صاحب
خان ڀٽي
گذريل
ڪيتري ئي عرصي کان ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو به
جاري آهي، خوراڪ جي کوٽ ۽ پاڻي صاف نه هئڻ سبب ماڻهو ڪيترين ئي موذي بيمارين ۾
مبتلا ٿي ويا آهن ، اسپتالن ۾ سوين مريض مختلف بيمارين سبب اسپتال ڀيڙا ٿي چڪا
آهن، ڏڪار سٽيل علائقن جا ماڻهو سنڌ سرڪار ڏانهن وانجهائي رهيا آهن پر افسوس
جو نه ته سنڌ سرڪار انهن لاءِ ڪي اثرائتا قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت
ٿر جي ڏڪار سٽيل علائقن جي ماڻهن جي ڪا ڀرگهور لهي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ
ٿر جا ماڻهو بي يار و مددگار بڻجي ويا آهن، روزاني اخبارن ۾ ٻارڙن جي فوت
ٿيڻ جون خبرون سڄو ملڪ پڙهي رهيو آهي پر افسوس جو ڪو به ان معاملي تي آواز نه
اٿاري رهيو آهي، جيڪي به ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن، انهن بابت چيو وڃي ٿو
ته خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، ڪجهه جو چوڻ آهي ته ٻارڙا
بيمارين سبب فوت ٿي رهيا آهن پر افسوس جو سنڌ سرڪار اهڙي حساس معاملي
تي اکيون بند ڪري ويٺي آهي،
ٿر ۾
هاڻ اها صورتحال آهي جو ٻارڙن جي فوت ٿيڻ سان گڏ جانورن جي مرڻ جو سلسلو به شروع
ٿي ويو آهي پر حڪومت اڃا به خاموش ويٺي آهي، هن وقت تائين نه ته وفاقي سرڪار
ٿر جي لاءِ ڪو خاص پيڪيج جاري ڪيو آهي ۽ نه ئي سنڌسرڪار ڪا واهر ڪرڻ جي خاطري
ڪرائي آهي، جنهن کان پوءِ هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته حڪمرانن کي ٿر جي
ماڻهن جو ڪو به فڪر نه آهي ۽ نه ئي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ سان کين ڪو فرق
پئجي رهيو آهي، باقي رهي ڳالهه ڪوئلي جي ته ان بابت سنڌ سرڪار کي تمام گهڻي ڳڻتي
آهي ۽ وفاق به ان معاملي تي هر وقت سجاڳ رهي ٿو پر افسوس جو ڪاري سون جي مالڪن جو
اڄ اهڙو حال ٿي ويو آهي جو سندن ٻچا بک، بدحالي سبب فوت ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن
کي به رحم نه پيو اچي.
جڏهن
قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو ته ان وقت هو ٿر جو دورو ڪندو هو ۽
اسپتالن ۾ وڃي مريضن کان پڇا ڳاڇا ڪندو هو پر هاڻ ته ڪو به سياستدان ٿر ۾ ڏسڻ ۾ ئي
نه ٿو اچي. ملڪ جي هر چينل تي ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال بابت خبرون هلي رهيو آهن پر
افسوس جو حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، اخبارون به ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت
ٿيڻ واري خبرن سان ڀريل نظر اينديون آهن پر ان اهم معاملي
ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه پيو وڃي، وفاق کي افغانستان نظر اچي ٿو، فلسطين
نظر اچي ٿو پر ٿر جا ماڻهو نظر نه ٿا اچن، جيڪڏهن وفاقي سرڪار کي سنڌ جي ماڻهن جي
ڪا ڳڻتي هجي ها ته افغانستان کي ڪڻڪ ڏيڻ بدران ٿر جي ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي
ها.
جڏهن
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جو دورو ڪيو هو ته ان وقت هن
پاڪستان پاران افغانستان جي عوام لاءِ 40 هزار ٽن ڪڻڪ جو تحفو ڏيڻ جو پيغام ڏنو
هو، جنهن تي ملڪ ۾ سڄاڻ ڌرين وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو
هو، ايتري قدر جو ايوان ۾ به ان معاملي کي اٿاريو ويو هو پر ان جو ڪو به کڙ تيل نه
نڪتو ۽ هاڻ وري گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي چيو آهي
ته پاڪستان فلسطين جي امداد ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ لڳي ٿو ته هن
ملڪ ۾ غربت ختم ٿي وئي آهي جو پاڪستان ٻين کي امداد ڏئي رهيو آهي، هونئن به
حڪمرانن ملڪ تي ايترو قرض چاڙهي ڇڏيو آهي، جو ان کي لاهڻ ناممڪن ٿي ويو آهي،
جيڪو قرض ورتوويو، ان سان حڪمرانن مزا ماڻيا ۽ ان جي سزا اسان لوڙي رهيا
آهن، جيڪڏهن حڪمران قرض نه کڻن ها ته اڄ عوام کي هر شئي تي ڳرو ٽيڪس
ادا نه ڪرڻو پئي ها.
