صاحب خان ڀٽي
سڄي دنيا ۾ صحافت سان لاڳاپيل
ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ انهن کي ڊيڄارڻ
معمول بڻجي ويو آهي، اهو هڪ رڳو اسان جي ملڪ جو نه پر عالمي سطح تي هڪ وڏو
مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه پئي جوڙي وڃي، جيڪو صحافت سان
لاڳاپيل ماڻهو حڪومت جي حمايت ۾ هوندو آهي، ان کي ڪو به خوف نه هوندو آهي پر جيڪو
صحافي عوام جي حقن ۽ سچ جي راهه تي هلندو آهي، ان کي رڳو ڏکيائن کي منهن ڏيڻو
پوندو آهي، جنهن جا ڪيترائي مثال اسان جي
ملڪ ۾ ملندا آهن، جيڪي ماڻهن مسنگ پرسنس
بابت لکندا آهن، اهي پاڻ مسنگس پرسنس ۾ شمار ٿي ويندا آهن. بحرحال صحافين کي تحفظ
فراهم ڪرڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي، جيڪو حڪومتون نه ڪري رهيون آهن ۽ نه ئي عالمي
ادارو صحافين جي حياتين کي بچائڻ لاءِ ڪي اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي.
اهڙو
هڪ واقعو سعودي عرب جي صحافي سان به پيش اچي چڪو آهي، جيڪو صحافت سان لاڳاپيل هو ۽ حق ۽ سچ لکندي تڪراري بڻجي
ويو ۽ حڪمرانن جي ور چڙهي ويو، جنهن جو اعتراف سعودي عرب عالمي دٻاءُ بعد ڪيو، پر
جمال خاشقجي جي قتل سان انصاف هن وقت تائين نه ٿي سگهيو آهي. ترڪي ۽ سعودي عرب
هونئن ته وڏا سڌريل ملڪ آهن، پر سندن ملڪن ۾ صحافين جو قتل هڪ وڏو سواليه نشان
آهي، خاص طور تي ترڪي جهڙي ملڪ، ڇاڪاڻ ته
ترڪي اهڙو ملڪ آهي، جتي عوام آمريت کي شڪست ڏني ۽ فوج کي ٽيڪ اوور ڪرڻ کان
روڪيو ۽ فوج کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو، مطلب ته هن ملڪ ۾ سجاڳي ٻين ملڪن جي ڀيٽ تمام گهڻي آهي ، هن ملڪ
جو عوام ٻين ملڪن جي ڀيٽ تمام گهڻو سجاڳ آهي پر افسوس جو طيب رجب اردگان جي حڪومت
هوندي به هڪ صحافي کي بي رحماڻي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي قاتلن کي هن وقت تائين
انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو آهي.
سعودي عرب جو صحافي جمال خاشقجي
23 آڪٽوبر 1958ع ۾ مديني ۾ پيدا ٿيو هو، هن پنهنجي شروعاتي تعليم سعودي عرب مان ڪئي،
جڏهن ته 1985ع ۾ آمريڪا جي انڊيانا يونيورسٽي
مان بزنس ايڊمنسٽريشن جي تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ بعد هو سعودي عرب
واپس آيو ۽ هڪ مقامي اخبار ۾ رپورٽنگ سروع ڪئي، انهن کان پوءِ هن ڪيترائي ڪالم
لکيا ۽ سوويت روس جي افغانستان حملي جي رپورٽ به ڪئي. 1980 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ هن القاعده جي اڳواڻن جا انٽرويو به ڪيا. جمال
خاشقجي سعودي عرب جو هڪ مشهور صحافي، تجزيه نگار ۽ ايڊيٽر هو. جمال خاشقجي 2017 ۾
سيپٽمبر جي مهيني ۾ سعودي عرب مان فرار ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ جمال خاشقجي چيو
هو ته سعودي عرب حڪومت سندس ٽوئيٽ اڪائونٽ تي پابندي لڳائي ڇڏيآ هي، جڏهن ته هن
سعودي عرب جي ولي عهد محمد بس سلمان ۽ بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز خلاف سخت ڳالهيون
به ڪيون هيون، هن يمن ۾ سعودي عرب جي مداخلت
جي سخت مخالفت به ڪئي هئي،
صحافي جمال خاشقجي پنهنجي ترڪ مڱيندي
سان شادي لاءِ 2 آڪٽوبر تي استنبول قونصل خاني پهتو جنهن بعد گم ٿي ويو.، پرڏيهي
ميڊيا جي خبرن موجب جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي غائب ٿي ويو هو، کيس آخري ڀيرو ترڪي
جي شهر استنبول ۾ قائم سعودي قونصل خاني ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو هو. ايتري قدر جو ترڪي
جي صدر رجب طيب اردگان به پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته جمال خاشقجي جو قتل سندن ملڪ
۾ ٿيو هو، جنهن جون حقيقتون سامهون آڻڻ به سندن ذميواري آهي. ترڪي پوليس الزام لڳائيندي
چيو هو ته قونصل خاني ۾ صحافي کي قتل ڪري سندس جسم جي عضون جا ننڍا ننڍا ٽڪڙا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته سعودي عرب اهڙن الزام کي
رد ڪيو ۽ اها دعويٰ ڪئي هئي ته جمال خاشقجي زندهه
قونصل خاني مان ٻاهر ويو هو. اهڙي
دعويٰ بعد ٻيهر ترڪي جي پوليس چيو هو ته
اهڙي قسم جي ڪا به سي سي ٽي وي فوٽيجز نه آهن، جنهن کانپوءِ آڪٽوبر جي مهني ۾
سعودي عرب اعتراف ڪيو هو ته جمال خاشقجي قتل ٿي چڪو آهي، اهڙي اعتراف کان پوءِ سڄي
دنيا ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا شروع ڪيا ويا هئا، سندس
قتل جي جاچ ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾
آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو ،
ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو هو
ته سعودي قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي حوالي سان آڊيو ٽيپ جرمني،
آمريڪا، فرانس، سعودي عرب ۽ برطانيا حوالي ڪئي وئي آهي. ترڪ اختيارين موجب ان آڊيو
ٽيپ سان اهو واضح ٿئي ٿو ته صحافي جمال خاشقجي جو قتل ڪيئن ڪيو ويو، سعودي عرب جي
پراسيڪيوٽر هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته 2 آڪٽوبر تي جڏهن خاشقجي قونصل خاني پهتو ته
اتي موجود ماڻهن سان جهيڙو ٿي پيو جنهن جو نتيجو خاشقجي جي موت جي صورت ۾ نڪتو ۽
ملوث ماڻهن سندس موت تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. اسان
جو ته عالمي ادارن کي اها گذارش آهي ته صحافين جي حياتين کي بچائڻ لاءِ اثرائتي
قدم کڻي ته جيئن صحافين جون حياتيون بچي سگهن، جيڪڏهن صحافي جمال خاشقجي جي قتل
سان انصاف نه ٿيو ته سڄي دنيا جا صحافي پاڻ کي
غيرمحفوظ سمجهندا ۽ هر هڪ ماڻهو
عوامي کي سچائي لکي آگاهه ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندو.

No comments:
Post a Comment