Pages

Tuesday, 15 November 2016

احتجاج جو حق کسڻ وارو حڪومتي ڏاڍ

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻين کي احتجاج ڪرڻ کان حق کسڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن،ڪڏهن ڌرتي ڌڻين کي بندوقن جي زور تي احتجاج کان روڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري احتجاج ڪندڙن تي قانون جا رکوالا ڪڙڪي پوندا آهن ۽ انهن مٿان لٺباري، واٽر ڪينن جو استعمال ڪندا آهن، جيڪيڏهن ڪو ڌاريو احتجاج ڪندو آهي ته نه سنڌ حڪومت جي ايتري همت هوندي آهي ته انهن جو احتجاج ختم ڪرائي سگهي ۽ نه ئي وري اهي انهن احتجاج ڪندڙن کي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڃڻ کان روڪي سگهندي آهي، سنڌ حڪومت جو ڏاڍ هلندو آهي ته اهو صرف سنڌين تي هلندو آهي،جيڪڏهن اهي ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ڪن ته انهن کي لٺيون هڻي احتجاج ختم ڪرايو ويندو  آهي، جيڪڏهن ڪو پنهنجي ٻچڙن جي گمشدگي جي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو آهي ته انهن کي به سنڌ سرڪار پنهنجي طاقت ذريعي خاموش ڪرائي ڇڏيندي آهي ۽ اهو سلسلو مشرف دور کان هلي رهيو آهي، فرق صرف ايترو آهي ته اڳ ۾ڌاري حڪومت سنڌ جي ماڻهن تي ظلم ڪندي هئي ۽ اڄ سنڌ جا ڄاوا جيڪي سنڌين جي ووٽن تي اقتدار ۾ آيا اهي ئي حڪم جاري ڪري سنڌين تي لٺيون وسائي رهيا آهن، جيڪڏهن استاد پگهارن لاءِ احتجاج ڪتن ته انهن کي به پوليس ۽ ٻيا ادارا انهن جو استقبال شيلنگ سان ڪندا آهن ۽ انهن تي لٺين جو وسڪارو ڪندا ۽  هتان جا ڪامورا کلندا ٺهڪ ڏيندا آهن ۽ انهن  اڳواڻن کي ايترو به رحم نه ايندو آهي ته اهي ڪنهن تي تشدد ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري رهيا آهن، انهن ڪامورن کي ايترو به احساس نه ٿيندو آهي ته جن ماڻهن انهن کي ووٽ ڏئي ان ڪرسي تي ويهاريو آهي ۽ اهي ڪامورا انهن تي ئي ظلم ڪري رهيا آهن، بهرحال ان ۾ قصور انهن ڪامورن جو نه آهي پر قصور ته انهن جو به آهي جيڪي اهڙو ظلم برداشت ڪرڻ باوجود به انهن کي هر ڀيري اقتدار ۾ ووٽ ڏئي آڻيندا  رهندا آهن،
ڪجهه عرصو اڳ پنجاب ۾ ڊاڪٽرن طرفان احتجاج ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جي ڪامورن چيو هو ته پنجاب حڪومت احتجاج جوحق نه کسي ۽ انهن جا جائز مطالبا پورا ڪري افسوس جو اهي ئي ڪامورا اڄ سنڌ جي ماڻهن کان احتجاج جو حق کسي رهيا آهن ۽ انهن کي سچ ڳالهائڻ کان به روڪي رهيا آهن ته جئين اهي پنهنجا جائز مطالبا مڃرائي نه سگهن، ڪراچي  ۾ آبپاشي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو ته پوليس انهن مٿان ڪڙڪي پئي ۽ انهن تي لٺبازي ۽ واٽر ڪيٽنن جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ڪيترائي ملازم ٿي پيا، جڏهن ته يونين اڳواڻ عبدالرحيم ڀارو سميت 50 کان وڌيڪ ملازمن کي حراست ۾ به و رتو ويو، جن کي بعد ۾ آزاد به ڪيو ويو، جن جو اهو ئي مطالبو هو ته کين سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، سروس اسٽرچڪر ۽  ٻيا جائز مطالبا مڃيا وڃن پر حڪومت انهن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انهن تي لٺبازي جو  حڪم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي ملازم زخمي ٿي پيا، هي ڪو پهريون ڀيرو نه هو جو احتجاج ڪندڙن مٿان لٺبازي ڪئي وئي هجي، ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ۾ نرسن طرفان به ڌرڻو هنيو ويو هو، انهن مٿان به واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو هو، استادن طرفان به احتجاج ڪيو ويو هو ۽ انهن تي به پوليس پنهنجا هٿ صاف ڪيا هئا ۽ ڪيترن ئي استادن کي حراست ۾ به ورتو ويو هو.
