Pages

Saturday 8 December 2018

موجوده حڪومت به ڀڃ ڊاهه جو شڪار


صاحب خان ڀٽي
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ جمهوريت جو سج اڀريو ۽ پيپلزپارٽي حڪومت جون واڳيون سنڀاليون، ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته هن ڀيري جمهوريت پنهنجو مدو پوري ڪري سگهندي پر پيپلزپارٽي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنج سال پورا ڪيا پر ان دوران پيپلزپارٽي کي لاهن ۽ چاڙهن مان به گذرڻو پيو، پرويز مشرف جي دور کان شروع ٿيل وڪيلن جي تحريڪ به  تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي، جن جو مطالبو ان وقت جي هٽايل چيف جسٽس جي بحالي هئي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايندي سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيون ته سمورا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيان، جنهن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي وئي، اهو ئي سبب جو اڄڪلهه پارليامينٽ سڀ کان سپريم آهي.
پيپلزپارٽي جڏهن اقتدار سنڀاليو ته مسلم ليگ ن وڪيلن جي تحريڪ سان گڏ بيٺل هئي، ان کان اڳ پيپلزپارٽي به وڪيلن جي تحريڪ جو ساٿ ڏئي رهي هئي پر  مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف ان وقت جي چيف جسٽس جي بحالي لاءِ لانگ مارچ ڪيو ۽ روڊن تي پنهنجا ڪارڪن آڻي هڪ وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جنهن کان پوءِ مجبورن پيپلزپارٽي کي احتجاج آڏو گوڏا کوڻڻا پيا ۽ آڌي رات جو ان وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد کي بحال ڪرڻو پئجي ويو، ان کان پوءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڳالهين جو سلسلو هلندو رهيو پر  پرويز مشرف کي پرڏيهه موڪلڻ بعد پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ ٿوريون وڇوٽيون نظر آيو ۽ ان سان گڏ جڏهن پيپلزپارٽي خلاف مهم شروع ٿي ته  25 مارچ 2008 ۾ وزيراعظم چونڊيل يوسف رضا گيلاني کي پنهنجي عهدي تان هٽڻو پيو، کيس ميمو گيٽ بابت خط نه لکڻ تي نواز ليگ به تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ کيس عدالت پنج سالن تائين نااهل به ڪيو هو.
يوسف رضا گيلاني چار سال 2 مهينن تائين  وزارت عظميٰ جي عهدي رهيو ۽ 19 جون 2013 تي گهر هليو ويو، مطلب ته نوازشريف رڳو پهريون نااهل نه آهي، ان کان اڳ پهريون نااهل وزيراعظم نه هو، جڏهن يوسف رضا گيلاني نااهل ٿيو هو ته ان وقت نواز ليگ تمام خوش نظر اچي رهي هئي. بهرحال  پيپلزپارٽي کي ان وقت هڪ  وزيراعظم جي قرباني ڏيڻي پئي، پر ان باوجود پيپلزپارٽي همت نه هاري ۽ هڪ نئون وزيراعظم چونڊرائي ورتو، راجا پرويز اشرف 22 جون 2012 تي نئون وزيراعظم چونڊجي ويو ۽ هن وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو، جنهن خلاف نواز ليگ ۽ ٻين  ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ مٿس ڪجهه ڪيس به هليا، جيڪي اڄ به هلي رهيا آهن ۽ هن 24 مارچ 2013 تائين وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو، جنهن کانپوءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جمهوري حڪومت وڏن لاهن چاڙهن کانپوءِ پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ هڪ ٻي چونڊيل جمهوري حڪومت ڏانهن اقتدار منتقل ڪيو، 2013 جي چونڊن ۾ مسلم ليگ ن وڏي اڪثريت سان  ڪامياب ٿي ۽ چونڊ نتيجن کي پيپلزپارٽي قبول به ڪيو، پر جڏهن 5 جون 2013 نوازشريف جي حڪومت آئي ته پيپلزپارٽي نواز ليگ سرڪارخلاف ايئن احتجاج نه ڪيو، جئين نواز ليگ پيپلزپارٽي جي حڪومت احتجاج ڪري  رهي هئي، 
نوازشريف جي وزيرعظم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري ڌرڻا هڻڻا شروع ڪيا ۽ ان سان گڏ تحريڪ انصاف ۽ شيخ رشيد به سندن ساٿ ڏنو، ايتري قدر جو  ايم ڪيو ايم به طاهر القادري سان گڏجي وئي هئي پر آهستي آهستي سڀني جا رخ جدا ٿيندا ويا، تحريڪ انصاف  ڌار ڌرڻا هڻڻ لڳي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ تحريڪ انصاف پاران ڌرڻا هنيا ويا، آڌي رات جو به ماڻهو ڌرڻن ۾ ويٺل هوندا هئا، برسات پئي يا وري طوفان اچي تحريڪ انصاف  جا اڳواڻ مختلف ٽي وي چينلز تي خطاب ڪندي نطر ايندا هئا، پر جڏهن ماڊل ٽائون ۾ حددخليون هٽائڻ دوران پوليس ۽پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون ۽ هڪ سانحو پيش آيو ته اهو نواز ليگ سرڪار جي ڳچي ۾ پئجي ويو ۽ ان سان گڏ تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو، سپريم ڪورٽ جي ديوارن تي ڪپڙا ٽنگيا ويا، ايتري قدر جو  پي ٽي وي جي آفيس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي پر تحريڪ انصاف اهڙن ماڻهن کان لاتعلقي ظاهر ڪئي هئي، جن پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيوهو.
