صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ 19 سالن کان پوءِ 63 ضلعن ۾ ڇهين آدمشماري وارو عمل شروع ٿي ويو آهي ، پهرين مرحلي ۾ گهر ن ۽ گهراڻن جي ڳڻپ وارو سلسلو
به جاري آهي، مختلف هنڌن تان ماڻهو شڪايتون به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود هن وقت تائين ڪنهن به انهن جي
مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيو آهي، آدمشماري جي پهرين مرحلي جي پهرين ڏينهن
سنڌ جي گادي واري شهر ۾
گلستان جوهر واري علائقي ۾ گهر شماري وارا فارم پينسل سان ڀريا پيا وڃن، جنهن جي
وڊيو ميڊيا تي به منظر عام تي آئي هئي، آدمشماري عملي جي هڪ عورت ته ميڊيا کي به
بيان ڏيندي چيو هو ته هو پينسل سان ان ڪري فارم ڀري رهي آهي ته جئين کانئنس ڪا
غلطي نه ٿي وڃي، جڏهن اهڙيون خبرون ميڊيا تي گرڊش ڪرڻ لڳيون ته سنڌ جا ساڃاهه وند
به پريشان ٿي ويا ۽ سياسي، سماجي تنظيمن طرفان اهڙي حرڪت تي ڳڻتي جو به اظهار ڪيو
ويو پر جڏهن کان آدمشماري
جو مرحلو شروع ٿيو آهي ان ڏينهن کان سنڌ ۾ ته هڪ بيچيني واري لهر پکڙجي وئي آهي،
اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن جيڪي آدمشماري واري
فهرستن ۾ شامل ئي نه ڪيا ويا آهن، جيڪي احتجاج به ڪري رهيا آهن، ٽنڊو ڄام جي ڳوٺ
سارنگ فقير گوپانگ جي رهواسين به آدمشماري عملي طرفان ڳڻپ نه ڪرڻ واري عمل خلاف
احتجاج ڪيو آهي،
پيپلزپارٽي جي اڳواڻن به اهڙي عمل جي مذمت ڪئي آهي پر ان باوجود انتظاميه جي
ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي. هن وقت اهو به ٻڌڻ اچي رهيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، گهوٽڪي
ضلعن سمييت سيوهڻ تعلقي ۾ آدمشماري ڪندڙ عملو پينسل سان فارم ڀري رهيو آهي، خاص طور تي سنڌي ڳالهائيندڙ ته اهڙي عمل کي سنڌ جي خلاف
هڪ وڏي سازش قرار ڏئي رهيا آهن، جيتوڻيڪ آدمشماري جي هر ٽيم سان هڪ فوجي اهلڪار ۽ پوليس اهلڪار به گڏ آهي پر پوءِ
الائي ڇو ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ٽيمون پنهنجي مرضي موجب پنهنجا فيصلا ڪري
رهيون آهن، جنهن علائقي وڃڻ چاهين ٿيون انهن علائقن ڏانهن وڃي رهيو آهي، جتي اهي
نٿيون چاهين، اتي ڳڻپ نه پئي ڪئي وڃي، ان جو مثال حيدرآباد جي ٻهراڙي تعلقي مان ملي ٿو، جتي آدمشماري جي پهرين مرحلي جي ٻئي ڏهاڙي تي به ڳوٺاڻا احتجاج ڪري
رهيا هئا. گهوٽڪي مان به اهڙيون ئي خبرون ميڊيا تي نشر ٿي رهيون هيون ته ڪجهه هنڌن
تي فارم پينسل سان ڀريا پيا وڃن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ آدمشماري ٿي رهي آهي سڪيورٽي جا
انتظام به سخت ڪيا ويا آهن پر ان باوجود مختلف هنڌن تان شڪايتون اچڻ به هڪ سواليه نشان بڻجي ويو
آهي، هن وقت سنڌ جي
ڪيترن ئي شهرن مان اهي خبرون به ٻڌڻ ۾ اچي رهيون
آهن ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن جن هن وقت تائين پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ به نه ٺهرايا
آهن، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو آدمشماري دوران عملي طرفان فينسل سان فارم ڀرڻ جو
آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته اهو مسئلو حل به ٿي سگهي پيو پر ميڊيا تي اهي خبرون نشر ٿيڻ باوجود هن وقت ڪو
به نوٽيس نه ورتو آهي،
بهرحال 19 سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ آدمشماري جي شروعات ٿي وئي آهي، جنهن جو پهريون مرحلو 13
اپريل تي مڪمل ٿيندو. جڏهن ته ٽيمن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، گهوٽڪي ضلعي ضلعي ۾ 648 ٽيمون جوڙيون ويون آهن ،
حيدرآباد ۽ سيوهڻ ۾ سڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي
ته حيدرآباد ۾3 سئو 51 سرڪل، 272 چارجز ۽
2 هزار 69 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، جن مان 32 کي حساس قرار ڏنو ويو
آهي. ان باوجود مختلف علائقن مان دانهون به ٿي رهيون آهن. آدمشماري جي عملي کي
فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار سڪيورٽي فراهم ڪري رهيا
آهن، ڪراچي ۾ به آدمشماري جي عملي کي
سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن اهو چيو ويو
هو ته آدمشماري بابت فارم پين سان ڀريا ويندا پر افسوس جو آدمشماري جي پهرين ڏينهن
ئي پينسل سان فارم ڀرڻ وارو واقعو پيش آيو، جنهن بعد سڄي سنڌ ۾ شروع ٿيل آدمشماري
تي تمام گهڻا خدشا وڌي ويا آهن، جيتوڻيڪ شڪايتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن پر ان
باوجود سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت آدمشماري بابت نشر ٿيندڙ خبرن جو ڪو خاص نوٽيس
نه وٺي رهي آهي. هڪ طرف سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جو مسئلو آهي
ته مٿان وري آدمشماري ۾ جيڪو عملو مقرر ڪيو ويو آهي اهو به اهڙيون حرڪتون ڪري رهيو
آهي جنهن سان هن آدمشماري کي ڪنهن به ريت صاف شفاف نه ٿو چئي سگهجي.
جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته گذريل عرصي کان وفاقي حڪومت آدمشماري نه ڪرائي هئي ۽ ماڻهو احتجاج به ڪري رهيا
هئا به پر ان باوجود آدمشماري ڪرائڻ بابت ڪي به اعلان نه ڪيا ويندا هئا پر هاڻ
ته آدمشماري وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي پر ان باوجود ماڻهو ٻڏتر جو شڪار آهن، اهو
سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو جيڪي به ٽيمون جوڙيون ويون آهن، اهي پينسل سان فارم
ڀري رهيون آهن، جنهن سبب عوام پريشان ٿيندو پيو وڃي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
توڙي ٻين اعليٰ اختيارن اهڙي عمل جي نه ته خاص مذمت ڪئي آهي ۽ نه ئي آدمشماري بابت
عملي کي پينسل نه استعمال ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. هڪ طرف سنڌ جو عوام هن
آدمشماري کي پنهنجي موت ۽ زندگي جو مامرو تصور ڪري رهيو آهي ته مٿان ٽيمن جي
حرڪتون ڪري انهن کي ويتر مڇرائي رهيون آهن، ائين لڳي رهيو
آهي ته انهن ٽيمن کي يا ته تربيت نه ڏني وئي آهي يا وري اهي ٽيمون هڪ سازش
تحت پينسل سان فارم ڀري رهيون آهن ۽ اهي خدشا ان ڪري پيدا ٿي رهيا آهن جو سڄي ملڪ
۾ پينسل سان فارم ڀرڻ واريون خبرون نشر ٿيڻ بعد ٻڙڌڪ ٻچي ويو آهي، خاص طور تي سنڌ
جا ماڻهو ته تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن.
هن وقت صرف
اهو ئي سوچي رهيا آهن ته پهرين مرحلي ۾ ئي جيڪڏهن اهڙو حشر ڪيو ويو آهي ته اڳتي
هلي ڪهڙو حشر ڪيو ويندو. بهرحال هن وقت آدمشماري وارو سلسلو جاري آهي. جنهن کي
تمام گهڻي واکاڻ به ڪئي پئي وڃي ته پر اتي ڪيترائي خدشا به جنم وٺي رهيا آهن ۽ اهي
خدشا حڪومت ئي ختم ڪري سگهي ٿي جيڪا حڪومت جي ذميواري به آهي، جيڪڏهن هن وقت وفاقي
سرڪار آدمشماري واري عمل دوران فارم پينسل سان ڀرڻ واري
مامري جي صاف شفاف جاچ نه ڪرائي ته پوءِ هن آدمشماري کي ڪنهن به صورت صاف شفاف نه
چئي سگهجي ۽ ائين سمجهيو ويندو ته هي آدمشماري صرف ڏيکارڻ لاءِ هئي ۽ سنڌين جا حق
غضب ڪرڻ لاءِ ڪرائي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌين ئي سڀ کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ جو
مطالبو ڪيو هو ۽ احتجاج به ڪيا ويا هئا، اهو ان صرف ان ڪري ٿي رهيو هو ته سنڌ ۾
ڌارين جي لوڌ کي ڀريو ويو هو ۽ سنڌين جو مستقبل به داءُ تي لڳل هو ۽ اڃا به لڳل
آهي، ڇاڪاڻ ته هتي اڃا به ڪيترائي افغان پناهگير ترسيل آهن جن وٽ شايد هتان جا
سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهيل آهن، هاڻ اها وفاقي حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته سنڌين جا خدشا
ختم ڪرائي ڇهين آدمشماري کي صاف شفاف بڻايو وڃي.
sahibalisindhi@gmail.com
No comments:
Post a Comment