي وئي هئي ۽ هر طرف ماتم برپا ٿي ويو هو، هر هڪ شخص جي اکڙين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئا، سندس مخالفن کي غم کائي ويو هو، شهيد محترمه بينظير ڀٽي جي راولپنڊي ۾ شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ ته ڄڻ قيامت اچي وئي هئي هر طرف باهيون ئي باهيون هيون ۽ سڪيورٽي ادارا مڪمل طور غائب ٿي ويا هئا،
شهيد راڻي جي شهادت واري خبر باهه جيان پکڙجي وئي هئي، سنڌ ۾ ته پاڪستان نه کپي جا نعرا لڳي رهيا هئا ۽  اهو هڪ فطري عمل هو ڇاڪاڻ ته شهيد راڻي کي پنجاب ۾ شهيد ڪيو ويو هو، جتان اڳ به سندس والد ۽ عظيم ليڊر جو لاش سنڌ ۾ اچي چڪو هو پر جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي خبر سنڌ واسين کي پئي ته پاڪستان نه کپي جو نعرو لڳو جنهن کي بعد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي پاڪستان کپي جي نعري ۾ تبديل ڪيو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ڪاوڙ ختم ڪئي ۽  اها پڪ ڏياري هئي ته شهيد راڻي جا قاتل انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا پر افسوس جو هن وقت تائين قاتلن جو پتو نه لڳايو ويو آهي ۽ نه ئي وري ڪارساز سانحي جي شهيدن جي خون سان ڪو انصاف ٿيو آهي. جيڪڏهن هاڻ به ڪارساز جي شهيدن سان انصاف نه ٿيو ته پوءِ آخر ڪڏهن ٿيندو، جڏهن شهيد محترمه جي ورسي ايندي آهي ته هر هڪ کي اهو ئي خيال ذهن ۾ ايندو آهي ته شايد هن ڀيري شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويندو پر افسوس ائين نه ٿيندو آهي، هاڻ ته پيپلزپارٽي  جي حڪومت وفاق ۾ نه آهي پر سنڌ ۾ ته آهي، جيڪڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي نه ٿي پڪڙي سگهي ته پيپلزپارٽي گهٽ ۾ گهٽ ڪار ساز سانحي ۾ملوث جوابدارن کي عوام آڏو وائکو ڪري شهيدن جي خون سان انصاف ته ڪري سگهي ٿي، پر اهو آخر ڪڏهن ٿيندو؟ سڄي سنڌ هاڻ رڳو پيپلزپارٽي کان اهو ئي سوال ڪري رهي آهي ته آخر ڪڏهن ڪارساز سانحي جي شهيدن سان انصاف ٿيندو؟
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر  پرويز مشرف تي الزام لڳائي رهيو آهي ته وري پرويز مشرف ڪنهن بئي تي الزام لڳائي رهيو آهي پر هن وقت تائين   ڪنهن به اداري شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ منصفاني طور نه  ڪئي آهي، جيڪڏهن جاچ منصفاڻي نموني ٿئي ها ته اڄ قاتل قانون جي پڪڙ ۾ هجن ها.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي پر اڄڪلهه حڪمرانن عوام جو جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو آهي، شهيد بينظير جو والد مرتضيٰ ڀٽو به عوام سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو، اهو ئي سبب آهي جو اهي ٻئي عظيم اڳواڻ اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيا آهن، جنهن جو نعرو هڻي هر هڪ اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پيپلزپارٽي جا مخالف هجن يا وري سڄڻ، هر هڪ پنهنجي تقرير ۾ بينظير ڀٽو ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جو ئي مثال ڏيندا آهن پر هن بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ  لڳي نه ٿو ته جمهوريت جي هن سفر ڪو اهڙو سياستدان پيدا ٿيو هجي، جنهن کي عوام ياد ڪري ۽ انهن جي کنيل قدمن جي واکاڻ ڪري.
جئين ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل واري واقعي جي ٻاهرن ملڪن کان به جاچ ڪرائي وئي هئي پر ان ۾ صرف سندس موت جو ڪارڻ ٻڌايو ويو هو پر شهيد محترمه جي قاتل ۽ ماسٽر مائينڊ جو هن وقت تائين ڪو پتو نه لڳايو ويو آهي، جنهن سبب هن وقت به سڄي سنڌ ۾ مايوسي ڇانيل آهي، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ويجهو ايندي آهي ته سنڌ ۾ هڪ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويندو آهي، هر طرف بينظير ڀٽو جي چاهيندڙن جي اکين ۾  لڙڪ ڳڙي پوندا آهن پر افسوس  جو انهن ڳوڙهن جو اثر  ڪنهن تي به نه پوندو آهي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت اقتدار ملڻ باوجود به رڳو بيان ئي ڏيندي رهندي آهي، جڏهن بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته  ان وقت سنڌ جي عوام  پيپلزپارٽي کي ان ڪري ووٽ ڏنو هو ته پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي انجام تائين پهچاندي پر افسوس جو قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا ۽ نه ئي وري هاڻ کنيا پيا وڃن.

No comments:

Post a Comment