Pages

Sunday 23 December 2018

فرانس ۾ ٿيل عوامي پرتشدد احتجاج


صاحب خان ڀٽي
سڄي دنيا ۾مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن سبب عام ماڻهن جي چيلهه ئي چٻي ٿي وئي آهي، حڪمران به پنهنجا شاهي خرچ هلائڻ لاءِ عوام تي ئي بار وجهندا آهن، جنهن سبب روزاني بنياد تي استعمال ٿيندڙ شيون مهانگيون ٿي وينديون آهن. جنهن سبب عوام کي احتجاج ڪرڻو پئجي ويندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ته دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن کي پنهنجا شاهي خرچ هلائڻ ۽ قرض جي قسط ڀرڻ لاءِ عوام تي وڏا وڏا ٽيڪس لڳائڻا پوندا آهن، پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جڏهن به ٽيڪس لڳايو ويندو آهي يا وري ڪو  فيصلو ملڪي مفاد خلاف هوندو آهي ته اتان جو عوام حڪمرانن آڏو رڪ جي ديوار بڻجي سامهون بيهندو آهي. اهڙو ئي هڪ مثال فرانس مان به ملي ٿو، جتي عوام مهانگائي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي.
جئين ته فرانس يورپ جو هڪ وڏو ملڪ آهي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ پئرس شهر آهي، اتي به عوام مهانگائي سبب روڊن تي نظر اچي رهيو آهي. فرانس ۾ 17 نومبر 2018 کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿي چڪا آهن. پيرس جي شهري انتظاميا موجب، گادي واري شهر ۾ سمورا تفريح ماڳ احتجاجن سبب بند رهڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڊپارٽمنٽل اسٽور، عجائب گهر ۽ ميٽرو اسٽيشن به بند ڪرڻي پئجي ويندي آهي. جڏهن کان فرانس ۾ احتجاج شروع ٿيا آهن، تڏهن کان حڪومت پاران شهرين کي احتياط سان رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  پيرس جي وڏن شاهراهن تي قائم دڪانن ۽ ريسٽورنٽس جي مالڪن ڀڃ ڊاهه جي خدشي سبب عمارتن  جي شيشن کي تختيون لڳائي بند ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا  رپورٽس موجب گذريل ٻن ٽن مهينن کان فرانس ۾ تيل مهانگو ڪرڻ خلاف احتجاج جاري آهن،  جيڪي هاڻ پرتشدد ٿي ويا  آهن، فرانس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پوليس پيرس مان رڳو ڪجهه ڏينهن اندر وڌيڪ ساڍا ٽي سو  احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. عوام جي مسلسل احتجاج باوجود حڪومت  عوام جي احتجاج آڏو گوڏا به کوڙي ڇڏيا آهن ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل واڌ جو فيصلو واپس به ورتو پر ان باوجود عوام پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. يلو ويسٽ موومينٽ پاران به فرانس ۾ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته صدر ايمانوئيل ميڪرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو ويو اهي، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن دوران ڪجهه ماڻهو فوت به ٿيا جڏهن ته پوليس جي شيلنگ دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن.
فرانس جي گهرو وزير ڪرسٽو فرلي سٽنير چيو ته 2 لک 44 هزار ماڻهن سڄي ملڪ جي مک رستن سميت 2 هزار کان وڌيڪ هنڌن تي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آهي. ڪجهه هنڌن تي ڊرائيورن پاران گاڏين کي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش تي منهن ماري ٿيڻ سبب احتجاج ڪندڙ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون ڪرسٽو فرلي سٽنير چيو ته سيوي واري علائقي ۾ ماڻهن جي ميڙ تي گاڏي چڙهڻ سبب هڪ 63 ورهين جي عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي هئي، جنهن سبب هجوم مٿان چاڙهي ڇڏي.
