Pages

Sunday, 18 November 2018

رڳو سياستدانن جو احتساب ٿيندو؟


صاحب خان ڀٽي
اڄڪلهه وزيراعظم عمران  خان پرڏيهي ملڪن جا دورا ڪري رهيو آهي، سعودي عرب  جا تازو ٻه  دورا ڪري چڪو آهي،  ان کان علاوه چين جو دورو به ڪري چڪو آهي، چيو پيو وڃي ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارت پاران اهم پيڪيج ملي ويا آهن،  اپوزيشن جو چوڻ آهي ته  حڪومت جيڪي قرض کڻي رهي آهي، انهن بابت شرطن کان  ايوان ۾ آگاهي نه پئي  ڏني،  حڪومت کي ايوان کي قرضن بابت وزيرن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.  تحريڪ انصاف جون مخالف پارٽيون اهو به چئي رهيون اهن ته  تحريڪ انصاف اڳ قرض وٺڻ کي  خراب چوندي هئي ۽ هاڻ وزيراعظم عمران خان پاران ملڪن جا دورا ڪري قرض وٺي رهيو آهي، عمران خان پاران اهي قرض وٺڻ تي کيس اپوزيشن پاران سخت تنقيد  جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽر رضا رباني سينيٽ جي اجلاس ۾ چيو هو ته هڪ طرفو احتساب منظور نه آهي، هر هڪ جو احتساب ٿيڻ گهرجي، رڳو سياستدانن جو ڇو احتصاب ٿي رهيو آهي،انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، جن آئين کي ٽوڙيو آهي، اهڙا بيان اڳ به ٻڌڻ ۾ مليا آهن پر خبر نه پئجي سگهي آهي ته سياستدان ڪنهن ڏانهن اشارو ڪري رهي اهن، مطلب ته ڪو به سياستدان  کليل طور ڳالهائڻ تيار نه آهي ته آخر انهن جو اشارو ڪهڙي قوتن ڏانهن آهي، جڏهن سياستدانن جو اهڙو حال هجي ته عام ماڻهو جو ڪهڙو حال هوندو، بهرحال هن وقت اهي ساڳيون حالتون آهن، جيڪي 2013 کانپوءِ شروع ٿي ويون آهن، هن وقت به نوازشريف ۽ سندس ڪتنب خلاف ڪيس هلي رهيا اهن ۽ مٿان وري هاڻ سنڌ جي اڳواڻن خلاف به ڪيس  هلڻ شروٿ  ٿي ويا آهن.  سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث انور مجيد، عبدالغني ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف چسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته انور مجيد کي پمز اسپتال جڏهن ته عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي، هي ماڻهو وڏا بااثر آهن، ڪراچيءَ ۾ سندن حڪومت آهي، کين اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي ته جيئن آزاداڻي نموني جاچ ڪري سگهجي، مڪمل جاچ کانپوءِ ڏٺو ويندو ته کين واپس موڪليو وڃي يا نه، اسان جي آءِ ٽي ان ڪري جوڙي هئي ته جيئن ڄاڻي سگهون ته ڪڪ بيڪس (رشوت) جي پئسن کي قانوني ڪيئن بڻايو ويو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ هن وقت مختلف ڪيسن  کي منهن ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته ناوزشريف ۽ سندس ڪٽنب ته عدالتن ۾ پيشين جا رڪارد ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن جو مثال ملڻ ناممڪن آهي.نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر  به ڪيتريون پيشيون ڀوڳي چڪا آهن، جيتوڻيڪ هن وقت آزاد آهن پر مٿن جيل ۾ ٻيهر وڃڻ واري تلوار لٽڪيل آهي. جيڪڏهن ڪورٽن جو فيصلو مختلف آيو ته کين بيهر جيلن جي ياترا ڪرڻي پوندي. هن وقت ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف ڪارروايون تيز ڪندي اهم اڳواڻن کي عدالتن  ۾ گهرائڻ جو فيصلو ٿي رهيو آهي، ڪجهه اڳواڻ اڳ ئي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهن، نوازشريف ۽ نواز ليگ قيادت هن وقت مڪمل طور خاموش ٿي وئي آهي، ڪو به مخالف بيان سامهون نه اچي رهيو آهي ۽ نه ئي وري عدالتي فيصلن تي ڪو نواز ليگ اڳواڻ پهنجو بيان جاري ڪري رهيو آهي. اڳ ۾  نوازشريف جا بيان تمام