Pages

Sunday 23 December 2018

ڌارين کي آباد ڪرڻ واري ٺيڪداري ڪڏهن بند ٿيندي؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن سبب  ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن،  وڌندڙ آبادي تي به ڪنٽرول نه ٿي رهيو آهي، افغانستان جي ڪٽڪ اچي لٿا آهن، انهن جا ٻار ته جنن کان وڌيڪ ٿي رهيا آهن،  حڪومت جو انهن ڏانهن ڪو به ڌيان نه آهي، نه ئي انهن علائقن ۾ ڪنهن  وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سبب خبر ئي نه پئجي رهي آهي ته آخر ڪيترا افغان شهري هتي آباد ٿي چڪا آهن، جڏهن افغانين جا ڪٽڪ هن ملڪ ڏانهن اچي رهيا هئا ته ان وقت به سرحدن تي انهن جي ڳڻپ صحيح طريقي سان نه ڪئي وئي، جنهن سبب اڄ ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي،  ملڪ جي اهم ادارن جي غيرملڪين جي لاءِ انسانيت  واري جذبي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اڄ ملڪ جي آبادي ٻيڻ کان ٽيڻ ٿي ويا آهن، پر حڪمران اڄ به سڄي دنيا ۾ انسانيت جو راڳ ڳائي رهيا آهن، جيڪڏهن حڪمرانن کي انسانيت ڏيکارڻي آهي ته پوءِ ملڪ جي اصل شهرين کي ڏيکاري وڃي، اڄ ملڪ جو سڀ وڏو مسئلو وڌندڙ آبادي آهي، جيئن جيئن آبادي وڌي رهي آهي، تئين تئين ملڪ جا مسئلا وڌي رهيا آهن،  بجلي جي کپت ۾ اضافو ٿي رهيو  آهي، پاڻي جي استعمال ۾ واڌ ٿي رهي آهي، خوراڪ جي استعمال ۾ واڌ ٿي رهي آهي، مطلب ته هرشيءَ  جي استعمال ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر حڪمران اڃا به انسانيت جي  نالي تي غيرملڪين کي آباد ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، اڃا به بنگلاديش ۾ ترسيل ڌارين کي آباد ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيو آهن، ملڪ جا اصل  وارث احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪو به  انهن جي نه ٻڌي رهيو آهي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ  ۾ سڀ کان پهرين پاڪستان جو ٺهراءُ  سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو پر  اڄ سنڌ جي عوام کي فائدو اهو ڏنو پيو وڃي ته ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ ڪيو وڃي، ان سڄي مرحلي سڀ کان وڏو هٿ نادرا جو آهي، جيڪو ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري انهن کي هتان جي سڃاڻپ ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وڌندڙ آبادي سبب بدامني به وڌي وئي آهي ۽ جيڪي به وارداتون ٿينديون آهن، انهن ۾ مقامي ماڻهن نه پر غير ملڪي ئي ملوث هوندا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ اي ٽي ايم مشين مان پيسا چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو هو ته ان ۾ به چائنا جا ماڻهو پڪڙيا ويا هئا، جڏهن ته  سيڪيورٽي ادارن تي حملن ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ به  پرڏيهي ملوث رهيا آهن پر ان باوجود حڪومت کي  الائي ڌارين جي لوڌ ڪهڙي ڀنگ پياري ڇڏي آهي، جو انهن جو نشو لهي ئي نه ٿو، الائي ڪڏهن حڪمرانن تان ڌارين کي آباد ڪرڻ وارو نشو لهندو ۽ ملڪ جو اصل عوام سک جو کڻندو؟  
بهرحال بجلي جو بحران ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي،جنهن سبب ڪاروباري  ماڻهن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي،  بجلي نه هئڻ سبب ڪيترائي ڪارخانه بند ٿي ويا آهن، جنهن سبب ڪيترائي ئي ماڻهو  بيروزگار ٿي ويا آهن پر افسوس جو حڪمرانن انهن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر اصل مسئلن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ته ملڪ جوعوام خوشحال ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن رڳو بجلي جي بحران تي ضابطو آندو وڃي ته ڪيترائي  مسئلا حل ٿي سگهن ٿا پر ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه پئي جوڙي وڃي. جيتوڻيڪ هي ملڪ ايٽمي قوت آهي پر هن ملڪ جي عوام وٽ نه بجلي آهي ۽ نه ئي تعليم ۽ صحت جون ڪي بهتر سهولتون آهن، اڄ ڏينهن تائين بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين کان اهو سوال نه ڪيو ويو آهي ته آخر بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ  ڪي بندوبست ڇو نه کنيا ويا آهن؟ آخر حڪمرانن وٽ اهو سوال ڪرڻ يا وري بجلي جي پيدا وار وڌائڻ بابت  سوچڻ جو وقت ڪو نه هو ته پوءِ ڇو افغانين، برمين ۽ بيهارين کي ملڪ اندر  ترسايو ويو آهي، جيڪڏهن اهي ڌاريا انسان آهن ته پوءِ ڇا جن هن ملڪ کي ٺاهيو اهي جانورن آهن؟ آخر حڪمرانن کي ملڪ جو عوام انسان نظر ڇو نه ٿو اچي؟ آخر ڇو حڪمران ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ايوانن ۾ آواز اٿاري رهيا آهن، ملڪ جو اصلوڪو رهواسي بک، بدحالي جو شڪار آهي پر حڪران ڌارين کي آباد ڪري انهن کي رهڻ لاءِ جڳهيون ڏين ٿا، ان جو سڀ کان وڏو مثال افغان پناهگيرن جو آهي، اسان جي ملڪ جي حڪمرانن ۽ ڳجهي طاقتن افغانين کي آباد ڪرڻ لاءِ پلاٽ به ڏنا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين آباد آهن، جيڪڏهن انهن حڪمرانن کان پڇيو وڃي ٿو ته آخر ڇو انهن کي اهي سهولتون ڏنيون پيون وڃن ته جواب ڏنو ويندو آهي، اهي مسلمان ڀائر آهن، انسانيت خاطر انهن کي ترسايو ويو آهي. جيڪڏهن اهي انسان آهن، انهن کي انسانيت جي نالي تي گهر ڏنا آهن ته پوءِ ڇا هن ملڪ جو عوام انسان نه آهي؟  هن ملڪ جي اصل وارثن کي به انسان سمجهيو ، جن هن ملڪ کي ٺاهيو آهي، انهن جا اوهان گهر ۽ دڪان ڊاهي رهيا آهيو ۽ باقي جيڪي ڌاري لوڌ آهي، انهن جي گهرن ۽ انهن کي هن ملڪ مان تڙي ڪڍڻ جي اوهان وٽ همت نه آهي، ڇا  انهن کي ترسائڻ جا اڃا به اوهان کي پيسا ملي رهيا آهن؟ يا وري  حڪمرانن کي ملڪ جي عوام کي تڙي ڪڍڻ ۽ بي گهرڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي،  جيڪڏهن واقعي ملڪ جي اصلوڪن رهواسين کي پريشان ڪرڻ ۽ انهن جا گهر ڊاهڻ ۽ بيروزگار ڪرڻ جو هن ملڪ جي حڪمرانن کي ٺيڪو مليو آهي ته پوءِ اها ٺيڪداري بند ڪئي وڃي. هن ملڪ جي عوام کي وڌيڪ تڙپايو نه وڃي، جيڪڏهن گهر ۽ دڪان ڊاهڻ جو ايڏو حڪومت کي شوق آهي ته پوءِ  غير ملڪين خلاف ڪارروائي ڪري پنهنجي عوام کي پريشاني ڏور ڪري، جيڪڏهن  حڪومت جي روش رڳو ڌارين کي آباد ڪرڻ ۽ ملڪ جي اصل وارثن کي پريشان  ڪرڻ آهي ته پوءِ اها حڪومت گهڻو دير تائين نه هلي  سگهندي. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته ڌارين کي نوازڻ سان کين ڪجهه به نه ورندو، انسانيت پنهنجي ملڪ جي عوام تي ڏيکاري وڃي ته جئين اهو مسئلو حل ٿي سگهي، جيڪڏهن ملڪ جو عوام خوشحال ٿيندو ته  ملڪ ترقي ڪندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو ته خوشحالي ايندي. جيڪڏهن عوام کي ايذائڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو ته حڪمرانن جو ٻيڙو ٻڏڻ سان گڏ ٻيون به کوڙ تباهيون اچي سگهن ٿيون، ڌارين کي آباد ڪرڻ سان ملڪ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو، جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان کي واقعي مديني واري رياست قائم ڪرڻي آهي ته  پوءِ سعودي عرب وانگر جيڪي به ڌاريا هتي غيرقانوني طور ترسيل  آهن، انهن کي هتان تڙي پنهنجي ملڪ پهچايو وڃي ۽ جيئن هن ملڪ جي اصلوڪن ماڻهن جا حق غضب نه ٿي سگهن ۽ هن ملڪ جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي. باقي رهي ڳالهه انهن حڪمرانن جي جيڪي ڌارين کي انسانيت جي نالي تي آباد ڪري رهيا آهن، انهن کي ملڪ جي عوام تي به رحم ڪرڻو پوندو۽ اها جيڪي ٺيڪداري ورتي وئي آهي، اهو ٺيڪو هاڻ ختم ڪرڻو پوندو، آخرڪيستائين ملڪ جي سلامتي کي داءُ تي لڳايو ويندو ۽ آخر ڪيستائين هن ملڪ جي عوام کي پريشان ڪيو ويندو؟ اهڙي ٺيڪداري کي ختم ڪري ملڪ جي عوام جي فلاح ۽ ڀلائي سوچيو وڃي ته جئين سمورا مسئلا حلٿي سگهن.

No comments:

Post a Comment