پوليس جو چوڻ هو ته ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جئين ته فرانس پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت احتجاج جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، جڏهن کان احتجاج شروع ٿيو آهي، حڪومت پاران ڪيترائي اعلان ڪيا ويا آهن پر ان باوجود عوام  حڪمرانن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، جئين احتجاج جي ٽئين هفتي دوران تيل جي اگهن ۾ واڌ تي احتجاج ڪندڙ  شهرين گاڏين ۽ عمارتن کي باهه ڏني،  مڇريل ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين ۾ 100 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي ويا هئا، جڏهن ته پوليس 200 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو. پوليس احتجاج ڪندڙن کي ڇروڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو پڻ استعمال ڪيو پر ان باوجود شهرين احتجاج جاري رکيو ۽ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندا رهيا.
احتجاج ڪندڙن پنهنجا مطالبن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ فرانسيسي صدر کان استعفيٰ جو به مطالبو ڪيوآ هي. ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن  جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز به هئا، جن تي فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. فرانسيسي حڪومت پرتشدد عوامي احتجاج کان پوءِ پيٽرول تي لاڳو نئون ٽيڪس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو، فرانس جي ڊيفينس واري کاتي جو وحڻ  آهي ته شهرين جي پرتشد احتجاج سبب فرانس ۾ 6 آئل ريفائنريز کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ايڪس ايڪسچينج متاثر نه آهي،جنهن جي پيدوار  240،000 بي پي ڊي پورٽ آهي. فرانس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هڙتال سبب آئل پهچائڻ وارو عمل به متاثر ٿيو آهي ۽ سڄي احتجاج کي ميڊيا چڱي ريت ڪوريج ڏئي رهيو آهي پر بدقسمتي سان دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن، جتي ميڊيا کي  اهڙا اختيار نه هوندا آهن ته  حڪمرانن خلاف ڪي خبرون هلايون وڃن.
بهرحال هن وقت  فرانس جي ڪيترن ئي شهرن ۾  مهانگائي خلاف  احتجاج جو سلسلو جاري آهي ۽ عوامي احتجاج حڪمرانن  جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، جيئن ته حڪومت به عوام کي سمورن مطالبن جي خاطري ڪرائي آهي پر ان باوجود عوام جي احتجاج ۾ شدت گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته جيستائين احتجاج ڪندڙن جا سمورا  مطالبا پورا نه ٿا  ڪيا وڃن، تيستائين  احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. جيڪڏهن  فرانس جي حڪومت عوام جا سمورا مطالبامڃي ورتا ته  پوءِ هڪ ڳالهه سچ ثابت ٿي ويندي ته جڏهن عوام پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ  روڊن تي نڪرندو آهي ته پنهنجا حق حاصل ڪري ئي موٽندو  آهي پوءِ ڀلي ان احتجاج دوران سندن جان ڇونه هلي وڃي،  اهو ئي سبب آهي جو  فرانس ۾  ماڻهو مطالبن جي مڃتالاءِ احتجاج  جو سلسلو جاري رکيو ويٺا آهن،
جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته فرانس ۾  ماڻهو پنهنجيون حياتيون پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ  خلاف احتجاج دوران نه وڃائن ها. بهرحال هڪ ڏينهن ضرور فرانس جي عوام جو احتجاج رنگ لائيندو ۽ حڪومت عوام دشمن فيصلا ڪرڻ کان  اڳ سئو  ڀيرا سوچيندي، جيڪڏهن ڏٺو  وڃي ته هي مهانگائي خلاف تاريخي احتجاج آهي ۽ فرانس جي عوام پنهنجيون حياتيون وڃائي حڪومت کي عوام دشمن فيصلن کان روڪڻ لاءِ اهم قدم کنيو آهي پر  فرانس جي حڪومت کي احتجاج ڪندڙن  کي مارڻ نه گهرجي ها، جيڪڏهن  ڪا به حڪومت غلط فيصلو ڪندي ته عوام روڊن تي ضرور ايندو ۽  اهو انهن جو بنيادي حق آهي، جنهن کان  کين دنيا جي ڪا طاقت روڪي نه ٿي سگهي. 

No comments:

Post a Comment