Pages

Sunday 23 December 2018

احتساب عدالت جو فيصلو ۽ نوازشريف جي تيار ڪيل حڪمت عملي

صاحب خان ڀٽي
پاناما انڪشافن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف احتساب جو عمل تيز ٿي ويوهو،جنهن سبب کيس ڪٽنب سميت عدالتن ۾ پيش ٿيو پيو، هي واحد اڳوڻو وزيراعظم هو، جنهن پنهنجي اقتداري دور۾ به عدالت ۾ پيش ٿي هڪ مثال قائم ڪيو، نوازشريف کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو پاڪستان جو پهريون سياستدان آهي، جنهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايڏيون پيشيون ڀوڳيون آهن ۽ عدالتن ۾ حاضر ٿيو آهي، ايتري قدر جو هن ملڪ کي ڇڏڻ کان به انڪار ڪيو ۽ کيس خبر به هئي ته عدالتن طرفان کيس سزا ملندي پر ان باوجود هو ڏيهه واپس آيو ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيو ۽ سزا به ماڻي، ايتري قدر جو هن ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو به هنيو پر اليڪشن دوران  کيس جيل ۾ وڃڻو پيو.
اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف خلاف پاناما انڪشافن کان مختلف عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي، نيب پاران نوازشريف خلاف ٽي ريفرنسز داخل ڪرايا ويا هئا.  ٽنهي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر احتساب عدالتن ۾ پيش ٿي چڪا آهن.  سپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس بابت 28 جولاءِ 2017 واري فيصلي موجب، نيب ٽي ريفرنسز احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايا هئا، جن ۾ ايون فيلڊ پراپرٽيز، العزيزيه اسٽيل ملز 7 فليگ شپ انويسٽمنٽ شامل هئا.  احتساب عدالت جي جج محمد بشير 6 جولاءِ تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف کي مجموعي طور تي 11 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته مريم نواز کي مجموعي طور تي 8 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.  العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 22 ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ 16 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.
احتساب عدالت جي ڪمري نمر هڪ ۽ ٻه نوازشريف خلاف نيب ريفرنس جون مجموعي طور تي 183 ٻڌڻيون ٿيو. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف مجموعي طور تي 130 ڀيرا احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. نوازشريف 70 ڀيرا جج محمد بشير ۽ 60 ڀيرا جج ارشد ملڪ جي عدالت ۾ پيش ٿيو.  ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا بعد نوازشريف کي 15 ڀيرا اڊيالا جيل مان عدالت آندو ويو، جڏهن ته سزا بعد احتساب عدالت جي ڪمري نمبر هڪ ۾ 70 مان 64 پيشين دوران مريم نواز ميان نوازشريف سان گڏ هئي.  نيب طرفان داخل ڪرايل العزيزيه اسٽيل ملز ۽ 15 آف شورز ڪمپنين بابت فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنسز ۾ نواز شريف ۽ سندس ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين کي جوابدار طور نامزد ڪيو  ويو آهي.   
نوازشريف جا پٽ حسن ۽ حسين نواز هن وقت تائين ٻنهي ريفرنسز ۾ احتساب عدالت آڏو پيش نه ٿيا، جن کي عدالت مفرور قرار ڏئي سندن ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت ۾ مختلف وقتن تي نوازشريف کي 49 ٻڌڻين ۾ حاضري کان ڇوٽ ڏني وئي، جج محمد بشر 29 ۽ جج ارشد ملڪ نوازشريف کي 20 ٻڌڻين دوران حاضري کان ڇوٽ ڏني.  8 سيپٽبمر 2017 تي نيب نوازشريف ۽ سندس ٻارڙن خلاف العزيزيه فليگ شپ ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ٺاهيا. جڏهن ته 19 آڪٽوبر 2017 تي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ نوازشريف تي فرد جرم لاڳو ڪيوو يو.  
20 آڪٽوبر 2017 تي احتساب عدالت فيلگ ريفرنس ۾ نوازشريف تي فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ حسن نواز ۽ حسين نواز کي مفرور جوابدار قرار ڏنو. نيب طرفان ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس پٽ حسن، حسين نواز، ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي ڏوهاري قرار ڏنو هو. احتساب عدالت جج محمد بشير نوازشريف جي ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال جي قيد جي سزا ٻڌائي هئي،  ٽنهي ڄڻن احتساب عدالت جي فصيلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو، جنهن دوران عدالت ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.  احتساب عدالت طرفان العزيزيه اسٽيل ملز کانپوءِ 19 ڊسمبر تي 2018 تي فليگ شپ انويسٽمنٽ تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.  
نوازشريف جي وڪيل طرفان جمعي ڏهاڙي حسن نواز طرفان وڪرو ٿيل يو ڪي لينڊ رجسٽري بابت دستاويز جمع ڪرايا ويا هئا، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل استدعا ڪئي هئي ته فصيلو 24 بدران 26 ڊسمبر تي ٻڌايو وڃي، جنهن جي نيب مخالفت ڪئي هئي.  جج ارشد ملڪ استدعا رد ڪندي چيو هو ته سموري ڪوشش هوندي ته فيصلو مقرر تاريخ تي ٻڌايو ويندو. ٻئي طرف نواز ليگ پاران احتساب عدالت جي امڪاني فيصلي جي حوالي سان حمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. نواز ليگ طرفان فيصلو حق ۾ اچڻ تي خاموشي اختيار ڪرڻ ۽ مخالف ۾ اچڻ تي عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  نوازليگ طرفان فيصلو مخالف ۾ اچڻ تي شوشل ميڊيا تي هلندڙ پروپيگنڊا جو به ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ ٽاسڪ مريم اورنگزيب جي  حوالي ڪيو  ويو آهي.
جيئن ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اڳ ئي سزا ملي چڪي آهي ۽ هن ڀيري ٿي سگهي ٿو مٿس ٿورو هلڪو هٿ رکيو وڃي ۽ سزا گهٽ ڏني  وڃي يا وري سزا ايتري نه ڏني وڃي، جنهن سان نوازشريف کي جيل  جو منهن ڏسڻو پيو.  جيئن ته نوازشريف اڄ عدالت طرفان ايندڙ محفوظ ڪيل فيصلي جي سلسلي ۾ حڪمت عملي به جوڙي وئي آهي، جنهن موجب، چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عدالتي فيصلو سندن خلاف ايندو ته هو عوامي رابطا مهم شروع ڪندا، جيڪڏهن حمايت ۾ آيو ته خاموش ٿي ويهي رهندا. ايتري قدر جو سوشل ميڊيا تي هلندڙ پروپيگنڊا کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ مريم اورنگزيب کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي نواز ليگ خلاف هلندڙ پروپيگنڊا جو جواب ڏيندي. 

No comments:

Post a Comment