Pages

Wednesday 12 December 2018

نيب جون ڪارروايون ۽ چونڊن جا چوٻول


صاحب خان ڀٽي
ملڪ اندر رڳو سياستدانن جي احتساب جي شروعات کانپوءِ  هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال نظر اچي رهي آهي، نواز ليگ جڏهن حڪومت ۾ هئي، تڏهن عدالتن جا چڪر ڪڪاٽي رهي آهي ۽ هاڻ جڏهن اپوزيشن ۾ آهي، تڏهن به جيل جي ياترا سان گڏ پيشيون ڀوڳيون آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مسلم ليگ ن جو قائد ملڪ جو اهو سياسي اڳواڻ هوندو، جنهن عدالتن جي سڀ کان گهڻا چڪر ڪاٽا هجن، ان کان اڳ شايد ئي ڪنهن پيشيون ڀوڳيون هجن. هن وقت نواز ليگ سان گڏ ٻين به پارٽين جي اڳواڻن خلاف ڪيس هلي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جا اڳواڻ کليل طور چئي رهيا آهن ته ڪرپشن ڪندڙ جيل ويندا، ڀلي اهي ڪير به هجن؟ سنڌ ۾ به ڪجهه اڳواڻ عدالتن ۾ چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر ان سڄي صورتحال ۾ رڳو ٻن پارٽين جو احتساب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،  پيپلزپارٽي جا اڳواڻ به احتساب جي عمل کان بچي نه سگهيا آهن.
 جيڪڏهن چيو وڃي ته عوام جو احتساب ٿي رهيو آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو، حددخلين جي بهاني ماڻهن جا گهر ڊاهڻ، دڪان ڊاهڻ ۽ ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي اها به احتساب جي هڪ ڪڙي آهي، جڏهن کان تبديلي آئي آهي ته ان وقت  کان اهڙي قسم جي احتساب جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، هونئن به هن ملڪ  هر شئي مهانگي آهي، قرض هئڻ سبب اسان جي ملڪ جوعوام ٽيڪس به تمام گهڻو ادا ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن موبائل مان پنهنجا موجوده پيسا چيڪ ڪرڻا هجن ته ان ۾ به ٽيڪس لڳايو ويو آهي، مطلب ته پيسو به پنهنجو ۽ ان کي چيڪ ڪرڻ لاءِ به پيسا ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، ان سان گڏ هاڻ ته موبائل تي ٽيڪس به لڳايو ويو آهي، جنهن کان پوءِ موبائل فونز به مهانگيون ٿي ويون آهن، وفاقي سرڪار ته  پرڏيهه مان موبائل فونز خريد ڪري ايندڙ ماڻهن کان  ٽيڪس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مطلب ته اڳ ۾ ماڻهو پنهنجن ٻارڙن لاءِ   دبئي يا سعودي عرب مان ڪجهه  نه ڪجهه وٺي ايندا هئا، هاڻ ان تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي،  
گذريل اڱاري تي پنهنجي ٽوئيٽ پيغام سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو هو ته اسان کي ٽيڪس ڪلچر اپنائڻو پوندو،  هاڻ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر هيترا سال اسان ڇا پئي ادا ڪري رهيا هئاسين، هر شئي تي ٻيڻ تي ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهيون، پيٽرول دنيا ۾ سستو پر هن ملڪ جي سنڀاليندڙن جي عيشائين  سبب مهانگو خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، مهانگائي به ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهي وئي آهي، کاڌ خوراڪ سان گڏ دوائون به مهانگيون ٿينديون پيون وڃن پر ان باوجود حڪمران رڳو اجلاس ڪوٺائڻ ۾ لڳا پيا  آهن، هر وقت حڪمران ۽ انهن جا ساٿي بڻيل ميڊيا تي ڇانيل نظر اچي رهيا آهن  ۽ پاڻ کي عوام جو سڄڻ، همدرد ڪوٺائي رهيا آهن، ٽيڪسز مٿان ٽيڪسز لڳائڻ باوجود اپوزيشن پارٽيون رڳو بيان ڏيڻ پوريون آهن، ڪا  به پارٽي حڪمت عملي نه جوڙي رهي آهي ته آخر حڪومت جي غلط قدمن کي ڪئين روڪيو وڃي، عوام کي به ڪو به رهنمائي نه ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ڪو اڳواڻ ڪا تحريڪ هلائڻ جي  همت ڪري رهيو آهي، رهي ڳالهه پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي ته اهي ٻئي پارٽيون حڪومتي ڄار ۾ ڦاٿل آهن، جن جو ٻاهر نڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي.
