Pages

Wednesday 26 December 2018

قرض وٺڻ کان اڳ عوامي ريفرينڊم جي ضرورت

صاحب خان ڀٽي
جڏهن حڪمرانن جي فيصلن تي عوام کي ڳڻتي ٿي ويندي آهي يا وري حڪمران جڏهن ڪو فيصلو پاڻ نه ڪري سگهندا آهن ته پوءِ ان تي ريفرينڊم ڪرائڻ تمام گهڻوضروري ٿي ويندو آهي ۽ اها جمهوريت جي هڪ روايت آهي، جيڪا مختلف ملڪن ۾ نڀائي ويندي آهي پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ اڄ تائين عوام کي ڪنهن به فيصلي کان اڳ ڪا تجويز نه ورتي ويندي ۽ نه ئي ان بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان تمام گهڻو قرضي ٿي ويو آهي، بقول حڪمرانن جي ته پاڪستان کي قرض جي قسط ادا ڪرڻ لاءِ به قرض وٺڻو پئجي ويو آهي پر ان باوجود حڪمرانن وياج  سخت شرطن تي قرض وٺڻ  وارو سلسلو بند ڪيو  آهي، جيڪا به حڪومت ايندي آهي، ان جو رڙيون رڳو اهي ئي هونديون آهن ته ملڪ جو خزانو خالي آهي، جنهن سبب کين قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، سمجهه ۾ نه ايندو  آهي ته آخر حڪمرانن کي عوام ووٽ رڳو قرض وٺڻ لاءِ ڏنو آهي يا وري انهن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اقتدار مليو آهي، جيڪا حڪومت ايندي آهي، اها پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ عوام تي ٽيڪسز مٿان  ٽيڪسز لاڳو ڪندي آهي ۽ قرض وٺندي آهي، اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين بند نه ٿي سگهيو  آهي.
جڏهن ڪا پارٽي اقتداسر کان ٻاهر ايندي آهي ته اها  عوام سان واعدو ڪندي آهي ته ملڪ تي چڙهيل قرض کي لاهيندي پر افسوس جڏهن اها پارٽي اقتدار ۾ ايندي  آهي ته ان پارٽي کي اقتدار سبب اها سمورا واعدا وسري ويندا آهن ۽  اها پارٽي ڪو نه ڪو بهانو ڪري قرض وٺڻ لاءِ  در در  گهمندي رهندي آهي ۽ موجوده حڪومت ۾ به اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، حڪمرانن عوام کان اڄ ڏينهن تائين قرض وٺڻ يا نه وٺڻ بابت ڪا راءِ نه ورتي آهي. جيڪو سٺو سنوڻ نه آهي، جيڪڏهن حڪمرانن کي عوام جي راءِ جي ڪا قدر هجي ها ته قرض وٺڻ کان اڳ عوام کان  راءِ ضرور وٺن ها.
جئين ته سڄي دنيا ۾ عوامي ريفرينڊم جو لاڙو تمام گهڻو وڌندو پيو وڃي،  ان جي ڪري برطانيا ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرايو ويو، ايتري قدر جو ڪيترن ئي ملڪن ۾ عوامي ريفرينڊم ڪرائڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، ريفرينڊم اڪثر ان وقت ئي ڪرايو ويندو آهي، جڏهن ڪو ملڪ لاءِ اهم فيصلو ڪرڻو پوندو آهي يا وري ڪو حساس معاملو هوندو آهي، جنهن لاءِ عوام جي راءِوٺڻ تمام گهڻو ضروري هوندو آهي يا وري ڪنهن جمهوري پارٽي وٽ  عوامي رد عمل جي  خدشي سبب ڏکيا فيصلا ڪرڻ جي سگهه نه هوندي آهي ته اها عوام کان راءِ وٺندي آهي ۽ ووٽنگ ڪرائيندي آهي ته جيئن عوام جو ڪو رد عمل نه اچي، اهو ئي سبب آهي جو برطانيا ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ لاءِ ريفرينڊم ڪرايو ويو هو ۽ ان کانپوءِ  ترڪي ۾ به ريفرينڊم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، اها ڪوشش طيب اردگان ڪئي هئي، طيب اردگان جي ڪوشش هئي ته فوجي بغاوت ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ۽ عوامي رد عمل به نه اچي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڪولمبيا ۾ به باغين سان ٿيل امن معاهدي جي منظوري لاءِ ريفرينڊم ڪرايو ويو هو، جنهن