Pages

Monday, 14 November 2016

اوليائن جون درگاهون به دهشتگردن جي نشاني تي

صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ  قوم تمام وڏيون قربانيون ڏئي چڪي آهي پر افسوس جو هن  وقت تائين دهشتگردي ختم ٿيندي نظر نه پئي اچي، حڪمران صرف اهو ئي راڳ ڳائي رهيا آهن ته دهشتگرد آخري ساهه کڻي رهيا آهن پر خبر ئي نه ٿي پئي ته آخري ساهه آخر ڪير کڻي رهيو آهي، دهشتگرد کڻي رهيا آهن يا وري هن ملڪ جا بي گناهه شهري کڻي رهيا آهن جن کي اها به خبر ناهي هوندي ته هو گهر واپس ورندا به يا نه، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي هن ملڪ ۾ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهي آهي، جنهن سبب روز سوين گهر اجڙي رهيا آهن، ڪيترائي ٻار يتيم ٿي رهيا آهن، ڪيترن ئي جون جهوليون خالي ٿي رهيون آهن، هزارين ماڻهن جي اکڙين ۾ لڙڪ ڳڙي رهيا آهن، آخر انهن جي دردن جو درمان ڪير بڻجندو؟ آخر ڪير اچي انهن جي سار لهندو جن جا ڳڀرو نوجوان پٽ دهشتگردن جي هٿان شهيد ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ جو ڪو شهر نه بچيو هوندو جنهن ۾ ڌماڪو  نه ٿيو هجي، هر طرف دهشتگردي سبب متاثر نظر اچي رهيا آهن، دهشتگرد ڪڏهن  امام بارگاهن کي نشانو بڻائي معصوم ماڻهن کي شهيد ٿا ڪن ته ڪڏهن وري مسجدن ۾ آپگهاتي حملا ڪن ٿا، مطلب ته دهشتگردن مقدس جڳهن کي به نشانو بڻائڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، جيتوڻيڪ اولياءِ   اهو چئي به رهيا آهن هڪ انسان جو قاتل انسانيت جو قاتل آهي پر ان باوجود بي رحم انتهاپسندن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي  نه اچي رهي آهي، ڪڏهن داعش، ته ڪڏهن القاعده ته ڪڏهن وري طالبان جي نالي سان هن ملڪ ۾ ڪهري ڪارروايون ڪيون وڃن ٿا، جڏهن به هن ملڪ ۾ دهشتگردي جي ڪا وڏي يا ننڍي ڪارروائي ٿي آهي ته ان جي ذميواري ڪڏهن طالبان قبولي ڪري وٺندا آهن ته ڪڏهن وري القاعده  به ذميواري قبولي وٺندي آهي پر هاڻ هڪ وري ٻي ڪهري ڪارروايون ڪندڙ دهشتگرد تنظيم سامهون اچي وئي آهي جيڪا داعش جي نالي سان اڀري رهي آهي، جيڪا هاڻ هن اسلامي جمهوريه ۾ به پنهنجا پيار ڄمائي رهي آهي، درگاهه شاهه نوراني ۾ به جيڪو حملو ڪيو ويو ان جي ذميواري به داعش طرفان قبولي وئي، پر افسوس جو اڄ اسان جا حڪمران بس اهو راڳ ڳائي پنهنجي ذميواري کان پاڻ کي آجو سمجهي وٺندا آهن جنهن سبب اهو بيان جاري ڪيو ويندو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ اردان ۾ ناڪام ويا،
ڪڏهن چيو ويندو آهي ته هنن دهشتگردن جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب اهي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن پر خبر ناهي ته اهي چيلهه چٻي ٿيلهه دهشتگرد ۽ آخري ساهه کڻندڙ دهشتگرد ايڏيون وڏيون دهشتگرد ڪارروايون ڪئين ڪري رهيا آهن، ڪڏهن بلوچستان جي راجڌاني  ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملو ڪري 55 کان وڌيڪ اهلڪارن شهيد ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري اسپتالن کي نشانو بڻائي وڃي ٿو ته مطلب ته نه عوام محفوظ آهي ۽ نه ئي قانون جا رکوالا، خبر ئي نه ٿي پئي ته دهشتگرد ڪٿان اچن ٿا ۽ وري ڪهري ڪارروايون ڪري الائي جي ڪڏانهن هليا وڃن ٿا نه ته هتان جو قانون ان کي گرفتار ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي وري دهشتگردن جون ڪارروايون گهٽجي رهيون آهن، جڏهن به ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون ته ان وقت هن ملڪ ۾ ٿورو امن امان برقرار رهيو پر جڏهن انهن ڪاررواين کي ٿوري وقت روڪيو ويو ته دهشتگرد وري پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، اهي دهشتگرد صرف معصوم شهرين نه پر سڪيورٽي ادارن کي به رت سان وهنجاريو آهي پر حڪمرانن جا اها بيان ته هنن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، اهي بيان شهيد ٿيلن جي وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن واقعي دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي ته پوءِ اهي دهشتگرد  درگاهه شاهه نوراني ۽ ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿين ها ۽ اهڙين ڪهري ڪاررواين ۾ معصوم ماڻهن جون جانيون ضايع نه ٿين ها.
بهرحال هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد جيڪي آخري ساهه کڻي رهيا هئا الائي جو اهي ڪٿان آڪسيجن ڀرائي وري هن ملڪ ۾ معصوم شهرين جو رت وهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن ڀيري هنن ڪنهن سڪيورٽي اداري، اسڪول، مسجد يا امام بارگاهه کي نشانو ناهي بڻايو پر هن ڀيري انهن صوفين جي پيغام کي للڪاريو آهي، انهن انتهاپسند دهشتگردن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي وڏا طاقت ور آهن ۽ انهن جي حڪم تي هلڻ گهرجي، انهن انتهاپسندي مذهبي جنونيت رکندڙ دهشتگردن اوليائن کان انهن جي عقيدت کي ڏور رهڻ جي ڌمڪي  ڏني آهي، هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو دهشتگردن ڪنهن صوفي بزرگ جي درگاهه کي نشانو بڻايو هجي ان کان اڳ ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار ۾ به  ڌماڪو ڪيو ويو هو ۽ هن  ڀيري اولياءَ ۽ صوفي بزرگ شاهه نوراني جي درگاهه تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 60 کان ماڻهن شهادت حاصل ڪئي، ڪيترائي ماڻهو لاپتا به ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا، شهيد ٿيلن ۾ گهڻن جو تعلق ڪراچي ۽ حيدرآباد سان هو، ميڊيا تي به اهي ئي خبرون هلي رهيون آهن ته  داعش طرفان آپگهاتي حملي آور جي تصوير جاري ڪئي وئي آهي ۽ حملي جي ذميواري به داعش قبولي ورتي آهي، هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو داعش جو هن ملڪ ۾ذڪر ٿيو هجي ، ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ داعش جي چاڪنگ جون خبرون به اخبارن جون زينت بڻجي ويون هيون ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن طرفان ڪراچي مان داعش سان تعلق رکندڙ جوابدارن کي به حراست ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي ايتري قدر جو پنجاب جي شهر لاهور مان به ڪجهه داعش جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو، پر افسوس جو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ان وقت به اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي هئي ۽ چيو هو ته داعش نالي هن ملڪ ڪا به تنظيم ناهي ۽ نه ئي هو داعش کي هن ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ڏيندا، چوڌري نثار جي اهڙي بيان کان پوءِ ٻيهر داعش طرفان آپگهاتي حملي جي ذميواري قبولي وئي آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿي رهيو  آهي ته هن ملڪ داعش آهستا آهستا پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪرڻ لاءِ پير ڄمائي رهي آهي،جنهن کي روڪڻ لاءِ هتان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فوري طور تحرڪ ۾ اچڻو پوندو، ٻي صورت ۾ دهشتگرد پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪندا رهندا، جڏهن درگاهه شاهه نوراني ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو ته ان وقت بلوچستان جا وزير اهو چئي رهيا هئا ته کين حملي جي ڄاڻ هئي، اهو ساڳيو بيان مختلف دهشتگرد ڪاررواين دوران به ڏنو ويو هو.


