صاحب خان ڀٽي
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار بني گالا ۾ غيرقانوني
اڏاوتن بابت ڪس جي ٻڌڻي دوران
ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته موجوده حڪومت وٽ نه اهليت، نه صلاحيت ۽ نه ئي وري ڪا منصوبابندي
آهي، ان کان اڳ اپوزيشن طرفان چيو ويو هو ته تحريڪ انصاف وٽ فيصلا ڪرڻ جي ڪا به سگهه
نه آهي، جنهن سبب يوٽرن تي يوٽرن ورتو
ويندو آهي ۽ فيصلا واپس ورتا ويندا آهن،
بهرحال هن وقت تحريڪ انصاف تمام گهڻو
پرُاميد نظر اچي رهي آهي ۽ اها دعويٰ ڪئي
پئي وڃي ته هو هر هڪ جو احتساب ڪندا ۽ پي ٽي آءِ قيادت طرفان اهڙا بيان جاري ڪيا
پيا وڃن، جنهن سان پيپلزپارٽي پاران به رد عمل سامهون اچي رهي آهي،
مطلب ته جيئن نواز ليگ حڪومت
چوڌري نثار پيپلزپارٽي خلاف ڳالهائيندو هو، هاڻ تحريڪ انصاف جو سڌ سماءَ
وارو وفاقي وزير فواد چوڌري
نواز ليگ سان گڏ پيپلزپارٽي خلاف ڳالهائي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو
ايوانن ۾ رڳو الزامن واري سياست هلي رهي آهي، فواد چوڌري چئي ٿو ته هو چور کي چور
نه چئي ته آخر ڇا چئي، انهيءَ چور واري لفظ تي اپوزيشن پاران ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ
آئوٽ به ڪيو آهي، ايتري قدر جو ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ ٿيل گوڙ تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ معذرت به ڪئي هئي
پيپلزپارٽي جا سينيئر سياستدان
به فواد چوڌري جي نشاني کان بچي نه سگهيا آهن، اڳ ته رڳو نواز ليگ جا اڳواڻ تحريڪ
انصاف جي نشاني تي هوندا هئا پر هاڻ ته
تحريڪ انصاف جون توپون ته سڌيون پيپلزپارٽي ڏانهن آهن پر ان سڄي صورتحال ۾
لڳي رهيو آهي ته عوامي مسئلن تي ڪو به ڌيان ڏيڻ نه چاهي رهيو آهي، هن حڪومت
۾ احتجاج ڪندڙن جي ڪير به داد رسي نه ڪري رهيو آهي، ڪمند جو اگهه هجي يا وري ڪڻڪ
جو معاملو، سنڌ سرڪار رڳو تحريڪ انصاف کي
الزامن جا جواب ڏيڻ ۾ لڳي پئي آهي ۽ شگر ملز مالڪن خلاف به ڪارروائي ٿيندي نظر نه
پئي اچي ۽ آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا
آهن، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي پر سنڌ سرڪار
هارين کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي آهي.
