صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس معاملي هن ڀيري هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، نواز سرڪار طرفان
سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران
قطر جي شهزادي جو خط پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ قطر جي شهزادي اهوچيو آهي ته شريف خاندان 1980ع الثاني گروپ ۾ ريئل اسٽيٽ ۾
جيڪا سيڙپڪاري ڪئي انهن مان لنڊن ۾ فليٽ ورتا ويا، جنهن کي عدالت سڳوري چيو ته قطر
شهزادي جو خط وزيراعظم نوازشريف جي بيان
جي ابتڙ آهي، ٻي طرف عمران خان به فيصلي تائين پارليامينٽ نه وڃڻ جو پڪو پهه ڪري
ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هو فيصلو اچڻ تائين پارليامينٽ نه ويندو، جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته قطر جي شهزادي جو خط ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پاناما
ليڪس ڪيس هلي رهيو آهي،
جيتوڻيڪ پاناما بابت عمران خان توڙي ٻين سياسي جماعتن طرفان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج هلندڙ
آهن پر ان باوجود نواز ليگ طرفان اهو بيان ڪڏهن به جاري ناهي ڪيو ويو، هن ڀيري جنهن
ريت نواز سرڪار قلابازي کاڌي آهي ان مان لڳي رهيو آهي ته پاناماڪيس مان نواز سرڪار
جلد کان جلد جان آجي ڪرائڻ چاهي ٿي ته جئين ايندڙ اليڪشن ۾ ٻيهر چونڊن جي ڀرپور
تياري ڪري سگهن ۽ عوام وٽ وڃي اهو چئي سگهن ته هنن پاناما معاملي جي صاف شفاف جاچ
ڪرائي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي ۾ نواز ليگ طرفان ٻيا ڪهڙا ثبوت پيش ڪيا
وڃن ٿا جنهن سان اهو ثابت ٿي سگهي ته وزيراعظم نوازشريف جا ٻارڙا پاناماليڪس
معاملي کان آجا آهن ۽ انهن جي ڪا به
غيرقانوني ملڪيت نه آهي ۽ نه ئي نواز سرڪار ملڪ مان ناڻو پرڏيهه منتقل ڪيو آهي،
ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف سربراهه خان سميت مختلف پارٽين طرفان نوازشريف تي اهو الزام
به لڳايو ويو آهي ته نوازشريف ملڪ جي دولت لٽي ٻاهرن ملڪن منتقل ڪئي آهي ۽ کيس
لٽيرو به ڪوٺي رهيا آهن،
بهرحال هن وقت تائين اهي سياستدان صرف بيان ڏيڻ تائين محدود آهن اهي ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهن ها، جيڪي الزام
اهي نوازشريف ۽ سندس ٻارڙن تي لڳائي رهيا آهن پر عمران خان گذريل ڪيتري ئي عرصي
کان اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هو ڪرپٽ وزيراعظم کي تسليم نه ٿو ڪري ۽ عمران خان
وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪري رهيو آهي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين
بلاول ڀٽو زرداري طرفان پاناما معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، مختلف وقتن تي تحريڪ
انصاف طرفان پيپلزپارٽي سان به ڳٺ جوڙ ٿيندو رهيو آهي پر اڄ ڪلهه ٿورا ويڇا وڌي
ويا آهن ۽ اهي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي خلاف به بيان ڏيڻ شروع ٿي ويون آهن جنهن سبب
پاناما ليڪس معاملي تي هاڻ عمران خان سان گڏ صرف شيخ رشيد نظر اچي رهيو آهي، جيڪو
هن وقت به عمران خان جي فيصلي کي لبيڪ چئي رهيو آهي، اسلام آباد واري ڌرڻي جي
حمايت به شيخ رشيد ئي ڪئي هئي، جڏهن ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر
القادري ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ شرڪت کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو. هڪ طرف سرحدي ڇڪتاڻ هلندڙ آهي ته ٻي طرف وري
توانائي جو بحران آهي پر ان باوجود ملڪ ۾ سياسي پارٽين ۾ هن وقت تائين اتفاق نه ٿي
سگهيو آهي پر ان باوجود نوازسرڪار اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته هو ملڪ مان توانائي
بحران ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
جڏهن نواز سرڪار چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل
ڪئي هئي ته ان وقت وزيراعظم نوازشريف اهو اعلان ڪيو هو ته هو توانائي بحران جو خاتمو آڻيندو ۽ ان حوالي سان
نوازشريف ملڪ ۾ گئس جي پيدا وار وڌائڻ لاءِ ڪوششون به ڪيون ۽ ٻين ملڪن سان
معاهده ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، ان سلسلي ۾
وزيراعظم نوازشريف ڪجهه عرصو اڳ قطر جو دورو ڪيو به ڪيو مارچ 2015ع ۾ ايل اين جي
جي پهرين شپمنٽ پاڪستان ۾ آئي ۽ پهريان ايل اين جي ۽ بعد ۾ ٽيڪسٽائڻ شعبي ۾ درآمد
گيس فراهم ڪئي وئي پر معاهدي کان سواءِ گيس
۾ واڌ نه ٿي سگهي ۽ فيبروري ۾ وزيراعظم نوازشريف دوري دوران قطر سان 15 سالن لاءِ گيس جي درآمد
لاءِ معاهدي تي صحيح ڪئي، جنهن تحت پاڪستان کي ايندڙ 16 سالن ۾ 16 ارب ڊالر
درآمد ڪندو، گيس جي قيمت پٽيروليم جي قيمت جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي، ، ايل
اين جي جي درآمد سان پاڪستان جي 20 سيڪڙو ضرورت پوري ٿي رهي آهي، قطر کان ايل اين
جي گيس صرف پاڪستان نه پر ٻيا به ڪيترائي ملڪ
حاصل ڪري رهيا آهن، انهن مان چين، ڪوريا، جاپان، ڀارت، ٿائي لينڊ، انڊونشيا
۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.
