Pages

Wednesday 19 December 2018

ڪوٽا سسٽم تي عملدرآمد ڪڏهن ٿيندو؟


صاحب خان ڀٽي


سڄي ملڪ ۾ ڪوٽا سسٽم تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ ميرٽ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ميرٽ جون ڳالهيون اهي ڪري رهيا آهن، جيڪي نه سنڌ جي رهواسي آهن ۽ نه ئي انهن کي ڪنهن شئي جي ضرورت آهي، سنڌ جي ڀيٽ ٻين صوبن ۾ بي روزگاري تمام گهڻي گهٽ آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم شروع ڪيو ويو پر   افسوس جن ماڻهن کي انسانيت جي بنياد تي هن ملڪ ترسايو ويو اڄ اهي ڪوٽا سسٽم تي تنقيد ڪندي نظر ايندا رهندا آهن  ۽ ميرٽ جون ڳالهيون ڪندي ٿڪجندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو وفاقي حڪومت ڪوٽا سسٽم تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ سستي ڏيکاري رهي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا بيان سامهون ايندا آهن ته ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي ٻهراڙي علائقن  ۾ ڪا به تبديلي نه اچي سگهي آهي، آمريت هجي يا  جمهوريت، سنڌ  جا ٻهراڙي  وارا علائقا جئين ۽ تئين آهن، جتي  تبديلي نه هئڻ برابر آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجا جائز حق ڏين ها ته اڄ سنڌ جو عوام ڪوٽا سسٽم تي نه ڀاڙي  ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪوٽا سسٽم رڳو  هن ملڪ ۾  آهي پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان تي عمل ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿي به رهيو آهي.
1973ع ۾ سنڌ  جي ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ هڪ خاص ڪوٽا مقرر ڪئي وئي هئي پر افسوس  ان تي عمل نه هئڻ برابر آهي، ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿيڻ سبب سنڌ جا نوجوان بي روزگار ۽ ملڪ جي  وڏن تعليمي ادارن ۾ پڙهائي جي زيور کان محروم رهجي وڃن ٿا، جنهن وقت ڪوٽا مقرر ڪئي وئي هئي، ان وقت سنڌ  جا ٻهراڙي وارا علائقا تمام گهڻو پٺ تي پيل هئا ۽ هاڻ به انهن علائقن جي ساڳي ئي حالت آهي، جتي نه ته صاف پاڻي جي ڪا سهولت آهي ۽ نه ئي وري اتي ڪا صحت جي بنيادي سهولت آهي، جنهن سبب سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ترقي ٿيندي نظر نه پئي اچي جيڪا اچڻ گهرجي آهي، جيڪڏهن هن وقت ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ان جو سبب به وفاق ۽ وفاق پرست ماڻهو ئي آهن، جيڪي نه ٿا چاهين ته سنڌ جا نوجوان ٻين صوبن جي وڏن تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا سسٽم تحت اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن،  هن وقت ڪوٽا سسٽم جي ان ڪري به حمايت ڪري سگهجي ٿي جو هن ملڪ اندر ڌارين جي لوڌ ۽ وسيلن جي کوٽ آهي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم هئڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ڪوٽا سسٽم سبب ڪيترئي سنڌي شاگرد مختلف صوبن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم  برقرار رهيو ته سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو پر افسوس جو هن ملڪ ۾ اها ڳالهه ڪنهن کي به هضم نه ٿي رهي آهي، آخر ڇو سنڌ جا ماڻهو ڪوٽا سسٽم کي پسند ڪندا آهن، ان جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ وفاق پاران هڪ سازش تحت سنڌ ۾ غير سنڌين کي آباد ڪرڻ آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ غير سنڌي آباد نه هجن ها ۽ سنڌ ۾ سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن کي مڪمل حق فراهم ڪيا وڃن ها ته اڄ  هتي ڪنهن به ڪوٽا سسٽم جي ضرورت نه پئي ها.   هڪ ته وفاق سنڌ ۾  ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو ۽ سنڌ جي آبادي  ۾ واڌ ڪئي ۽ پوءِ  وسيلا گهٽ هئڻ سبب سنڌ جي نوڪرين، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ غير سنڌين کي نوڪريون ڏنيون ، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته يونيورسٽين مان وڏيون  وڏيون ڊگريون حاصل ڪندڙ سنڌ جا نوجوان10 هزار کان 15 هزار تائين نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ در در ڀٽڪي رهيا آهن.