 جيتوڻيڪ اهو ڪيس اڄ به تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي هلي رهيو آهي، پر  ان جو فيصلو هن وقت تائين اچي نه سگهيو آهي. بهرحال جڏهن دنيا  ۾ پاناما ليڪس جو بم ڦاٽو ته سڀ کان وڏو رد عمل پاڪستان ۾ نظر آيو، جن ماڻهن جا به نالا پاناما ليڪس ۾ آيا، ان ۾ آف شورز ڪمپنيون رکندڙ  هئا، انهن ۾ تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان به هو، جنهن پاڻ اعتراف ڪيو هو ته سندس آف شورز  ڪمپني آهي پر نوازشريف ۽ سندس آف شورز ڪمپني ۾ تمام گهڻو فرق آهي، بهرحال جن به ماڻهن جون آف شورز ڪمپنيون هيون، انهن خلاف ڪيس هليو يا نه هليو، اها ته ڪنهن کي به خبر نه آهي پر  مسلم ليگ نواز تي پاناما ليڪس ڪنهن ايٽم بم کان گهٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف حڪومت مخالف ڌرڻن ۾ واڌ ٿي وئي ۽  سياست ۾ گار گند شروع ٿي ويو، هڪ ٻئي خلاف اهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا، جن کي مهذب معاشري استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي. هڪ اخبار اسڪينڊل ۾ نواز ليگ کي ان وقت جي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد جي قرباني ڏيڻي پئي، ان سان گڏ نيهال هاشمي کي  به جيل وڃڻو پيو.
 بهرحال  ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڪيتريون ئي پيشون ڀوڳڻ بعد  اسلام  آباد جي احتساب عدالت  نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي سزا ٻڌائي ڇڏي، ايتري قدر جو نوازشريف کي نااهل به ڪيو ويو، يوسف رضا گيلاني ۽ نوازشريف جي اقتدار جي مدي رڳو هڪ مهينو جو فرق آيو، مطلب ته يوسف رضا گيلاني  ڪجهه ڏينهن وڌيڪ نوازشريف کان  وزارت عظمي تي رهيو ۽ کيس 28 جولاءِ 2017 تي پنهنجو  عهدو ڇڏڻو پيو، جنهن کان پوءِ شاهد خاقان عباسي کي  وزيراعظم چونڊرايو ويو، جنهن پنهنجو مدو پورو ڪيو، مطلب ته جيڪو حشر پيپلزپارٽي سان ڪيو ويو هو، ان کان وڌيڪ نواز ليگ سان ٿيو، رڳو فرق ايترو هو جو پيپلزپارٽي انتقام نه ورتو پر تحريڪ انصاف نوازشريف خلاف پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيو.مطلب ته هڪ ٻي جمهوري حڪومت  وڏن لاهن ۽ چاڙهن کانپوءِ پنهنجو مدو پوري ڪري  گهري هلي وئي ۽ ملڪ اندر هڪ نگران  حڪومت قائم ٿي، جنهن دوران سموريون سياسي پارٽيون پنهنجا منشور ۽ وڏا وڏا واعدا  کڻي عوام وٽ پهچي ويون، تحريڪ انصاف ته پنهنجي هڪ سئو ڏينهن وارو پلان به جاري ڪري ڇڏيو هو.