باقي رهي ڳالهه ڪنهن معجزي  جي ته ان جو انتظار ته هن ملڪ جو عوام به ڪري رهيو آهي ته شايد  ڪو حڪمرانن کي رحم پئي ۽ بيروزگاري ۽ مهانگائي جي جن کي  قابو ڪري. بهرحال  ملڪ اندر نيب جون ڪارروايون ماضي جي ڀيٽ تمام گهڻيون تيز ٿي ويون آهن، جنهن سبب نواز ليگ جا اڳواڻ ڌڙا ڌڙ  گرفتار ٿي رهيا آهن، عمران خان جي مقابلي ۾  چونڊ وڙهندڙ اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪيو ويوآ هي، جڏهن ته  پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حمز شهباز کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ اهو صاف ظاهر ٿي  ويو آهي ته تمام جلد ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وڃڻ وارو آهي، جنهن کان بي خبر آهي،
  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عوام انهيءَ ڪري بي خبر  آهي جو عوام پنهنجو پيٽ پالڻ ۾ رڌل آهي ۽ جنهن تبديلي جو خواب عوام ڏٺو هو، ان مان مايوس ٿي چڪي آهي ۽ ماضي جي ملڪ کي ياد ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ايتري مهانگائي ، بيروزگاري ۽ غريب ماڻهن جا اجها نه پي ڊاٿيا ويا، پر افسوس جو هن حڪومت ته ماڻهن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آهن، عوام نه ته احتجاج ڪري سگهيو پئي ۽ نه ئي ڪو انهن کي ليڊ ڪرڻ لاءِ بچيو آهي، جيڪي پارٽيون جمهوريت جي دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه رکنديون هيون، اهي اڄ پاڻ عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ ۾ لڳيون پيون آهن، هر طرف عدليا عدليا جو راڳ آهي، هر طرف عدليا  جي فيصلن جي گونج آهي،  نواز ليگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عدليا جي فيصلن تي بحث ڪرڻ جو کين حق آهي ۽ اهو ان تي ڳالهائيندا رهندا پر نواز ليگ اڳواڻن کي هن وقت تائين ڪنهن نه ٻڌو آهي.  
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر ريل گاڏين جا ڀاڙا به تمام  گهڻا وڌايا ويا آهن، ايتري قدر جو بجلي، گيس جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عوام ته پريشان آهن پر ان سان گڏ واپاري طبقو به تمام گهڻو پريشان نطر اچي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو بلڊرز کان ويندي عام ماڻهو پريشاني جي ور چڙهيل نظر اچي رهيو آهي، ڪجهه هنڌن تي احتجاج به ٿي رهيو آهي،  سڌسماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري چئي رهيو آهي ته  جڏهن سندن حڪومت آئي ته کين خزانو خالي مليو هو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو لفظ ڪو نئون نه آهي، جڏهن به جمهوريت قائم ٿيندي آهي ته ان وقت سياستدان خاموش هوندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن ٻي سياسي پارٽي جي حڪومت ايندي آهي ته اها گذريل حڪومت تي اهو ئي الزام لڳائيندي آهي ته کين خزانو خالي مليو هو. بهرحال هن ملڪ ۾ جمهوريت گهٽ ۽ آمريت تمام گهڻو رهي آهي، جيڪا به جمهوري حڪومت آئي، ان پنهنجو مدو پورو نه ڪيو ۽ انهيءَ جمهوريت جي خاطر دشمنن محترمه بينظير ڀٽو کي به شهيد ڪيو  ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين سندس قاتلن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. پيپلزپارٽي مشرف تي الزام لڳائي رهي آهي ته مشرف وري ڪنهن ٻئي تي الزام لڳائي رهيو آهي، مطلب ته جڏهن بينظير کي شهيد ڪيو ويو ته ان وقت مشرف جو ئي دور هو. 