کي عوام حڪومت جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو هو، جن ملڪن ۾ عوام دشمن فيصلا ڪيا ويندا آهن، انهن خلاف عوام روڊن تي هوندو آهي ۽ اها حڪومت گهڻو دير تائين هلي به نه سگهندي آهي، اهڙو هڪ مثال فرانس جي تازي صورتحال آهي، جتي ماڻهو حڪومت جي فيصلن خلاف روڊن تي آهي ۽ مهانگائي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي، اهڙا ٻيا به کوڙ سارا ملڪ آهن، جتي عوام  حڪومتي فيصلن خلاف احتجاج ڪندي نظر ايندو آهي ۽ اهڙن احتجاجن دوران حڪومت پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندي آهي، جنهن سان قيمتي حياتيون زيان ٿي ويندو آهي، فرانس ۾ به مهانگائي خلاف احتجاج دوران ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن، جيڪڏهن  حڪومت اهو فيصلو عوامي ريفرينڊم ذريعي ڪري ها ته شايد اڄ اتي اهڙيون حالتون نه هجن ها.
جيئن ته اڄ اسان جي ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي، اها سڄي دنيا کي خبر آهي، سمورين سياسي پارٽين ۾ اختلاف آهن ۽ ڪنهن به وقت ڪو ڏکيو وقت آيو ته ان وقت اتحاد ڏسڻ ۾ نه ايندو، جنهن لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ڪو به فيصلو ڪري ته اهو عوام جي مفاد ۾ هئڻ گهرجي.  جيڪڏهن ڪنهن فيصلي سان عوام کي ڏکيائن جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ ان جو رد عمل اچڻ جو خدشو هجي ته حڪومت ان فيصلي کان اڳ ريفرينڊم ضرور ڪرائي، ڇاڪاڻ ته ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته حڪومت آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃي  ورتا آهن، جيڪڏهن ايئن آهي ته ان سان ملڪ ۾مهانگائي جو هڪ اهڙو هڪ طوفان ايندو، جنهن سان غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويندو آهي ۽  هر شيءَ  مهانگي ٿي ويندي. ميڊيا ۾ خبرون آهن ته پاڪستان بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ عالمي مالياتي فنڊ جي بجلي مهانگي ڪرڻ سميت ٻن مطالبن کي تسليم ڪري ورتو آهي.
ميڊيا  رپورٽس موجب، بيل ائوٽ پيڪيج لاءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ويڊيو ڪانفرنس ٿي، جنهن دوران آءِ ايم ايف جي چئن وڏن مطالبن ۾ ٻن تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايم ايف رپئي جو مُلهه طئي ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي موقف تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن موجب رپئي جو مُلهه ڪنٽرول ڪرڻ جي پاليسي جاري رهندي، ميڊيا رپورٽس موجب، پاڪستان بجلي جي اگهن ۾ واڌ لاءِ آءِ ايف جو مطالبو به تسليم ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب، ريوينيو  وصولين  جي هدف ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف جو مطالبو تسليم نه ڪندي موقف اختيار ڪيوآهي ته هلندڙ مالي جي ٽيڪس وصولين جو هدف 4 هزار 4 سئو ارب رپين کان نه وڌايو ويندو، جڏهن ته آءِ ايف ايف جو مطالبو آهي ته ٽيڪس وصولين جو هدف  4 هزار 7 ارب رپين تائين وڌايو وڃي. ميڊيا رپورٽس موجب، آءِ ايف ايف مطالبو ڪيوآهي ته بينڪن جو قرض جي وياج جو سيڪڙو  13 سيڪڙو تائين وڌايو وڃي پر پاڪستان ان شرط کي تسليم نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ شرط سان پاڪستان جي معيشيت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو.