 پيپلزپارٽي به تمام گهڻو سرگرم نظر  آئي پر ان چونڊ سرگرمين دوران اهڙيون خبرون به گردش ڪري رهيون هيون ته نواز ليگ جي اڳواڻن کي چونڊ مهم کان روڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي   پارٽي ڇڏڻ لاءِڌمڪيون  به ڏنيون پيون وڃن ان حوالي سان هڪ  ملتان جي اهڪ اڳواڻ پيغام به جاري ڪيو هو پر بعد ۾ اهو به ڦري ويو هو ۽ ان سان گڏ اهي خدشا اڳوڻو وزيراعظم  نوازشريف پاڻ به ڪري رهيو هو ته سندس  ڪارڪنن کي اغوا ڪيو پيووڃي ۽ انهن کي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته  نواز ليگ کي ڇڏي ڏيو، پر ان باوجود ماحول تمام گهڻو گرم نظر اچي رهيو هو، هر طرف  چونڊ  سرگرمين جو ماحول هو، وڏا وڏا واعدا عوام سان ٿي رهيا هئا، چونڊن واري ڏينهن ڌانڌلي جا الزام به لڳايا ويا هئا ۽ هي پهريون چونڊون هيون، جنهن جا نتيجا  پڌرا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا، پهرين ڏينهن  جن اڳواڻن کي وڌيڪ ووٽ ڏيکاريا ويا هئا، ٻيهر ڳڻپ تي انهن جا ووٽ گهٽ ڏيکاريا ويا.
ايتري قدر جو اليڪشن ڪميشن  فيصلو ڏيڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي هئي، هي چونڊون اهڙي طريقي سان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو جو ٺپا لڳل ووٽ روڊن تي نظر آيا، جن تي رڳو پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي نشانن تي ٺپا لڳل هئا،  پر ان باوجود اپوزيشن چونڊن کي قبول ڪيو ۽ 18 آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان جي حڪومت آئي،  جنهن  ايندي ملڪ ۾ نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو ۽ چيو ويو ته 50 لک  گهر ماڻهن کي ڏنا ويندا، ايتري قدر  جو اهو به چيو ويو ته نوجوانن کي روزگار به ڏنو ويندو پر اقتدار جون واڳون سنڀالڻ بعد تحريڪ انصاف ماڻهن ي بي روزگار ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي  سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي ويا، ايتري قدر جو ريڊيو پاڪستان  سميت مخلتف کاتن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڇاڪاڻ  ته کين خدشو هو ته کين برطرف ڪيو ويندو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو هو ته حد کان وڌيڪ ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، جنهن سبب خزاني تي بار وڌي ويو آهي.
بهرحال  حڪومت روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، نه ڪي  ماڻهن کي بي روزگار ڪرڻ جو، هن وقت ملڪ اندر هونئن به   تمام گهڻي بي روزگاري آهي،  ملڪ جا  اصل وارث بي روزگار آهن ۽ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري انهن کي  نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اهو سڀ ڪجهه ڪنهن کان لڪل نه آهي. ايتري قدر جو تحريڪ انصاف  آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان اعلان تي به يوٽرن ورتو ويو ۽ اڄڪلهه آءِ ايم اسان ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽  آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل به ٿي رهيو آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي  ته اها ڪنهن کي اميد نه هئي ته تحريڪ انصاف کي ڌرڻن کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته  هر سياستدان  اهو ئي چئي رهيو هو ته هي سليڪٽيڊ حڪومت آهي، جنهن سبب اسان کي لڳي رهيو ته  موجوده حڪومت ڪا اپوزيشن  پارٽي ئي تحريڪ انصاف خلاف ڌرڻن جي شروعات ڪندي پر سڀ ڪجهه ابتڙ ئي ٿي رهيو  آهي، ڇاڪاڻ ته جن مولوين فيض آباد ۾ نوازشريف جي حڪومت خلاف ڌرڻو هنيو، جن بابت چيو ويوهو ته هي اسان جا پنهنجا ماڻهون آهن، انهن خلاف ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهون، اهي ئي پنهنجا ماڻهو تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف روڊن تي نظر آيا ۽ ٻه ٽي ڏينهن ته ڪنهن اها خبر ئي نه هلائي ته روڊن تي ٽريفڪ جام ڇو آهي يا ڌرڻا ڇو هنيا پيا وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي احتجاج ڪندڙن طرفان اهڙيون وڊيون جاري ڪيون ويون، جنهن جي سڄي دنيا ۾ ملڪ جي ادارن جي بي حرمتي ٿي.