پر افسوس جو جڏهن به سنڌ ۾ ڌارين احتجاج ڪيو آهي ته ان وقت سنڌ جا ڪامورا وات ڪپڙو وجهي خاموشي سان وڃي رهيا آهن ۽ انهن سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ انهن ڏانهن ڳالهين لاءِ وفد به موڪليو ويندو پر جڏهن ڪو سنڌي احتجاج ڪندو آهي ته هتان جا ڪامورا جيڪي به پاڻ کي سنڌي ۽ سنڌ جا سڄڻ سڏرائيندا آهن اهي سنڌين سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن جنهن جو مثال ڪراچي ۾ آبپاشي ملازمن جي ٿيل احتجاج مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن انهن حڪمرانن کي سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ به عيب محسوس ٿي رهيو آهي ته پوءِ آخر اهي انهن عهدن تي ويٺا آهن ته آخر ڇو ويٺا آهن، جيڪڏهن اهي مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ اهي عهدا ڇڏين ڇو نه ٿا، هڪ طرف يونيورسٽين مان شاگرد گم ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري استادن کان ويندي آبپاشي ملازمن تائين احتجاج جو به سلسلو جاري آهي، نه ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ۽ نه ئي وري روزگار جا ڪي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن، هڪ طرف پوليس جعلي مقابلن ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري حڪمران نوان نوان قانون ٺاهي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران ويتر پريشانين ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن،
سنڌ جو ڪو ئي اهڙو کاتو بچيو هوندو جنهن جا ملازم پريشان نه ٿيا هجن، ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کان ويندي، آبپاشي ملازمن تائين هر هڪ سراپا احتجاج بڻيل آهي، سنڌ جو ڪو ئي اهڙو شهر بچيو هوندو جتي احتجاج نه ٿيو هجي، استاد به پگهارون نه ملڻ جون دانهون ڪندي نظر اچي رهيا  آهن ته شهري به سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ جي شڪايت ڪري رهيا آهن پر ان وقت به حڪومت صرف پنهنجا روايتي بيان ڏيڻ ۾ پوري نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب مسئلا سنڌ ۾ ختم ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، پ پ جي گذريل حڪومت ۾ جڏهن ڪوئيٽا ۾ زيارين کي قتل ڪيو ويو هو ته تڏهن ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويو هو ۽ ڪجهه سنڌ سرڪار جا ڪامورا انهن سان ڳالهيون ڪرڻ ويا هئا ۽ احتجاج ڪندڙن  ڳالهيون ڪندڙ انهن ٻنهي اڳواڻن سان اهڙو حشر ڪيو هو جو اڄ به اهي ياد ڪندا هوندا پر افسوس جو سنڌين اهڙو ورتاءُ ڪامورن سان اڄ به نه ڪيو آهي جنهن سبب اڄ اهي احتجاج ڪرڻ وقت شيلن ۽ واٽر ڪينن جي استعمال کي برداشت ڪري رهيا آهن، هڪ طرف جيڪي ملڪ کي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آهن ۽ ٻي طرف ناپاڪ ماڻهو جيڪي صوفين جي ڌرتي کي ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن انهن کي سڌ جا ڪاموران اکين تي رکندا آهن ۽ انهن جي مرڪزن تي حاضري به ڀريندا آهن ۽ انهن جا سمورا مطالبا به منظور ڪندا پر جيڪڏهن ڪو سنڌي احتجاج ڪري يا گهري ته انهن لاءِ صرف هڪڙو ئي حڪم جاري ڪندا آهن ۽ اهو حڪم صرف احتجاج کي ڊٻائڻ لاءِ هوندو آهي.
حڪومت کي گهرجي ته سنڌ ۾ تعليم، صحت سميت پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ ماڻهن کي جائز حق به ڏئي ته جئين انهن کي احتجاج ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، سرڪاري ملازمن جا به سمورا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، جيڪڏهن ڪي استاد احتجاج ڪن ته انهن مٿان تشدد بدران انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ انهن جا گهٽ ۾ گهٽ مطالبا مڃيا وڃن جئين اهي ڌارين جي لوڌ سان ڳالهيون ڪندا آهن ۽ سنڌ حڪومت کي اهو ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو ته ڌارين سان ڳالهيون ۽ سنڌين لاءِ طاقت جو استعمال، اهو سلسلو بند ڪرڻو پوندو سنڌ جي ڪامورن کي ٻي صوررت ۾ ائين نه ٿئي ته جيڪي ماڻهو کين اقتدار ۾ آڻين ٿا، اهي تنگ ٿي کين ووٽ ڏيڻ بند ڪري ڇڏين، جيڪڏهن ڏٺو وڃي نه ته هن ملڪ ۾ آبادگارن کي فصل جو مناسب اگهه ڏنو وڃي  ٿو ۽ نه ئي وري نوجوانن کي روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا وڃن ٿا جن سان هو روزگار ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهن. 

No comments:

Post a Comment