صاحب خان ڀٽي
تحقيق ڪندڙ چون
ٿا ته ٿر لفظ سنسڪرت ٻولي جي سٿل لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ بيٺل يا هڪ جاءِ
تي ٽڪيل ۽ وهندڙ آهي، تحقيق ڪندڙن جو اهو به چوڻ آهي ته ٿر جي معنيٰ خشڪ ريگستاني
علائقو آهي جتي ڪو به درياءِ نه وهندو
آهي، اڇڙو ٿر سانگهڙ ۽ خيرپور ضلعن 4805 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، سنڌ صوبي جي
چوپائي مال جو 65 سيڪڙو انگ اڇڙي ٿر ۽ ٿر ۾آهي، مون کي اڇڙي ٿر بابت ته وڌيڪ خبر
نه آهي پر ڪجهه ليکڪن کي ضرور پڙهيو آهي جن پنهنجي لکڻين ۾ اڇڙي ٿر بابت تمام گهڻو
ڪجهه لکيو آهي، اڇڙو ٿر علائقو ميرن جي خيرپور رياست جو حصو رهيو، جنهن ڪري ميرن
مختلف خيالن کان هتي ڪيترائي ڪوٽ ٺهرايا هئا، جن ۾ جبو، کوڙي وارو، کارو، کاروڙو،
ڪوٽ وغيره شامل آهن، اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ مارو ماڻهن کي هميشه برساتن جو انتظار هوندو
آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڇانهان، گدرا، گوار، پوکيندا ۽ انهن جي مال جو قدرتي گاهه
ٿيندو آهي، اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ سوين سالن کان
حجام، راڄڙ، ۽ ٻيون قومون آباد آهن. پر افسوس جو حڪومتي بي ڌياني سبب اڇڙي ٿر ۾ نه
ته پيئڻ جي صاف پاڻي جا ڪي جوڳا بندوبست ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي وري ٻارڙن جي تعليم
لاءِ ڪي اسڪول کوليا ويا آهن.
سنڌ ۾ ٿر جنهن
جي پکيڙ 22000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اڇڙي ٿر جي پکيڙ 23000 چورس ڪلوميٽرن ۾
ڦهليل آهي، اڇڙو ٿر سنڌ جي پنجن ضلعن سانگهڙ، نوابشاهه، خيرپور،
سکر، گهوٽڪي کان وٺي هندستاني سرحد تائين ڦهليل آهي. اڇڙو ٿر، ٿر جي ايراضي جي
لحاظ کان وڏو آهي، اڇڙي ٿر جون حدون پنجاب صوبي سان به ملن ٿيون، اڇڙي ٿر جي آبادي
ٻين علائقن جي ڀيٽ تمام گهٽ آهي ۽ اڇڙي ٿر
جي زمين وارياسي هجڻ ڪري پوکي جي لائق گهٽ هوندي آهي. اڇڙي ٿر جي واري اڇي
ٿئي ٿي، جنهن ۾ Silt ۾ Clay جا جزا تمام گهٽ هوندا آهن، اڇڙي ٿر جي واري ۾ Plasticity ۽ Elasticity جون خاصيتون نه هئڻ برابر آهن، هن واريءَ ۾ پاڻيءَ کي
روڪڻ جي صلاحيت به نه هئڻ برابر هوندي آهي، مطلب ته هن جا تهه
Permeable آهن، ٻي معنيٰ ۾
ٻوٽن کي پاڙ هڻڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي.
