صاحب خان ڀٽي
دهشتگردي سبب سڄي دنيا ۾
ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، شام، عراق
۽ يمن سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون به ٿي رهيون آهن،
انهن ڪاررواين ۾ عام شهري جو به نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي
جو جن علائقن ۾ دهشتگردن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي انهن حملن ۾ عام ماڻهو اجل
جو شڪار ٿي رهيا آهن، اهڙي رپورٽ گڏيل قومن جو ادارو به جاري ڪري چڪو آهي، بهرحال
هن وقت دنيا کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ تنظيم داعش آهي جنهن خلاف
ڪارروايون به ٿي رهيون آهن، اڳوڻو آمريڪي صدر بارڪ اوباما به دهشتگرد تنظيم کي سڄي
دنيا لاءِ خطرو قرار ڏنو هو، هن وقت اتحادي فوج طرفان شام، عراق ۽ يمن ۾
ڪاررووايون به ٿي رهيون آهن، آمريڪا طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ چيو ويو هو ته داعش
افغانستان ۾ پاڻ کي مضبوط ڪري رهي آهي ۽ اهو به چيو ويو هو ته افغانستان جي ڪنڙ
واري علائقي ۾ انتهاپسند داعش کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سڀ کان اڳ عراق
۾ داعش پنهنجيون ڪارروايون شروع ڪيون هيون بعد ۾ شام سميت ٻين ملڪن ۾ پنهنجين
دهشتگردن ڪاررواين سان موجودگي جو احساس ڏياريندي رهي آهي، داعش تنظيم ئي ڪيترين
ئي دهشتگردي جي ڪاررواين جي ذميواري به قبول ڪئي آهي،
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن پاڪستان ۾
دهشتگرد تنظيم داعش جي چاڪنگ ٿي هئي ته ان وقت وفاقي حڪومت اهڙين خبرن جي ترديد
ڪري ڇڏي هئي پر هاڻ جڏهن کان ملڪ اندر
ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن تنهن ڏينهن کان ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي ۽
انهن مارجي ويل دهشتگردن بابت ٻڌايو ويو آهي ته انهن مان ڪجهه دهشتگردن جو تعلق
داعش سان به هو، هن وقت سڄي دنيا ۾ داعش جو خوف ڇائنجي رهيو آهي، جنهن به ملڪ ۾
داعش جي موجودگي جو ٿورو به اشارو مليو آهي انهن ملڪن کي ته تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو
آهي، ماضي ۾ طالبان ۽ القاعده جي نالي تي مختلف ملڪن تي حملا ڪيا ويا هئا پر هاڻ
خطرناڪ دهشتگرد تنظيم داعش به اچي وئي آهي جنهن بابت آمريڪا چئي رهيو آهي ته اها
سڄي دنيا لاءِ وڏو خطرو آهي، جيڪڏهن دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻو آهي ته پوءِ ان دهشتگرد
تنظيم کي چٿڻو پوندو. پر هن وقت تائين سڄي دنيا جي فوج ان دهشتگرد
تنظيم کي ختم نه ڪري سگهي آهي پر هان ان دهشتگرد جي تنظيم جي موجودگي بابت ڪجهه
نشان پاڪستان ۽ افغانستان مان به ملي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا ۾ خبرون هلي رهيون
آهن ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود انتهاپسند داعش جي مدد ڪري سگهن ٿا،
هاڻ خبر ناهي ته ان ڳالهه ۾
ڪيتري صداقت آهي ، اهو ته آمريڪا ڄاڻي ۽ انتهاپسند ئي ڄاڻين پر جيڪڏهن اها ڳالهه
درست آهي ته پوءِ هتي به امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي ويندي. هونءَ ته هن ملڪ
۾ اهي دهشتگرد تنظيمون درگاهن ۽عبادتگاهن تي حملا ڪنديون هيون اهي اڳتي هلي هن ملڪ لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار
ثابت ٿينديون، تنهن جي لاءِ ضروري آهي ته وفاقي حڪومت کي اکيون پٽڻ گهرجن ۽ جلد
کان جلد داعش جي سهولتڪارن ۽ داعش جي دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪن پوءِ ڀلي
اهي هن ملڪ جا انتهاپسند ڇو نه هجن، جيڪڏهن
هن وقت دهشتگردن خلاف حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته اها دهشتگرد اڃان وڌيڪ مضبوط ٿي
ويندا ۽ تنهن لاءِ اهڙن دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏيڻ گهرجي ته اها
پنهنجا پير مضبوط ڪري سگهن. هن وقت اها ڳالهه تمام گهڻي اهميت رکي ٿي ته هن ملڪ ۾
امن قائم ڪرائڻ لاءِ سرحدن کي وڌيڪ محفوظ بڻايو وڃي ته جئين اڳتي هلي ڪنهن وڏي
نقصان کان بچي سگهجي.