گهڻا گرم هوندا  هئا ۽ سندس بيانن جي ڪري ميڊيا تي هنگامو براپا ٿي ويندو آهي پر هاڻ رڳو حڪومت جو موقف کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. حڪمران چون ٿا ته ڪرپشن خلاف هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير فوادحسين چوڌري اپوزيشن لاءِ ته ماحوال تپائي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي هجي يا وري نواز ليگ، ٻئي جماعتون فواد چوڌري جي رويي تي تمام گهڻو ڏمريل نظر اچي رهيو آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽر رضا رباني  سينيٽ جي اجلاس ۾  فواد چوڌري تي لڳايل پابندي تي ڳالهائيندي چيو هو ته سينيٽ جي عمارت ۾ ڏار پئجي ويا آهن، جيڪڏهن هي عمارت ڪري ته پوءِ ڪو به هتان بچي نه سگهندو. هاڻ خبر نه آهي ته واقعي سينيٽ جي عمارت ۾ ڏار پيا به آهن يا وري ڪا ٻي ڳالهه آهي، جيڪڏهن واقعي سينيٽ جي عمارت ۾ ڏار پئجي ويا آهن ته پوءِ جنهن سييٽ جي عمارت  جو ٺيڪو ورتو هو، ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن واقعي ڏار نه پيا آهن ۽ اهو رڳو سياسي بيان  آهي ته پوءِ ڪا پريشاني واري ڳالهه نه آهي پر ان کان اڳ عوام کي اهو يقين ڏيارڻو پوندو ته  سينيٽ جي عمارت ۾ ڪو ڏار نه  پيو آهي، ڇاڪاڻ ته  ايوان ۾ ويٺل عوام جا نمائندا آهن ۽ اهي  عوام جو آواز ايوان تائين پهچائيندا آهن،ا نهن  جي حياتي تمام گهڻو  اهميت آهي. بهرحال اهو ته حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته آخر عمارت ۾ ڏار پيا ته پيا ڇو آهن، بهرحال هن وقت اپوزيشن جو موقف آهي ته وزير ايوان ۾ موجود نه آهن، سينيٽ ۾ به اهڙي ساڳي صورتحال آهي ته حڪومتي وزير ايوانن ۾ اچڻ جي زحمت نه ٿا ڪن. جنهن سبب سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏيندو چيو هو ته وزيراعظم  وزيرن جي ايوان ۾ حاضري کي يقيني بڻائي.
بهرحال وزير اچن يا نه اچن  پر هن وقت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪو به سياسي اڳواڻ سنجيده نظر نه اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن  ڪنهن وزير وٽ وقت هجي ها ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪرڻ لاءِ ايونن ۾ آواز اٿاري ها پر اڄ ڪلهه سنڌ اسيمبلي کان سواءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ  جي اجلاس ۾ رڳو ته وزيرن پاران هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ ڪئي پئي وڃي، ڪو به سياستدان ملڪ جي اصل مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي، ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد مان ماڻهو لاپتا ٿي رهيا آهن، هي اهڙو حساس شهر آهي ، جنهن کي سيف سٽي چيو ويندو آهي، جتان جي سيڪيورٽي به انتهائي سخت آهي پر افسسوس جو هن شهر ۾ ايس ايس پي به محفوظ نه رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد مان ايس ايس پي طاهر خان داوڙ لاپتا ٿي ويو هو، جنهن جو لاش وري افغانستان مان مليو هو، جنهن تي تمام گهڻا سوال اٿي ويا آهن.   جڏهن ته  وفاقي حڪومت هن وقت تائين اهڙا ڪي به  قدم نه کنيا آهن، جنهن سان عوام مطئمن  ٿي سگهي. بهرحال اسان جي حڪومت سان  اها ئي التجا آهي ته مهرباني ڪري عوام  جي  جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي. جيڪڏهن حڪومت هن وقت اهڙا ڪي به قدم نه کنيا  آهن، جنهن جي  واکاڻ ڪرڻ تي اپوزيشن به مجبور ٿي وڃي. پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن حڪومت عوامي مسئلن ڏانهن ڌيان.  

No comments:

Post a Comment