هونءَ ته سنڌ جا
ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جيڪي واڳ ڌڻين کان مڪمل طور وسري ويا آهن، انهن مان اڇڙو
ٿر به هڪ آهي، جتي ڪاري ڏڪار سبب بک، بدحالي مسڪين ماروئڙن جو مقدر بڻيل معمول
بڻيل هوندو آهي، جتي اڄ به ماروئڙا بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، جنهن سبب
ماڻهو زندگي عذاب ۾ گهارڻ تي مجبور بڻيل آهن.اڄ جي جديد دور ۾ به اڇڙي ٿر جا ماڻهو
بجلي،صاف پاڻي ۽گيس جي سهولت کان محروم بڻيل آهن، نه ته اتي ٻارڙن کي تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ڪو خاص انتظام فراهم ڪيو ويو آهي ۽ ئي وري حڪومت جا چونڊيل نمائندا ان علائقي ڏانهن لڙي وڃن ٿا، باقي رهي ڳالهه
اين جي اوز ته ان جي نه پڇو، جيڪڏهن اڇڙي ٿر جي ماڻهن کان پڇيو وڃي ته اهي اين جي
اوز جو نالو ٻڌي چڙي ويندا ۽ انهن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندا، ان جو سڀ
کان وڏو سبب اهو ئي آهي جو اڇڙي ٿر جا ماڻهو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهي دانهون
به ڪري رهيا آهن ته اين جي اوز جي يلغار اڇڙي ٿر ۾ ايندي آهي اهي ماڻهو انهن جي
ڏکن، دردن کي فوٽوز ۾ قيد ڪري هليا ويندا آهن ۽ وڃي عالمي ادارن کان اڇڙي ٿر جي
ماڻهن جي اهنجن،ڏکن سورن کي فوٽوز ۾ قيد ڪري لکين ڊالر وٺي عياشي ڪندا ۽ انهن جي
فلاح بهبود لاءِ ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويندو آهي، بهرحال ان ۾ ڪيتري صداقت آهي ان
بابت ته اڃان وڌيڪ اڇڙي ٿر جا اصل رهاڪو ئي وڌيڪ ٻڌائي سگهن ٿا، پر هڪ ڳالهه اها
سچ ئي آهي ته هن ملڪ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان عوام جي فلاح لاءِ وڏيون دعوائون
ته ڪيون وينديون آهن پر عملي قدم ڪو به نه کنيو ويندو آهي،
هن ايٽمي ملڪ ۾ ڪيتري ترقي ٿي آهي ۽ هن ايٽمي
ملڪ ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترا قدم کنيا ويا آهن ان جو اندازو اڇڙي
ٿر کي گهمڻ سان ئي لڳائي سگهجي ٿو، جتي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ جي ڪري ڪيترائي
ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن، ڪيترائي ڍور مري چڪا آهن ۽ ٻارڙا پراسرار بيمارين مبتلا ٿي رهيا آهن
پرمجال جو حڪومت جي ڪن تي جونءَ چري، جيڪڏهن اڇڙي ٿر چوپائي مال ڏي وجهنداسين
ته انهن ۾ ۾ به پراسرار بيماريون وچڙي
رهيون آهن ۽ ترت علاج نه ٿيڻ سبب جانور مري رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ ماڻهن جو گذر
سفر جو واحد ذريعو چوپايو مال ئي هوندو آهي، جنهن سبب اڇڙي ٿر جا ماڻهو چوپائي مال جو تمام
گهڻو خيال به رکندا آهن پر افسوس جو اڇڙي ٿر ۾ چوپائي مال جي علاج لاءِ ڪي خاص انتظام نه ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي وري اڇڙي
ٿر ۾ حڪومت طرفان ڪنهن به هنڌ تي جانورن جي اسپتالون قائم ڪيون ويون
آهن جنهن جي ڪري بيماريون ڦهلجڻ وارو سلسلو ڪڏهن رڪجندو نه آهي ۽ وڏي تعداد ۾ مال
مري ويندو آهي،هونءَ ته اڇڙي ٿر ۾ تڏهن ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ويندي آهي جڏهن وسڪارو
ٿيندو آهي بعد ۾ ته صرف گذر سفر اڇڙي ٿر واسين جو چوپائي مال تي هوندو آهي،
سانگهڙ،کپرو ۽ ناري تعلقي جا ماڻهو به جانورن ۾ ڦهلجندڙ بيمارين سبب پريشان ٿيندا
رهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڇڙي ٿر جي رهواسين کي تمام گهڻو نقصان به ٿي رهيو
آهي، هڪ طرف انهن جو مال متاءُ مري رهيو آهي ته ٻيو طرف وري اهي پاڻ به مختلف
بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، هڪ طرف اڇڙو
ٿر صوبائي حڪومت کان به وسري ويو آهي ته ٻي طرف وري وفاق به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، صرف وفاق جون اکيون آهن ته اهي صرف سنڌ جي
معدني وسيلن تي آهن ته باقي سنڌ جي تعليم، نوڪريون فراهم ڪرڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت
ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي نه آهي،
اڇڙي ٿر ۾ جانورن ۾ وچڙندڙ بيماري پکڙجڻ سبب
ڪيترائي ڍور مري چڪا آهن، اڇڙي ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ رڍون، ٻڪريون، ڳئون ۽ ٻيا جانور
به بيماري سبب موت جو کاڄ ٿي رهيا آهن، جڏهن به اڇڙي ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا
ٿي آهي هتان جي مسڪين ماروئڙن جو بک بدحالي مقدر بڻي آهي، جيڪڏهن اڇڙي ٿر ۾
برساتون نه پون ته هتان جا مسڪين ماروئڙا بي روزگار ٿيو وڃن، برساتون نه پوڻ جي
صورت ۾ اڇڙي ٿر جي سيدائو ، ڪيتلور، راڻائو، اسوڏر کاريو،
جعفرائو ڪاڪ ڪلور، ماڻڪو ڀورائو ۽ ٻين علائقن ۾ کوهه تل ترايون ۽ نلڪا
سڪي وڃن ۽ ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا
ٿيو وڃن، عورتون، مرد، معصوم ٻارڙا به ڏورانهن علائقن کان ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري
پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور ٿيو وڃن ۽ انهن جي خدمت جي دعويٰ ڪندڙ فلاحي ادارا انهن
جا فوٽو ڪڍي امداد وٺڻ لاءِ هليو وڃن، ڏڪار جي صورت ۾ اڇڙي ٿر جا ماڻهو کارو پاڻي
واپرائڻ تي به مجبور ٿي ويندا آهن ۽ اهي پيٽ ۽ چمڙي سميت مختلف بيماري ۾ مبتلا ٿي
ويندا آهن پر ان باوجود اڇڙي ٿر جي ماروئڙن جي ڪو به واهر ڪرڻ لاءِ لڙي نه ايندو
آهي جنهن سبب هتان جا ماڻهو ڏکن ۽ سورن جي زندگي گهارڻ تي مجبور هوندا آهن.
جيڪڏهن هن وقت
به حڪومت چاهي ته اڇڙي ٿر واسين جي زندگي تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ اين جي اوز وارا به
جيڪڏهن همت ڪن ته اڇڙي ٿر جي ڳوٺن ۾ اسڪولن سميت اتان جي ماڻهن ۾ تعليم بابت
جاڳرتا به پيدا ڪري سگهن ٿا پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن هتان جا واڳ ڌڻي
اڇڙي ٿر ڏانهن ڌيان ڏين، جيڪڏهن اهي ئي اڇڙي ٿر جي ماروئڙن جي مقدر کي تبديل ڪرڻ
لاءِ ڪي به قدم نه کڻندا ته پوءِ آخر ڪئين اهو ممڪن ٿي سگهندو؟ هن وقت به جيڪڏهن
اختيار ڌڻين اڇڙي ٿر تي ڌيان نه ڏنو ته پوءِ هتان جا ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان
ويندي علاج جي سهولتن کان به محروم بڻيل رهندا ۽ انهن جي ڏکن ۽ اهنجن کي فوٽوز ۾
بند ڪري نام نهاد ماڻهو فنڊ گڏ ڪندا رهندا، حڪومت کي گهرجي ته اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي
سهائتا ڪري ۽ اهڙا عملي قدم کڻي جو اڇڙي ٿر ۾ رهندڙ ماروئڙن جي جي زندگي بهتر ٿي
سگهي ۽ انهن جي تعليم سان گڏو گڏ صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي جو به جوڳو بندوبست ڪيو
وڃي ته جئين صدين کان رهندڙ ماروئڙا بهتر معاشري جا فرڊ بڻجي هن ملڪ جي خدمت ڪري
سگهن ۽ انهن جا معصوم ٻارڙا به تعليم جهڙي زيور کان محروم نه بڻجي سگهن ۽ اهي به
علم حاصل ڪري پنهنجو ۽ ملڪ جو مستقبل روشن ڪري سگهن.
No comments:
Post a Comment