بهرحال وزيراعظم عمران خان تڙ تڪڙ ۾ قوم کي خطاب ڪيو ۽ انهن ماڻهن ڏي پنهنجي پيغام موڪليو، جنهن بعد سڀني کي خبر پئجي وئي ته آخر ڪار ملڪ ۾ احتجاج ڇو ٿي رهيو، بهرحال اها به ڪنهن کي خبر نه هئي ته  تحريڪ انصاف کي به پنهنجي وزيرن جي قرباني ڏيڻي پوندي، جڏهن وزارتون ورهايو پئي ويون ته ڪجهه اڳواڻن اعتراض به ڪيو پر بعد ۾ سڀ  راضي ٿي ويا، پر جڏهن  عاطف ميان کي اقتصادي صلاحڪار ڪائونسل بڻايو ويو  ته ملڪ اندر تنقيد وارو سلسلو شروع ٿي ويو  ۽ عالمي سطح تي تحريڪ انصاف جي واکاڻ ڪئي پئي وئي ته اقليتن  کي حق ڏنا پيا وڃن پر  اوچتو سخت رد عمل تي تحريڪ انصاف کي يوٽرن وٺڻو پيو ۽ عاطف ميان کان  کين استعيفيٰ وٺڻي پئجي وئي، جنهن بعد عالمي سطح تي تنقيد ٿي، اڳ ته رڳو ملڪي سطح تي تنقيد ٿي رهي هئي پر بعد ۾  ان جو رد عمل عالمي سطح تي نظر آيو.
بهرحال  هي تحريڪ انصاف جي پهرين قرباني هئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ خلاف نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ دير تي اڳوڻي قانون ۽ انصاف واري وزير طور ڪرپشن جي ريفرنس داخل ڪئي وئي هئي، جنهن سبب بابر اعواڻ کي به استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وئي. جڏهن ته پاڪ پتن جي ڊي پي او جي بدلي واري معاملي تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي وزارت به لوڏي ۾ اچي وئي هئي پر هو بچي ويو، ان کان پوءِ آءِ جي اسلام آباد جي بدلي واري معاملي تحريڪ انصاف کي وڌيڪ هڪ وزير جي قرباني ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن آءِ جي اسلام آباد کي تبديل ڪيو ويو ته ڪنهن کي خبر نه هئي ته آخر ڇو تبديل ڪيو ويو پر بعد ۾ خبر پئي ته ڪيئن هڪ وزير پنهنجا ناجائز اختيار استعمال ڪري غريب ماڻهن تي ظلم ڪندو آهي، مطلب ته جي آءِ ٽي به اعظم سواتي کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ متاثر ڪٽنب کي بي ڏوهي قرار ڏنو.
ان حوالي سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري  چيو ته عمران خان خود احتسابي جو ڪلچر سياست ۾ متعارف ڪرايو ان جو مثال انتهائي جديد جمهوري ملڪن ۾ ئي ملي ٿو اعظم سواتي اهو ٻيون وزير آهي جنهن انتهائي عام جاچ تي به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان کان اڳ آيل حڪومتن به پنهنجن وزيرن جون قربانيون ڏنيون آهن. بهرحال اڃا ته تحريڪ انصاف جي اقتدار  کي ڪجهه مهينا ئي ٿيا آهن جو وزيراعظم عمران خان کي مڊٽرم اليڪشن جو بيان ڏيڻو پئجي ويو آهي، ڏسون ٿا ته اڳتي هلي تحريڪ انصاف ۾ اڃا ڪيتري ئي ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن  حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڊالر بلند ترين سطح تي پهتو آهي، ان حوالي سان نوازشريف  پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيو   آهي ته اسان بابت چيو پيو وڃي ته اسان ڊالر کي مصنوعي طور ڊالر جو مُلهه برقرار رکيو، جيڪڏهن مصنوعي طريقي سان ڊالر جو مُلهه نه ٿو وڌي ته پوءِ  اهو طريقو تحريڪ انصاف به استعمال ڪري ۽ اسان کي به ٻڌائي ته ڪهڙي منصوعي طريقي سان  ڊالر جو اگهه برقرار رهي سگهي ٿو.


No comments:

Post a Comment