بهرحال پاڪ قطر لاڳاپا پنهنجي جاءِ تي آهن پر جڏهن تحريڪ انصاف طرفان اسلام
آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو تڏهن ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هئي ۽ ڪي پي
جي وڏي وزير کي به پنجاب ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيوويو هو ۽ سياسي ڇڪتاڻ تمام گهڻو وڌي
هئي، تڏهن ئي پاناما معاملو سپريم ڪورٽ ۾هليو ويو هو ۽ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي به ٿي
رهي آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران پاناما ڪيس تي فيصلي اچڻ تائين پارليامينٽ نه
وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پاناما معاملي تي نواز سرڪار به قلابازيون کائي رهي آهي اڳ ۾ جيڪو
فيلٽس بابت بيان جاري ڪيو ويو هو ان ۾ به تبديلي آندي وئي آهي ۽ هاڻ موقف تبديل
ڪيو ويو آهي، جئين عمران خان پنهنجي هر احتجاج يوٽرن وٺندو رهيو آهي، جڏهن کان پاناما ليڪس معاملو
سپريم ڪورٽ ۾ ويو آهي تنهن ڏينهن کان عمران خان ۽ نواز سرڪار طرفان بيان بازي واري
عمل ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي ۽ سياسي ماحول ۾ ٿوري ٺاپر نظر اچي رهي آهي، لڳي
رهيو آهي ته ملڪ اندر امن ۽ امان جي صورتحال قائم ٿي رهي آهي ۽ سياسي پارٽيون به پاناما معاملي تي خاموش
ٿي ويون آهن،
جيتوڻيڪ هن وقت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاناما معاملي تي ڪي خاص بيان
نه ڏئي رهيو آهي پر سندس پارليامينٽ جي بائيڪاٽ واري فيصلي مان اهو ظاهر ٿي رهيو
آهي ته هو هن وقت به پاناما ليڪس واري معاملي تي تمام گهڻو سنجيده آهي ۽ کيس عدالت
مان جلد کان جلد پاناما ڪيس تي فيصلي جي اميد آهي جنهن سبب هو پارليامينٽ ۾ نٿو
وڃڻ چاهي، عمران خان جو موقف آهي ته جيستائين سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس معاملي
بابت ٻڌڻي هلي رهي آهي، ان وقت تائين هو پارليامينٽ ۾ نه ويندو. جڏهن ته نواز
سرڪار طرفان به هن ڀيري قلابازي کاڌي وئي آهي ۽ پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم جي ٻارن
پاران قطر جي شاهي خاندان جو بيان پيش ڪيو ويو جنهن ۾ قطر جي شهزادي جي حمد جاسم
طرفان چيو ويو آهي ته شريف خاندان 1980ع الثاني گروپ ۾ ريئل اسٽيٽ ۾ جيڪا سيڙپڪاري
ڪئي ان مان لنڊن ۾ چار فيلٽ خريد ڪيا ويا، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران مريم، احسن ۽
حسين نواز جي وڪيل اڪرم شيخ قطر جي شهزادي حمد جاسم بن جابر الثاني جو خط پيش ڪيو
هو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته لنڊن ۾
فليٽن جي مالڪيءَ وارو دستاويز حساس ۽ وزيراعظم جي موقف جي ابتڙ آهي. چيف جسٽس آصف
سعيد کوسي چيو ته قطر جي شهزادي جي خط ۾ فقط ٻڌل ڳالهيون آهن، جيڪي دستاويز جمع
ڪرايا ويا اهي وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ڏنل بيان جي ابتڙ آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نواز سرڪار سان سهڪار قطر جي شهزادي طرفان ڇو ڪيو ويو،
ڇاڪاڻ ته سڀني کي خطر آهي ته جڏهن نوازشريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو ان
وقت سعودي عرب ئي کيس بچايو هو ۽ نوازشريف کي خاندان سميت سعودي ۾ ئي رهڻو پيو هو
پر قطر جي شهزادي جاسم الثاني طرفان
نوازشريف جي ٻارڙن بابت بيان جاري ڪرڻ هر هڪ کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن
ته سياستدانن ۽ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته قطري شهزادي جي خط جي ڪا به حيثيت نه
آهي، هاڻ جڏهن پاناما ڪيس اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ قطر جهڙيون اهم شخصيتون پاناما معاملي ۾ انٽري به ڪري
رهيون آهن، ٻي طرف وري وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس پٽ حسين نواز جي جواب ۾ تضاد به وڏا سوال کڙا ڪري ڇڏيا آهن،
جنهن سبب هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ معاملو وڃڻ کان پوءِ نواز سرڪار وڌيڪ منجهاري جو شڪار
نظر اچي رهي آهي، اڳ ۾ احتجاج روڊن تي ٿي رهيو هو پر پوءِ به نواز سرڪار ايترو پريشان
نظر نه اچي رهي هئي پر هاڻ عدالت ۾ نوازشريف ۽ حسين نواز جي جواب ۾ تضاد به نواز
سرڪار لاءِ هڪ وڏو چينلج بڻجي ويو آهي.
No comments:
Post a Comment