بهرحال آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ايئن آهي، جئين کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ، جيڪڏهن حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ کان اڳ عوامي ريفرينڊم ڪرائي ته تمام سٺو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ملڪ اڳ ئي قرضي آهي ۽ قرض جي قسط ادا ڪرڻ لاءِ به قرض وٺڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن، جڏهن اهڙي صورتحال ۾ قرض ورتو ويو ته اڳ واري قرض سان گڏ نئون ورتل قرض پاڪستان لاءِ ادا ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو  ٿي ويندو. هي حڪومت ته هلي ويندي ۽ پوءِ ڪا ٻي حڪومت ايندي پر قرض جو بار ته عوام کي ادا ڪرڻو پوندو. هونئن ته وياج حرام آهي پر ان باوجود هن ملڪ جو ڪاروبار وياج تي هلي رهيو آهي، پاڪستان جو قرض به تمام گهڻوآهي ۽ قرض جو وياج ڀرڻ اسان جي ملڪ  لاءِ تمام ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. اهڙِي صورتحال ۾ قرض وٺڻ سٺو عمل نه آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اڳ ئي بيروزگاري آهي.
جيڪڏهن روڊ رستا نه ٺهيا ته خير آهي پر مهانگائي وڌي وئي ته ملڪ جي غريب عوام جو جيئڻ ناممڪن ٿي ويندو. حڪومت ته بجيٽ آڻي نوان نوان ٽيڪس لڳائي ڇڏيندي، ايتري قدر جو گناهه ٽيڪس به لڳايو ويندو پر ان سڄي عمل ۾ حڪمرانن کي ڪو فرق نه پوندو، فرق پوندو ته غريب ماڻهن تي پوندو. اسان جي حڪومت کي هڪ ئي التجا آهي ته قرض وٺڻ کان اڳ هڪ ڀيرو عوامي ريفرينڊم ڪرايو وڃي  پر اهو ريفرينڊم اليڪشن کان ٿورو مختلف هجي ڇاڪاڻ ته هن ريفرينڊم سان ملڪ جي عوام جو مستقبل آهي ۽  هن ملڪ جي ايندڙ نسل لاءِ هڪ پيغام هوندوته ڪنهن هڪ حڪومت ته قرض وٺڻ کان اڳ عوام جي راءِ ورتي ۽ اهو مثال هڪ اعليٰ مثال بڻجي ويندو آهي ۽ هي وقت آهي ته حڪومت عوام کي مهانگائي جي طوفان کان بچائڻ لاءِ عوام جي راءِ وٺي، ٻي صورت ۾ جيڪي به آءِ ايم ايف جا شرط آهن، انهن سان هن ملڪ جو ڪو ڀلو نه ٿيندو ۽ نه ئي انهيءَ قرض سان ملڪ جو ڪوقرض لهندو، هي ملڪ ويتر قرضي بڻجي ويندو، جيڪڏهن قرض وٺڻ  سان مسئلا حل ٿي  وڃن ها ته ماضي جي حڪومتن پاران کنيل قرض مان هن ملڪ ۾ ڪا تبديلي ضرور نظر اچي ها. جيڪا اڄ ڏينهن تائين نظر نه آئي آهي. هن وقت ملڪ جو ٻار ٻار قرضي آهي، موجوده حڪومت سميت ماضي جي اڳوڻين حڪومتن جي وزيرن جون  پرڏيهه ۾ملڪيتون آهن.
جڏهن به ملڪ ۾ معاشي بحران ايندو آهي ته انهن تي ڪو فرق نه پوندو آهي، ڪجهه سياستدان ته هي ملڪ ڇڏي هليا ويندا آهن، ڇاڪان ته انهن جا ڪاروبار پرڏيهه ۾ هوندا آهن، ايتري قدر جو سياستدان نه پر ٻين ادارن جي ماڻهن جابه پرڏيهه ۾ ڪاروبار ۽ گهر آهن، جيڪي به شاهي زندگي گذاري رهيا آهن، انهن تي مهانگائي جو ڪو فرق نه پوندو، جيڪڏهن ٽيڪس لڳڻ جو فرق پوندو آهي ته غريب ماڻهن تي پوندو آهي، فرق پوندو آهي ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي ٿيندو آهي، جيڪي سياستدان هڪ ويلي جي ماني 20 هزار کان 25 هزار  جي کائيندا هجن، انهن تي ٽيڪس  لڳڻ سان فرق نه پوندو، هن ملڪ ۾آءِ ايم ايف جي شرطن جو فرق پوندو ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت تي پوندو، مهانگائي جو فرق پوندو ته 15 هزار ماهوار ڪم ڪندڙ مزدور تي پوندو.  حڪومت قرض وٺڻ ۽ مهانگائي ڪرڻ کان اڳ غريب عوام جي باري ۾ هڪ ڀيروضرور سوچي.  

No comments:

Post a Comment