Pages

Saturday, 10 November 2018

نئين ۽ پراڻي تڪرار ۾ پسجي ويل عوام


صاحب خان ڀٽي
اسلام آباد جي ڊي چوڪ کان شروع ٿيل تبديلي جي نعري اڄ ملڪ جي هر هڪ شهري جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ماڻهون بيروزگار ٿي رهيا آهن، غريبن جا گهر  ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن، هر طرف ڌرڻن جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي ۽ فتوائون ڏيڻ جو سلسلو به جاري آهي، ايوانن  ۾ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران هڪ ٻئي کي گاريون ڏنيون پيون وڃن  ۽ هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، حڪومتي ڌر ۽ اپوزيشن ۾ ڪو به فرق نظر نه اچي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جڏهن کان حڪومت ۾ آئي آهي، تنهن ڏينهن کان هر هڪ اينڪر، تجزيه نگار ۽سياستدان اهو ئي چئي رهيو آهي ته حڪومت کي موقعو ڏنو وڃي ته اها پنهنجي ڪارڪردگي  ڏيکاري پر افسوس حڪومت  جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ  واري عمل دوران عوام جي چيلهه چٻي ٿيندي پئي وڃي، عام طور تي اپوزيشن حڪومتي قدمن  خلاف احتجاج ڪندي  آهي پر  نئين پاڪستان ۾ اپوزيشن پاڻ کي بچائڻ ۾ لڳي پئي آهي ۽ حڪمران عوام تي ڳرا ٽيڪس لڳائي انهن کان اجهو ڦري رهيا آهن،
نئين پاڪستان ۾  نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر افسوس اڄ ڪلهه هر هڪ سرڪاري اداري مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ريڊيو پاڪستان  کان وٺي آبادي جي ڀلائي واري کاتي تائين ملازم سراپا احتجاج بڻيل  آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ٻيا وزير رڳو پنهنجي ڪارڪردگي  جو راڳ الاپي رهيا آهن، اهڙي ماحول ۾ عوام بابت ڪير به نه سوچي رهيو آهي، پيٽرول مهانگو  ڪري مهانگائي جي طوفان کي آندو ويو آهي، جنهن سان عوام جي چيلهه ئي چٻي ٿي وئي آهي،   ڪچي آبادي جو جواز ڄاڻي ماڻهن  کان اجهو  به کسو پيو وڃي پر بني گالا جي ريگولرائزيشن نه هئڻ باوجود ان کي هدايت ڪئي وئي ته ڪاغذ مڪمل ڪيا وڃن پر غريبن لاءِ هڪ الڳ قانون بڻايو ويو آهي، جنهن جي رڳو هڪ ئي سزا آهي، ته انهن جا گهر ڦريا وڃن.
هونئن ته سڄي دنيا جي ملڪن جون حڪومتون عوام کي روزگار، اجهو ۽ صحت جون سهولتون سميت سمورا انساني حق فراهم ڪنديون آهن پر اسان جي ملڪ ۾ جڏهن کان تبديلي آئي آهي، هر هڪ ماڻهو پنهنجي اجهن کي بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي پر حڪومت کي ڪو به رحم نه آهي، انهيءَ جي ڪري غريبن جي گهرن کي ڊاٿو پيو وڃي، اعليٰ ادارن جا ماڻهو به ڪجهه نه پيا ڪن، حڪومتي ڏاڍ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جيڪو احتجاج ڪري رهيو آهي، انهن خلاف سخت قانون جوڙيو پيو  وڃي، لڳي رهيو آهي ته هي جمهوريت نه پر آمريتي دور آهي، پر هي حڪومت ته آمريت کان به وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هن حڪومت ۾ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، انهن جا گهر ڦري انهن کي کليل آسمان هيٺ آڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام جو جئين جنجال ڪيو ويو آهي،.