بهرحال درگاهه شاهه نوراني تي ٿيل حملي کانپوءِ سنڌ حڪومت به سمورن اوليائن ۽  صوفي بزرگن جي درگاهه جي سڪيورٽي به سخت ڪري ڇڏي آهي پر هن وقت به ماڻهن ۾ درگاهه شاهه نوراني ۾ ٿيل ڌماڪي جو خوف ڇانيل آهي جنهن سبب هو درگاهن ۽ اوليائن جي مزارن کي هاڻ غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت  به دهشتگردن جي  داخل ٿيندڙ يلغار کي نه روڪيو ويو ته هن ملڪ ۾ اڃا به وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻجندا رهندا جنهن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻو پوندو ته ۽ دهشتگردن کي اهڙو سبق سيکارڻو پوندو ته ٻيهر  اهي هن ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو سوچين نه ، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن انهن بابت اهو ئي ٻڌايو ويو آهي ته اهي افغانستان رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جنهن لاءِ هاڻ  حڪمرانن کي ڊونالڊ ٽرمپ جيان پناهگيرن کي ملڪن ڪڍڻ پوندو ۽ انهن خلاف به ڪارروائي ڪرڻي پوندي جيڪي هن ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل آهي، آخر ڪيستائين افغان پناهگيرن کي هن ملڪ ۾ ترسائي پنهنجي لاءِ سڪيورٽي رسڪ  برقرار رکيو ويندو، تنهن لاءِ حڪومت کي پناهگيرن کي تڙن گهرجي جئين هن وقت ٽرمپ رويو اختيار ڪيو آهي اهو   حڪمرانن کي به رويو اختيار ڪرڻ گهرجي پر اهو پنهنجي ملڪ جي عوام لاءِ نه پر  پناهگيرن لاءِ هئڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment