صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ کوڙ ساريون اهڙيون بيماريون آهن جن جو ماهر ڊاڪٽر
علاج هن وقت تائين ڳولي ناهن سگهيا پر اهي ڪوششون ڪري رهيا آهن ته لا علاج بيمارين
جو جلد کان جلد علاج ڳوليو وڃي ته جئين ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن. اهو ئي سبب
آهي جو علاج نه هجڻ سبب لا علاج بيماري جي
پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ماهر ڊاڪٽر به صرف احتياط جو ئي مشورو ڏيندا آهن، زيڪا وائرس ۽
ايبولا وائرس جو به هن وقت تائين ڪو خاص علاج نه ڳوليو ويو آهي،جنهن سبب هن وقت به
دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو اهڙين بيمارين سبب فوت ٿي چڪا آهن ۽ اهڙين بيمارين جي پکڙجڻ
کي روڪڻ لاءِ پرڏيهي ملڪن طرفان سفري پابنديون به لڳايون ويون آهن، ڪانگو وائرس جا
به ڪيترائي مريض هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۽ سنڌ ۾ به گذريل ڪجهه عرصي
کان ڪانگو وائرس جي مريضن جو انڪشاف ٿي رهيو آهي، لاهور ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن جي
ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هجڻ جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن، پر هاڻ وري انهن کان
به خطرناڪ ۽ لاعلاج وائرس ايڊز (HIVهيومن وائرس ) سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ تيزي سان پکڙجي
رهيو آهي، جنهن جي مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾
ڪيترائي ايڊز ۾ مبتلا مريضن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد اهو لڳي رهيو آهي ته صحت
کاتو هن وقت به اگهور ننڊ ستل آهي، جنهن سبب لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن ۾ ماڻهو
لاعلاج مرض ايڊز ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جنهن کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي گهٽ ۾ گهٽ
آگاهي مهم هلائڻ ضرور گهرجي ها ته جئين سنڌ جي ماڻهن ۾ ايڊز جهڙي خطرناڪ ۽
لاعلاج وائرس بابت آگاهي هجي ها ۽ اهي
احتياط ضرور ڪن ها، ڇاڪاڻ ته هن مرض کي روڪڻ جو واحد ذريعو صرف احتياط ئي آهي ۽ ماهر ڊاڪٽر به صرف اهو ئي مشورو ڏيندا آهن. ايڊز وائرس بابت ماهرن ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هي هڪ
لا علاج بيماري آهي جيڪا رت جي مدافعتي نظام ۾ خرابي پيدا ٿيڻ ڪري ٿيندي آهي ۽ هي
بيماري هڪ خاص وائرس ايڇ آءِ وي (HIV) وائرس پکڙجندي آهي.
ايڊز وائرس کي ريٽرو وائرس“
(Retro virus) سان به سڏيو ويندو آهي، هن بيماري
بابت ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هي بيماري 1983ع ۾ دريافت ڪئي وئي ۽ 1986ع ۾ هن بيماري جا
انسان جي رت جي ڳاڙهن جزن ۾ جيوڙا ڏٺا ويا هئا. ماهر ڊاڪٽرن جو اهو به چوڻ آهي ته هي
بيماري جنسي بي پرواهي سبب به پکڙجندي آهي، هونءَ ته سنڌ ۾ ڪيتريون سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون
آهن پر افسوس جو انهن اسپتالن ۾ نئين سرنج جو استعمال نه ڪيو ويندو آهي ۽ هڪ ئي
سرنج چار کان پنج مريضن تي استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب ڪيتريون ئي بيماريون جنم
وٺي رهيون آهن، ڊاڪٽر به اهو ئي مشورو ڏيندا
آهن ته هر مريض لاءِ نئين سرنج استعمال ڪرڻ گهرجي پر سرڪاري اسپتالن ۾ غربت
جا پيڙهيل مريض سرنج ناهن وٺندا جنهن سبب ايڊز جهڙو لا علاج وائرس به پکڙجي رهيو
آهي، جڏهن ته هي وائرس رت جي ڏي وٺ جي ڪري به ڦهلجندو آهي يا وري متاٿر ٿيل مريض
تي استعمال ٿيل سرنج جي ٻيهر استعمال ڪرڻ سان به هن وائرس جو ٻئي شخص ڏانهن منتقل ٿيڻ
جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. ماهر ڊاڪٽرن جوچوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي وائرس رت جي اڇن جزن تي
حمله آور ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته مرد جي جنسي مادي ۾ رت جا اڇا
جزا موجود هوندا آهن تنهنڪري ايڊز ورتل مرد ايڇ آءِ
وي جي
ڦهلاءَ جو ذريعو بڻبو آهي. اهڙي طرح وائرس عورت ۾ منتقل ٿي ويندو آهي، ماهر ڊاڪٽرن جو اهو به چوڻ آهي ته هي بيماري آهستي
آهستي پکڙجندي آهي ۽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته
اهي ايڊز وائرس ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ انهن کي به آهستي آهستي هن مرض بابت معلوم
ٿيندوآهي. هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ ڪٿي نه ڪٿي رت جمع ڪرڻ لاءِ ڪئمپون لڳايون
وينديون آهن ۽ اتي اهو حشر ٿيندو آهي جو
هر ايندڙ ويندڙ کي ڪا نه ڪا خوبصورت نرس روڪي رت جو عطيو ڏيڻ جو چوندي آهي ۽ رت
ڏيندڙ شخص جو رت ٽيسٽ ڪرڻ بنا ان شخص جو رت ڪڍيو ويندو ۽ ۽ ان رت جي ٽيسٽ ئي نه
ٿيندي آهي ۽ نه ئي بلڊ گروپ جو معلوم ڪيو ويندو آهي جنهن بابت به ماهر ڊاڪٽرن جو
چوڻ آهي ته رت جي درست نموني چڪاس نه ٿيڻ سبب رت ٻئي شخص کي چاڙهيو ويندو آهي ۽ ان
سان به ايڊز ڦهلجي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اها خبر ئي نه پوندي آهي ته جنهن شخص کان رت
ورتو ويوآهي اهو ايڊز جو مريض ته نه آهي.