ايتري قدر جو حڪومتي قدم سان ملڪ جو چوٿون پائو به بچي نه سگهيو آهي، ڪيترائي ادارا بند ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، ڪرپشن جو خاتمو ڪندڙ ماڻهن جا ڪرتوت روزانو اخبارن ۾ سڄو ملڪ پڙهي رهيو آهي، هڪڙن سان رحمدلي جو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي ته ٻين سان ڏاڍ وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. مطلب ته هر ادارو  هن ملڪ کي پنهنجو مالڪ سمجهي رهيو آهي ۽ عوام کي غلام سمجهي رهيو آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته موجوده حڪومت ماڻهن کي بيروزگار نه ڪري ها نه ئي ڪچي آبادي جو جواز ڄاڻائي غريب جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا وڃن ها، پنجاب کان وٺي سنڌ تائين جيڪو غريبن جا گهر ڊاهڻ وارو رويو حڪومت جو آهي، ان سان عوام ۾ هن حڪومت لاءِ ڪا محبت نه جاڳندي پر اڃا نفرت وڌندي، جيڪي ماڻهو تبديلي جي نعري هيٺ روڊن تي ناچ ڪري رهيا هئا، اهي به اڄ حڪومت جي ٽن مهينن واري ڪارڪردگي ڏسي توبهه ڪري رهيا آهن.
سياستدان وزيراعظم عمران خان تي الزام لڳائيندا آهن ته هو يوٽرن وٺندو آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن حڪومت ۾ هر هڪ ادارو  يوٽرن وٺي رهيو آهي، موجوده حڪومت چئي رهي آهي ته اسان کي خزانو خالي مليو آهي، جڏهن مشرف  جي آمريت وارو دور ختم ٿيو ته ان وقت پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي ۽ ان کان پوءِ نواز ليگ جي حڪومت قائم ٿي، ان دور ۾ به رڳو اهو ئي چيو ويو ته اسان کي خزانو خالي مليو آهي پر  اهڙي صورتحال ان وقت نه هئي، جيڪا اڄ آهي، اڄ  هر اداري کي تباهه ڪيو پيو وڃي،  ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، غريبن جا اجها ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن ۽ قرض لاهڻ جون دعوائون ڪندڙ اڄ پاڻ قرض وٺڻ لاءِ هر هڪ ملڪ جو دورو ڪري رهيا آهن، ڪڏهن اعلان ڪيا ويندا آهن ته چين امداد ڏئي ڇڏي آهي، ڪڏهن چيو ويندو آهي ته اتفاق ٿي ويو آهي، هاڻ چيو پيو وڃي ته وفد چين ۾ ڳالهين لاءِ پهچي ويو آهي.
هڪ طرف آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جون تياريون آهن ته مٿان وري چين ۽ سعودي عرب جو در کڙڪايو پيو وڃي، سمجهه ۾ اچي نه ٿو ته جيڪڏهن ملڪ جو خزانو خالي هو ته پوءِ آخر سئو ڏينهن کان وڌيڪ ڌرڻوهڻي تحريڪ انصاف ملڪ جي معشيت کي تباهه ڇو ڪيو،هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي ته ان ۾ جڏهن ٽن ڏينهن لاءِ ڌرڻو لڳو ته حڪومت جو هوش اڏامي ويو ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ فوٽيجز ذريعي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويوآ هي پر جيڪو ڊي چوڪ تي  ڪجهه مهينن تائين ڌرڻا هنيا ويا، ان نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ بهرحال  نواز ليگ هجي يا پيپلزپارٽي يا وري تحريڪ انصاف، هن وقت اهي سموريون پارٽيون هڪ ٻئي خلاف الزام لڳائڻ ۾ لڳيون پيون وڃن، هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪري رهيو آهي، انهيءَ سڄي ماحول ۾ رڳو غريب عوام ئي پسجي رهيو آهي. هر طرف کان قرض وٺڻ مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت کي پڪ نه آهي ته اها گهڻو دير تائين هلي سگهندي.
جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قرض وٺڻ کان بدران عوام جو اعتماد بحال ڪري ها ۽ ٽن مهينن مان غريبن جا گهر نه ڊاهي ها ۽ نه ئي ماڻهن کي نوڪرين ۾ ڪڍي ها، جن صحافتي ادارن نه رات ڏٺي نه ئي ڏينهن ڏٺو، هر وقت تحريڪ انصاف جي  ڌرڻن کي ڪوريج ڏيندا هئا، اڄ انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ تحريڪ انصاف جي  حڪومت کي بددعائون ڏيڻ ۾ لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومتي جي پاليسين سبب هزارين صحافي گهر ڀيڙو ٿي ويا آهن، آخر حڪومت اهڙو ورتاءُ ڪري ڇا پئي ثابت ڪري، جيتوڻيڪ نوازشريف ۽ آصف زرداري خلاف ڪيس داخل آهن پر ان سان عوام جو ڪهڙو تعلق، ٽيڪس لڳائي غريب ماڻهن کي ڇو پريشان ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو ماڻهن کي 50 لک گهر ٺاهي ڏيندو، اسان جي ته کيس هڪ ئي گذارش آهي ته ڀلي اوهان گهر نه ٺاهي ڏيو پر غريب ماڻهو جيڪي ڪچي آبادين ۾ رهن ٿا مهرباني ڪري انهن جا گهر نه ڊاهيو،  سرڪار جو ڪم عوام کي گهر ڏيڻ هوندو آهي، گهر ڦرڻ نه؟  سرڪاري زمين جو جواز ڏئي ملڪ جي اصل وارثن کي گهرن کان بي دخل ڪيو پيو وڃي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي.  
هونئن ته اوهان وڏا رحمدل پاڻ کي سڏرائيندا آهيو، افغانين، بنگالين،بيهارين کي پناهه ڏني آهي پر انهن کي اوهان غيرقانوني هوندي به ملڪ مان ٻاهر نه پيا ڪڍو؟ آخر ڇو اسان جي ملڪ تي اهو بار وڌو ويو آهي، مهاجرن جي نالن تي امداد وٺي حڪمران کائين ۽ انهيءَ جي سزا ملڪ جي عوام کي ڏئي اوهان ڪهڙي محب وطن هئڻ جو ثبوت ڏئي رهيا آهيو، جيڪڏهن  حڪمرانن کي ملڪ سان ايڏو ئي پيار هجي ها ته ملڪ ۾ ڌاري لوڌ کي آباد ڪرڻ بدران ملڪ جي اصل وارثن کي حق ڏين ها.
هاڻ ته حڪومت ۾ ايتري سگهه به ناهي رهي آهي ته افغانين، بنگالين، بيهارين کي ملڪ مان ڪڍي سگهي، جنهن سبب وزيراعظم عمران خان انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جيڪڏهن اهڙو فيصلو ڪو ٻيو ملڪ ڪري ها ته اتان جو عوام  حڪمرانن خلاف روڊن تي هجي ها ۽ اها ختم ٿي چڪي هجي ها پر افسوس هن ملڪ ۾ ته احتجاج ڪرڻ جي به  اجازت نه آهي، جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪري به ته انهن خلاف سرٽفڪيٽ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ادارا ميدان تي لهي  ايندا آهن. بهرحال اڄ جيڪي بحراني ڪيفيت ملڪ ۾ موجود آهي، ان جو سمورو ڪارڻ ملڪي ادارا آهن، جن ۾ اتفاق نه هئڻ سبب عوام اڄ قرضي بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن سمورا ادارا پنهنجا ذاتي مفاد ويساري ملڪي عوام لاءِ سوچين ته هي ڇڪتاڻ واري صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي  پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن موجوده حڪومت انسانن کي انسان سمجهي ۽ ماڻهن کان اجهو، اٽو ۽ لٽو ڦرڻ بدران انهن کي سهولتون ڏئي، جيڪڏهن ماڻهن کان ڳڀو ڦريو ويو ته هي حڪومت به گهڻو دير نه هلي سگهندي، جيڪڏهن اڃا به ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ ماڻهن کي  بي روزگار ڪيو ويو ته پوءِ  ماڻهو پراڻي ۽ نئين واري تڪرار کي ويساري  ماضي  واري ملڪ ۾ وڃڻ پسند ڪندا۔

No comments:

Post a Comment