هونئن
به ملڪ تي گهڻو قرض هئڻ سبب هن ملڪ جو عوام پنهنجو پاڻ کي غلام ئي سمجهي
رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف هجي يا ڪو ٻيو ادارو، جنهن به قرض ڏنو آهي ۽ اهو
پنهنجي مطلب جا ڪم وٺي رهيو آهي، اهو ئي سبب جو اسان جي ملڪ ۾ هر شئي مهانگي وڪرو
ٿي رهي آهي، هر طرف رڳو مهانگائي جو راڳ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، هاڻ ته هن ملڪ جي
اهڙي حالت ٿي وئي آهي جو حڪمران قرض وٺڻ لاءِ وڃي رهيا آهن ته ان تي به سخت تنقيد
ٿي رهي آهي ۽ آءِ ايم ايف به قرض ڏيڻ کان اڳ پاڪستان جو دورو ڪيو آهي ۽قرض بابت
جائزو ورتو آهي.
بهرحال
قرض ملي يا نه ملي پر وفاقي حڪومت کي گهرجي ته فلسطين جي امداد ۾ واڌ ڪرڻ ۽
افغانستان کي ڪڻڪ ڏيڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو، جيڪڏهن پنهنجي ملڪ جي اصل وارثن
جي مدد نه ڪئي وئي ته پوءِ آخر حڪومت ۾ رهڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. حڪمرانن کي گهرجي
ته ٻين ملڪن کي انسانيت ڏيکارڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ جي عوام تي رحم ڪيو وڃي ۽ ٿر ۾
جيڪي ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي رهيا آهن، انهن جي حياتين کي بچائڻ لاءِ قدم
کنيا وڃن ته جيئن گلن جهڙا معصوم ٻارڙا بچي سگهن، جيڪو هن ملڪ جو مستقبل آهن، جن
جون حياتيون بچايون وڃن. باقي رهي ڳالهه فلسطين ۽ افغانستان جي ته انهن لاءِ
همدردي ڏيکارڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب مرندڙ ماڻهن جي پرگهور لهو ،
ڇاڪاڻ ته حڪمران هن ملڪ جي عوام جي ووٽ سان ئي اقتدار ۾ ايندا آهن، نه ڪي
فلسطين جي ماڻهن جي ووٽ سان ۽ نه ئي افغانستان جي ماڻهن سان.
جن
ماڻهن کي ٻين ملڪن سان ايڏي همدردي ڏيکارڻي آهي ته پوءِ اهي پنهنجي
کيسي مان انهن ملڪن جي مدد ڪن، باقي هن ملڪ جو قومي ناڻو ائين نه لٽايو وڃي. ڪجهه
عرصو اڳ سرتاج عزيز گڏيل قومن ۾ فخر سان چيو هو ته هنن افغانستان جي ماڻهن کي ملڪ
۾ نوڪريون ڏنيون آهن، ساڳئي وقت اسان جي ملڪ ۾ نوجوان نوڪريون نه ملڻ سبب
پاڻ مٿان پيٽرول هاري آپگهات جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن حڪمرانن کي پنهنجي
قوم سان ڪا به همدردي نه آهي ته پوءِ آخر اليڪشن وقت اهڙن علائقن ۾ همدردي
ڏيکارڻ لاءِ ڇو ويندا آهن،
اسان ته
وفاقي سرڪار کي ايتري گذارش ڪنداسين ته مهرباني ڪري ٿر جي ماڻهن جون حياتيون
بچايون وڃن ۽ انهن جي لاءِ ڪنهن خاص پيڪيج جو علان ڪيو وڃي ۽ ٿر ۾ مرندڙ
جانورن لاءِ به ڪي خاص ٽيمون موڪليون وڃن ته جيئن انسانن سان گڏ جانورن به بچي
سگهن. هن وقت ٿر ۾ برساتون گهٽ پوڻ سبب پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي، جيڪڏهن حڪومت
چاهي ته ٿر جي ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪري سگهي ٿي، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي
سگهي ٿو، جڏهن وفاق ان معاملي تي خاص ڌيان ڏئي.
جيڪڏهن
حڪومت چاهي ته پائمپ لائن وڇائي ٿر جي وڏي آبادي وارن علائقن ۾ پاڻي 24 ڪلاڪن ۾
پهچائي سگهي ٿي پر اهو ڪڏهن ٿيندو؟ ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو؟ ڇاڪاڻ ته
حڪمرانن وٽ ٿر جو ڪوئلو پنجاب کڻي وڃڻ لاءِ ڊمپر 24 ڪلاڪ موجود آهن پر ٿرين جي
لاءِ خوراڪ ۽ پاڻي پهچائڻ لاءِ هڪ به گاڏي نه آهي ۽ نه ئي حڪومت ان معاملي
کي حل ڪرڻ ۾ ڪا سنجيده نظر اچي رهي آهي. جيڪڏهن هن وقت به وفاق ۽سنڌ سرڪار ٿر ۾ ڏڪار
سٽيل علائقن جي واهر نه ڪئي ته پوءِ گلن جهڙا معصوم ٻاررا پنهنجي حياتي جي
جنگ هاري ويهندا ۽ سندن ساهه جو سڳو ٽٽي پوندو.
No comments:
Post a Comment