جيڪڏهن ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڌيان ڏنو وڃي ته هن لاعلاج
بيماري کان بچي سگهجي ٿو پر افسوس جو ڊاڪٽر ئي اهڙي لاپرواهي ڪري رهيا آهن جو ان
مرض ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، اهڙو
هڪ غفلت جو واقعو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ پيش آيو آهي جنهن بابت ميڊيا ۾ خبرون
آهن ته چانڊڪا اسپتال ۾ ڊائلاسز مشين ذريعي ايڊز پکڙجي رهيو آهي پر چانڊڪا
انتظاميه طرفان اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي. ٻي طرف وري چانڊڪا اسپتال جي
ڊائلاسز وارڊ ۾ ايڊز ڦهلجڻ واري معاملي بابت
نيشنل ايڊز
ڪنٽرول پروگرام پنهنجي رپورٽ سنڌ حڪومت کي به اماني آهي جنهن بابت جاچ ٽيم جو چوڻ
آهي ته ٽيم مريضن ۽ عملي کان ڄاڻ وٺڻ کان پوءِ جاچ
رپورٽ تيار
ڪئي ۽ نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ٽيم 5 ڏينهن ڊائلا سز
وارڊ جو
معائنو ڪيو آهي. جاچ ٽيم وڌيڪ اهو به چيو ته وارڊ ۾ عالمي طريقيڪار ايس او پي تي عمل نه پيو ٿئي جڏهن ته ڊائلاسز سرنج کليل ۽ گلوز
پاتل هئڻ بدران ٽيلبز تي بيٺل آهي، بهر
حال هاڻ اها سنڌ حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته اها معاملي جي صحيح نموني جاچ ڪري هن
مرض کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي ته جئين مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن،
ڇاڪاڻ ته هي صرف هڪ اسپتال آهي، سنڌ جي هر هڪ گهٽي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي لوڌ لٿل آهي، سيکاٽ ڊسپينسر به ڪلينڪون کوليو ويٺا آهن،
ڪن هنڌن تي وري ڊاڪٽر پاڻ سرڪاري ڊيوٽي تي وڃڻ بعد خانگي ڪلينڪن تي ڊسپنسرن کي
ويهاريو هليا وڃن ٿا جيڪي ڊاڪٽرن جي غيرموجودگي ۾ ماڻهن جوعلاج ڪن ٿا جن خلاف به
هن وقت تائين ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، اڳ ۾ ڦيڙا پڙهي سنڌ ۾ علاج ڪرائيندا هئا هاڻ ته ڊسپيسنر ئي ڊاڪٽر
بڻجي ويا آهن جيڪي غلط سرنج هڻي ماڻهون جون حياتيون کسي رهيا آهن، جن کي اها به
خبر نه هوندي آهي ته هر مريض لاءِ نئين سرنج
استعمال ڪئي ويندي آهي.
بهرحال ايڊز جي ابتدائي علامتون به آهستي آهستي ظاهر
ٿينديون آهن. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايڊز وائرس جي علامت معمولي زڪام هوندو
آهي ان کانپوءِ مريض ڪيتري ئي عرصي کان ٺيڪ نظر ايندو آهي ۽ ائين هو مڪمل ايڊز جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايڊز جي وڏين
علامتن ۾ وزن جو گهٽجي وڃڻ، هڪ مهيني تائين الٽيون اچڻ، بخارجو هڪ مهيني کان تائين
رهڻ، کنگهه جو مستقل رهڻ ۽ جسم تي ڳاڙها داغ ٿيڻ شامل آهن. ماهر ڊاڪٽرن جو اهو به
چوڻ آهي ته هن وائرس ۾ مبتلا شخص کي ڏندن
۾ سور، وات ۾ زخم ۽ ذهني پريشاني ٿي ويندي آهي. جئين ته هي مرض لا علاج آهي جنهن
سبب ڊاڪٽر ايڊز کان بچاءُ جي طريقن ۾
پنهنجي شريڪ حيات محدود رهڻ ۽ جنسي لاڳاپن کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏيندا آهن. هن
مرض پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ڊاڪٽر سئي لڳرائڻ وقت نئين سرنج جي استعمال جي به هدايت
ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن شخص کان رت به ورتو وڃي ته ان ۾ ايڊز جي وائرس ۽ “HepatitisB” جي چڪاس ڪرائڻ لازمي هوندو آهي. بليڊ وٺڻ سان به هن وائرس جي پکڙجڻ جو خطرو آهي ان ڪري رت جي چڪاس ڪرڻ ضروري آهي. صحت جي عالمي اداري طرفان به رپورٽ جاري ڪئي وئي
ته ته ڪجهه عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهو ايڊز وائرس ۾ مبتلا ٿي ويندا ۽ ان جو سڀ کان وڏو
ڪارڻ به احتياط نه ڪرڻ ئي هوندو. ڪجهه عرصو اڳ هن بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ هڪ وئڪسين”زڊو
ويوڊائن“ (Zidovudine) تيار ڪئي وئي هئي پر افسوس جو ان
سان به هن وقت تائين هن بيماري جي خاتمي
لاءِ ڪو علاج نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ماهر ڊاڪٽر هر ڀيري اهو ئي مشورو ڏيندا
آهن ته جنسي لاڳاپن ۾محتاط رهڻ ئي هن موتمار بيماري جو علاج آهي.
ماهر ڊاڪٽر جو اهو به چوڻ
آهي ته سرنج جو ٻيهر استعمال نه ڪرڻ ۽ رت جي جزن جي منتقلي کي روڪڻ سان به
هن بيماري کان بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ايڊز وائرس کي بيمارين جي ماءُ چيو وڃي ته ان
۾ ڪو واڌاءُ نه هوندو. ڇاڪاڻ ته ايڊز ايڪهين صدي جي انتهائي خطرناڪ بيماري طور
سامهون آئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مختلف اخبارن ۾ اهي خبرون شايع ٿيون هيون ته سنڌ جي
13 ۽ بلوچستان جي 4 ضلعن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ٻي طرف وري ايڇ آءِ وي ايڊز ٽريٽمينٽ اينڊ ڪيئر سينٽر
چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو
ويو آهي ته 1329 ايڊز جي مريضن جي رجسٽريشن ايڇ آئي وي ايڊز
ٽريٽمينٽ
اينڊ ڪيئر سينٽر چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ 1047 مرد، 236 عورتون، 16 ٻارڙا ۽ 30 کدڙا شامل آهن. جاري ڪيل رپورٽ موجب ايڇ آئي وي ايڊز جي مريضن جو وڏو تعداد لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي. رپورٽ
موجب لاڙڪاڻي ۾ 656،
قمبر شهدادڪوٽ ۾ 189، شڪارپور ۾ 58، خيرپور ميرس ۾ 120، جيڪب آباد ۾ 32، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 27، سکر ۾ 53،
گهوٽڪي ۾ 15، دادو ۾ 130، ڄامشورو ۾ 11،
نوشهروفيروز
۾ 25، ڪراچي ۾ 3، حيدرآباد ۾ هڪ جڏهن ته بلوچستان جي ضلعي
خضدار ۽
قلات ۾ هڪ هڪ جعفرآباد ۾ 4 ۽ نصيرآباد ۾ 3 مريضن کي علاج لاءِ ايڇ آئي وي ايڊز ٽريٽمينٽ اينڊ ڪيئر سينٽر چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال
۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو
آهي ته 18 سالن کان 30 سالن تائين جي مريضن
جو تعداد
696، آهي ۽ 31 سالن کان 40 سالن تائين جي مريضن جو تعداد 369 مريض آهي. جڏهن ته 41 سالن کان 50 سالن تائين جي مريضن جو تعداد
151 رپورٽ ڪيو ويو. ۽ 51 سالن کان 60
سالن تائين جي مريضن جو تعداد 49 آهي. 61 سالن کان 70
سالن تائين
جي مريضن جو تعداد 10 آهي. ان سان گڏ 18 سالن کان گهٽ عمر جي
مريضن جو
تعداد 37 آهي.
سينيئر صوبائي وزير به چانڊڪا اسپتال جو ڊائلاسز مشين ذريعي
ايڊز پکڙجڻ وارين خبرن بعد دورو ڪيو هو ۽ تفصيل به ورتا هئا پر هن وقت تائين سنڌ
سرڪار طرفان هن بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا آهن. جنهن
سببب سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن ۾ اضافو ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. هڪ اسان جي معاشري ۾
گهٽ تعليم ۽ آگاهي نه هجڻ سبب ايڊز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيو آهي.
بهرحال احتياط ئي سڀ کان وڌيڪ بهتر آهي،
جيترو ممڪن ٿي سگهي هن مرض کان بچڻ لاءِ احتياط ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ايڊز وائرس لا
علاج آهي،، ايڊز ۽ ٻين جنسي بيمارين کان بچاءُ لاءِ جيترو ٿي سگهي اوترو احتياط
ڪجي.
No comments:
Post a Comment