جيڪڏهن هن ملڪ ۾ دهشتگرد
ڪارروايون ٿينديون رهيون ۽ انهن جي ذميواري داعش قبوليندي رهي ته اتحادي فوج هن
ملڪ کي دوزخ بڻائڻ ۾ دير نه ڪندي، جنهن جو مثال عراق، شام ۽ يمن مان آساني سان ملي ٿو، جتي اتحادي فوج دهشتگردن
جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪندي ڪندي ڪيترن ئي شهرن کي اجاڙي ڇڏيو آهي، ڪيترائي شهر ويران
ٿي ويا آهن ۽ اتان جو عوام هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، تنهن جي ڪري هن ملڪ جي
عوام کي دهشتگردن کي مات ڏيڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻو پوندو ۽ خاص طور تي انتهاپسندن
تي خاص نظر رکڻي پوندي ۽ جيڪي به پاڪ فوج طرفان طرفان هيلپ لائن نمبر ڏنا ويا آهن
اهو به تمام سٺو عمل آهي، سياسي، سماجي تنظيمن کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجو
ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته دهشتگرد هن وقت عبادتگاهن کي به نشانو بڻائي رهيا
آهن. جيڪڏهن عراق، شام ۽ يمن ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته انهن جو حشر سڀني آڏو آهي
دهشتگرد ته ڀڄي وڃي ٻرن ۾ لڪي ويهي رهندا آهن پر انهن جي موجودگي به ملڪن لاءِ
خطرو بڻجي ويندي آهي، تنهن جي ڪري هن ملڪ
جو امن بچائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي انتهائي سخت قدم کڻڻا پوندا ۽ انتهاپسندي
پکيڙيندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. هن وقت يمن ۽ شام ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ
عالمي سطح تي ڪوششون ٿي رهيون آهن پر ان باوجود امن قائم نه ٿي سگهيو آهي، گڏيل
قومن طرفان به صرف رپورٽون جاري ڪيون وينديون آهن ۽ چيو ويندو آهي ته بمباري ۾
دهشتگردن سان عام شهري به مارجي رهيا آهن.
بهرحال هن وقت داعش کي عالمي
سطح تي خطرو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ داعش جو
هن ملڪ ۾ بار بار ذڪر ٿيڻ به انتهائي خطرناڪ آهي، اڳ ئي هن ملڪ ۾
دهشتگرد پنهنجي وحشي ڪاررواين سان ماڻهن
کي ماري رهيا آهن ته مٿان وري داعش جهڙي خطرناڪ تنظيم جا به دهشتگرد گرفتار ٿي
رهيا آهن، جيڪڏهن وحشي دهشتگردن خلاف
اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي ته مستقبل ۾ اهي هن ملڪ کي کنڊر بڻائي ڇڏيندا. هونءَ
ته ڪجهه عرصو اڳ لاهور مان به ڪجهه دهشتگردن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جن بابت
ٻڌايو ويو هو ته انهن جو تعلق به دهشتگرد تنظيم داعش سان آهي، ان کان پوءِ
ڪجهه ماڻهن کي ڪراچي مان به حراست ۾ ورتو
ويو هو انهن بابت به ساڳئي طرح قانون لاڳو ڪندڙ انڪشاف ڪيا هئا پر ان باوجود وفاقي
حڪومت اهڙين خبرين جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو ويو هو ته هن ملڪ ۾
داعش نالي ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو ڪو به وجود نه آهي، پر هاڻ سيوهڻ ۽ لاهور
ڌماڪن کان پوءِ جن به دهشتگردن کي ماريو پيو وڃي انهن مان ڪجهه جو تعلق داعش سان
به ٻڌايو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ به مقابلي دوران پوليس ڪجهه دهشتگردن کي
ماري ڇڏيو هو، انهن جو تعلق به پابندي
مڙهيل تنظيمن سان ٻڌايو ويو هو. اسان ته صرف وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان ايترو ئي
مطالبو ڪنداسين ته جلد کان جلد دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين هن ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي
سگهي ۽ وحشي دهشتگرد تنظيم داعش کي هتي
پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ کان روڪيو وڃي ته جئين مستقبل ۾ ڪنهن به ملڪ کي پاڪستان تي
آڱريون کڻڻ جو موقعو نه ملي.
No comments:
Post a Comment