جيڪڏهن سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ کان فارغ ٿين ته پوءِ
انهن کي غريب مسڪين عوام ياد اچي. تحريڪ انصاف بار بار احتساب جو چئي رهي آهي ۽
چيو پيو وڃي ته هر هڪ جو احتساب ٿيندو، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو
آهي ته ڪرپشن پاڪستان جو وڏو مسئلو آهي پر اِهو ڪو واحد مسئلو ناهي ۽ بدقسمتي سان
اسان جي ملڪ ۾ وائٽ ڪالر ڪرائم تي ايترو ڪم ناهي ٿيو جيترو ٿيڻ گهرجي ها، ڪرپشن جي
حوالي اِهو سمجهڻ غلط آهي ته رڳو نيب جي اداري کي مضبوط ڪرڻ سان احتساب جو عمل
بهتر طريقي سان ٿي سگهي ٿو.بهرحال احتساب
وارو عمل آخر ڪٿي دنگ ٿيندو؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر حڪومت
پاران يوٽرن تي يوٽرن وٺڻ واري عملي مان لڳي
ٿو ته احتساب واري عمل تي يوٽرن ورتو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن حڪومت ۾ اهڙا کنيل قدم
سامهون آيا آهن، جنهن جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي، جيئن سرڪاري کاتن مان ملازمن کي ڪڍڻ، ڪچي آبادين کي ڊاهي پٽ ڪرڻ آهي ۽ ان سان گڏ
بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ آهي،
ايتري قدر جو تحريڪ انصاف اڳ
چوندي هئي ته هو ڪنهن کان به قرض نه وٺندا
پر هاڻ ان معاملي تي به يوٽرن ورتو ويو
آهي ۽ سعودي عرب، چين ۽ آءِ ايم ايف کان قرض ورتو
پيو وڃي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته
هي ملڪ رڳو آءِ ايم ايف جو قرضي نه پر
سعودي عرب ۽ چين جو به قرضي بڻجي ويو آهي، اهو قرض حڪمران وٺي رهيا آهن پر
ان جو بار هن ملڪ جي غريب عوام تي ئي پوندو، خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر حڪمران ايترو قرض ڇو ٿا وٺن، ان جا ڪهڙا
سبب آهي، اهو قرض به وياج تي ورتو پيو وڃي،
جيڪڏهن قرض نه لٿو ته پوءِ آخر ڇا ٿيندو؟ حڪمران ان بابت سوچين نه پيا، جيڪا به حڪومت
اچي پئي قرض وٺڻ لاءِ در کڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، چين هجي يا وري آءِ ايم ايف
هجي، مطلب ته جيڪي به حڪومتون آيون قرض
ورتو ويو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ
خساري ۾ آهي ۽ اسٽيل مل، پي آءِ اي سميت ٻيا ڪيترائي ادارا تباهه ٿيڻ وارا آهن پر
انهن ۾ بهتري لاءِ ڪا به حڪومت ڪو قدم نه کڻي رهي اهي، جيڪا حڪومت ايندي آهي، سرڪاري
ادارن کي خانگائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، انهن
حڪمرانن کي تي خبر هوندي آهي ته هو پنج سال حڪومت ڪري واپس هليا ويندا،
باقي لوڙي وڃي عوام، پارٽين جو انهن سان ڪهڙو تعلق،
جيڪڏهن حڪمرانن کي هن ملڪ سان
ايتري محبت هجي ها ته هن ملڪ ۾ سرڪاري ادارا نه خانگايا وڃن ها ۽ نه ئي وري ماڻهن
کي بي روزگار ڪيو وڃي ها. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته پاڪستان 19هين
آءِ ايم ايف پروگرام وٺڻ وڃي رهيو آهي جڏهن ته اِهو پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف
پروگرام هوندو. اهڙي بيان مان لڳي ٿو ته اڄ
به تحريڪ انصاف ڌرڻن وارا ڊائيلاگ ڳالهائي رهي آهي، اڳ جڏهن ڌرڻا هنيا ويندا هئا
ته ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي يا نه ؟ ان
جي تحريڪ انصاف کي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي، هاڻ جڏهن ماڻهو ڌرڻا هنيا
پيا وڃن ته چيو پيو وڃي ته قانون کي هٿ کڻندڙن کي
ڪچليون ويندو، ڪنهن کي به قانون کي
هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اهڙي بيان کان اڳ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته
جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪندو ته هو ان کي ڪنٽينر
ڏيندا پر هن حڪومت ۾ ڌرڻا لڳا پر ڪنهن به
ميڊيا نه ڏيکاريا ، ڪٿي احتجاج ٿي رهيا،ڪٿي نه پيا ٿين ۽ ماڻهن جي ملڪيتن کي ڪيترو
نقصان پهتو، ڪنهن به چينل تي بروقت خبر نه
پئي هلي، ڀلي ان جا ڪهڙا به ڪارڻ هجن پر هن حڪومت اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو
جمهوري حڪومتن ۾ نه ٿيندو آهي؟
No comments:
Post a Comment