بهرحال  پنجاب ۾ نيب جي ڪاررواين جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي نيب  جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا پيا وڃن،  نيب لاهور  نواز  ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق  کي گرفتار  ڪرڻ سان گڏ ٻين اڳواڻن خلاف جاچ  به ڪري رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ فواد چوڌري چيو هو ته سندن حڪومت ۾ ڪو به سياسي قيدي نه آهي، ماضي  جي حڪومتن به ايئن چيو هو پر انهن ۾  سچائي هئي يا نه پر هن  حڪومت ۾ ته ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي  هر هڪ ماڻهو ڏسي رهيو  آهي ۽ اهڙيون خبرون ميڊيا تي به  نشر ٿي رهيون آهن ته ڪيترا سياسي اڳواڻ  گرفتار آهن. 
بهرحال احتساب ضروري آهي هن ملڪ لاءِ پر ان سان گڏ احتساب رڳو سياستدانن جو نه پر هڪ اداري جو ٿيڻ گهرجي ته جيئن  اهو ثابت ٿي سگهي ته جن به ملڪ سان بدديانتي ڪئي آهي، ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ڀلو اهو ڪيڏو نه سگهارو ڇو نه هجي؟ . پر موجوده حالتن ۾ لڳي رهيو آهي ته هي احتساب رڳو سياستدانن جو ئي احتساب آهي. بهرحال تحريڪ انصاف وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي ته  هنن ملڪ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ تبديلي جو فائدو عوام کي ملي رهيو آهي پر جڏهن اسان عوام جو احتجاج ڏسون ٿا، دانهون ٻڌون ٿا ته لڳي ٿو ته اهڙو احتساب هر هڪ جو ٿئي ها ملڪ جو قرض لهي وڃي، ملڪ جو عوام ته تبديلي جو نعرو به وساري ويٺو آهي.
 وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ٿي سگهن ٿيون ۽ ان سان گڏ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن وقت کان چونڊون ٿي ويون ته پوءِ ڇا ٿيندو، ان ۾ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ هڪ طرف وقت کان اڳ چونڊن  جو راڳ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته مٿان وري هر هڪ ملڪ کان قرض تي قرض ورتو پيو وڃي، آءِ ايم ايف، دبئي، سعودي عرب ۽ الائي ٻين ڪهڙن ملڪن کان قرض وٺڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، ائين پيو لڳي ته حڪومت جلد بازي ڳرن شرطن تحت قرض وٺي عوام کان جيئڻ جو بنيادي حق کسي رهي آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڊالر جو مُلهه ايترو نه وڌي ها ۽ نه ئي عام  واهپي جون شيون مهانگيون ٿي وڃن ها. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تازو ٿيل چونڊن ۾ تمام گهڻو خرچ ٿي چڪو آهي، قومي خزاني مان چونڊن تي تمام گهڻو پيسو خرچ  ٿيو آهي، جيڪڏهن چونڊون وقت کان اڳ ٿيون ته ان جو بار ملڪ جو خزانو برداشت نه ڪري سگهندو، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله به اهو ئي چيو آهي ته هو تحريڪ انصاف خلاف حڪومت هلڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهن، ڇاڪان ته ملڪ ٻي چونڊ جو خرچ برداشت نه ڪري سگهندو. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته آخر حڪومت کي وقت کان اڳ چونڊن جو بيان ڏيڻ ڇو پئجي ويو، آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو تحريڪ انصاف نيون چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي؟  ان  سوال جو جواب ته هاڻ تحريڪ انصاف ئي ڏئي سگهي ٿي.

No comments:

Post a Comment