ڪجهه اهڙا  شاگرد به آهن، جن يونيورسٽي مان تعليم ته حاصل ڪئي پر  افسوس جو انهن کي نوڪري نه ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ ميرٽ جو جن آهي، اهو جن هڪ سازش تحت تيار ڪيو ويوآهي، ميرٽ ان ملڪ ۾ هئڻ گهرجي، جتي ڌارين کي آباد نه ڪيو هجي، ميرٽ  جو قيام اتي هئڻ گهرجي، جتي سفارش نه هلندي هجي، ميرٽ اُن هنڌ هئڻ گهرجي جتي ملڪ جي اصل وارثن کي هڪ ملندا هجن، هتي تي گنگا ئي ابتي وهي رهي آهي، ڌارين کي سنڌ ۾ يونيورسٽين ۾ داخلائون سولائي سان ملي وينديون آهن پر سنڌي شاگردن کي تمام گهڻين ڏکيائن کان پوءِ ملنديون آهن. ميرٽ ته ان ملڪ ۾ هئڻ گهرجي، جتي ادارن ۾ تعصب نه هوندو آهي، هتي ته ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين نه ته ڪو سنڌي ڪنهن دفاعي اداري جو سربراهه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري سنڌين جي دفاعي ادارن ۾ ڪا موجودگي نظر اچي رهي آهي، رهي ڳالهه صوبائي سطح تي پوليس جي  ته ان تي به وفاق جي ڪڙي نظر آهي ته ڪيئن به ڪري غير سنڌي سرڪاري رٽائرڊ آفيسرن کي پوليس  ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ۽ ان عمل تي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪم به هلي رهيو  آهي. بهرحال ميرٽ سان گڏ صوبن کي پنهنجا بنيادي حق به ملڻ گهرجي.
جيڪڏهن صوبي جي اصل رهواسين کي حق نه مليا ته پوءِ اها ميرٽ ڪهڙي ڪم جي؟ هن وقت سڄي سنڌ ڌارين جي لوڌ سان ڀريل  آهي ۽ هاڻ انهيءَ لوڌ کي سرڪاري نوڪرين سان به نوازيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪوٽا سسٽم تي عمل ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي اصل وارثن کي ڪجهه نوڪريون ته ملنديون، جيڪڏهن ميرٽ جي نالي تي سنڌين کي سرڪاري نوڪرين کان پري رکڻ ئي مقصد آهي ته پوءِ اسان اهڙي ميرٽ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين، هونئن ته  مان ميرٽ جي خلاف نه آهيان پر هن ملڪ ۾ جيڪوڪجهه ٿي رهيوآ هي، جهڙي ريت سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، اهڙين حالتن ۾ سنڌ اندر ڪوٽا سسٽم هئڻ تمام ضروري آهي، وفاق اداري هجي يا صوبائي ادارو، هر اداري ۾ سنڌي نوجوانن کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ گهرجن. هونئن به آمريڪا جا تعليمي ادارا هجن يا وري برطانيا جا هر ملڪ جي شاگردن جي لاءِ هڪ مخصوص ڪوٽا رکي ويندي آهي پر پنهنجو وطن هئڻ باوجود  سنڌي نوجوانن جي تعليمي ادارن ۾ داخلائن تي پابندي لڳائي وئي هئي، اهو عمل جيڪڏهن پنجاب ٿئي ها ته سمجهه ۾ اچي ها پر اهو سڀ ڪجهه   سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٿي چڪوآهي،  ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن  جي داخلائن تي پابندي لڳائي  وئي هئي پر  هاڻ سوشل ميڊيا سبب ٿورو تبديلي اچي چڪي آهي. بهرحال ميرٽ جي نالي سان جيڪو ڪجهه حشر سنڌين سان ٿي رهيو آهي،   اهو دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ٿيندو آهي.
اسان ته وفاق سميت صوبائي سرڪار کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري سنڌين کي ڪوٽا تحت نوڪرين ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ هر اداري ۾ غير سنڌي ڀرتي ٿيل هوندو ۽ اها ئي سنڌ جي دشمنن جي سازش جو هڪ حصو آهي، جنهن کي ناڪام بڻائن لاءِ سنڌ جي حڪمرانن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سنڌ جا نوجوانن ايئن 10 پندرنهن هزار رپين جي نوڪرين لاءِ ڌڪا کائندا رهندا ۽ غير سنڌي سرڪاري ادارن ۾ مزا ماڻيندا رهندا، اهو سڀ ڪجهه هاڻ ٿي به رهيو آهي.
اڱاري ڏهاڙي سينٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو هو، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني ڪوٽا سسٽم تي عملدرآمد ۽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. سينيٽ رضا رباني چيو ته  ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿيڻ سبب ٻهراڙي وارا علائقا پٺ تي پيل آهن،  جنهن تي قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي ته ڪوٽا سسٽم غير شرعي آهي، هڪ فيصلو اهو به آيو آهي ته ملڪ اندر ڪو به پٺ تي پيل علائقو نه آهي. جڏهن ته شبلي فراز چيو هو ته هو ڪوٽا سسٽم کي پسند نه ٿا ڪن ۽ ملڪ اندر پٺ تي پيل علائقن کي ترقي وٺرائي ڏيڻ چاهين ٿا.  جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار ڪوٽا سسٽم تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سنجيدگي ظاهر ڪري ته سنڌ جي نوجوانن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا.

No comments:

Post a Comment